Wednesday, July 13, 2022

ڪچو گوشت - دريا خان شنباڻي

ڪچو گوشت

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



پنجاھ ۽ سٺ جي پيٽي ۾ ڪرڙوَڍ همراھ پنهنجي جي ايل آءِ مان لهي، ميڊيڪل اسٽور ڏانهن وڌيو. دخل تي اسٽور جو مالڪ ويٺو هو ۽ گراهڪن سان مصروف هيو. سو اسٽور جي  اندر بيٺل نوجوان سان سرگوشي ڪندي چيائين؛ “سڀاڻي عيد آھي، ڪچو گوشت وغيره کائڻو آھي سو ان لاء ٻه ٽي ٽڪيون ڏي!”

نوجوان ڪجھ اينٽاميزول ۽ فليجل جون ٽڪيون آنديون ته هو مُرڪي پيو ۽ چيائين “پٽ اهي نه”

“ته چاچا ڪهڙيون”


“ماس کائيندس ماس، سو به ڪچو” هن رازداري انداز ۾ چيو پر نوجوان ڪونه سمجهيو ته هن دخل تي ويٺل اسٽور مالڪ ڏانهن نهاريو، جيڪو هاڻ فارغ ٿي چڪو هيو.

“حڪم ڪيو سائين” اسٽور مالڪ چيو.

مرڪندي چيائين “نوجوان ته آھي پر سمجهي ڪونه ٿو، کيس چيم ته سڀاڻي عيد آھي، ماس جو شوقين آھيان سو ڪي ٻه ٽي ٽڪيون ڏي ته جيئن عيد ڀلي گذري”

اسٽور مالڪ به مرڪيو ۽ چيائين “سائين! هي اڃان ان منزل تي ڪونه پهتا آھن سو ڪيئن سمجهندا” اسٽور مالڪ پاڻ اٿيو ۽ خاني مان ٽڪيون ڪڍي کڻي آيو ۽ هڪ پتو هٿ ۾ ڏيندي چيائين “ٿورو کير وڌيڪ واپرائجو، اصل وياگرا آھي”

هن پرس مان پئسا ڪڍي اسٽور واري کي ڏنا ۽ خوشيءَ خوشيءَ اسٽور تان لهي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو.

 

(دريا خان شنباڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment