Sunday, July 3, 2022

گورنمينٽ ايجنٽ - غفار سومرو

گورنمينٽ ايجنٽ

(مختصر ڪهاڻي)

غفار سومرو



سنڌ جي چوڏھن ضلعن ۾ هڪ ئي وقت بلدياتي اليڪشن ٿي رهي هئي. منهنجي ضلعي جي هڪ تعلقي جي هڪ شهر جي هڪ وارڊ جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي پولنگ جو عمل شروع ٿئي ٻه چار ڪلاڪ ٿي ويا هئا. پر مرداڻي بوٿ ۾ سڪون لڳو پيو هو. خاصي وقفي کان پوءِ ڪو اڙيو ٿڙيو ووٽر آيو پئي، ووٽ ڪاسٽ ڪري چپ چاپ موٽي پئي ويو. لڳو ائين ٿي هاڻ عوام ووٽ ڏيئي ڏيئي ٿڪجي بيزار ٿي پئي هئي. ڇو ته ڪو به لاڀ ڪو نه ٿي حاصل ٿيو.


ڀر واري ڪمري ۾ ليڊز بوٿ هو جتي ٻه فيميل اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پولنگ آفيسر ڊيوٽي سرانجام ڏيئي رهيون هيون. ٿورڙو پريان ورانڊي ۾ پرزائيڊنگ آفيسر ديد واري عينڪ اکين تي چاڙھيو ويٺي خالي لفافن جا ڪالم ڀريا. اڱڻ ۾ ٻه چار مرد پئي ڦريا ۽ هڪ ٻه عورتون ڀت جي ڇانءَ ۾ بينچن تي ويٺيون هيون. اسڪول جي گيٽ تي هڪ پوليس سپاهي لٺ جهليو بيٺو ته سندس سينئر وڻ جي ڇانءَ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي ماحول جو جائزو وٺي رهيو هو.

ڪيڏيءَ مهل ڀرواري ليڊز بوٿ ۾ گوڙ شروع ٿي ويو. ايز اي سينئر اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي ٽيبل پولنگ آفيسر حوالي ڪري مان وڃي جهڳڙي واري بوٿ ۾ پهتس.

ايجنٽ ڇوڪريون اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر فيميل ۽ پولنگ آفيسر فيميل تي داٻا ڪري رهيون هيون.

پڇيومان؛ ”ڇا چڪر آھي ڇو پيون جهيڙيو!؟”

اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پولنگ آفيسر ٻئي دانهيدي چوڻ لڳيون؛ ”هي ايجنٽ ڇوڪريون ڪمري اندر موبائل يوز ڪندي فوٽو ۽ وڊيوز ٺاهي رهيون آهن. منع ڪرڻ تي وڙھڻ ٿيون اچن.“

مون ڇوڪرين ڏانهن ڦري ڏٺو. سندن هٿن ۾ اڃا به موبائل جهليل هو. چيومان؛ ”ادڙيون پولنگ اندر موبائل استعمال ڪرڻ منع آھي سو توهان پنهنجا موبائل بند ڪري پرس ۾ رکو ته بهتر آھي!“

ٻئي ڇوڪريون هڪ ئي آواز چوڻ لڳيون؛ ”اسان موبائل يوز ناهي ڪئي، فوٽو به ناهن ڇڪيا ۽ وڊيوز به ناهن ٺاهيا. هي ميڊمون ڪوڙ ٿيون ڳالهائن!”

ٿورو ناراضگي ڏيکاريندي چيومان؛ ”هي سورھين سترھين گريڊ جون اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پولنگ آفيسر ڪوڙ ٿيون ڳالهائن؟ جڏھن ته موبائل اڃا به توهان جي هٿن ۾ آھي!!؟

“هائو ڪوڙ ٿيون ڳالهائن!” ٻنهي ڇوڪرين رعبدار آواز ۾ گجندي وراڻيو.

مان به ٿورو اڃا سختي ۽ هروڀرو داٻو ويهارڻ لاء چيومان؛ ”خبر به اٿو ته ڪنهن سان پيون منهن ماري ڪريو!؟ اڄ هنن کي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اسپيشل اختيار آھن. هي توهان تي ان جهيڙي ڪارڻ ڏھ هزار ڏنڊ يا ٽي مهينا جيل جي سزا ڏيئي سگهن ٿيون! سمجهيو!؟”

ڇوڪريون هڪ ٻئي ڏانهن نهاري، پاڻ ۾ تاڙي ملائي ٽهڪ ڏيئي، کلي پيون. هڪڙي تن مان نڪ کي موڙو ڏيندي، کلندي چوڻ لڳي؛ “اڇا!! ڀلا توهان کي ڄاڻ آھي ته اسين ڪير آھيون!؟ ڪنهن جون ايجنٽ آھيون!!”

چيم؛ ”ڪو نه! ڪنهن جون ايجنٽ آھيو!؟

هٿ ۾ جهليل موبائل جي اسڪرين اسان سامهون ڪندي، وڏي فخر سان چوڻ لڳي؛ ”ڏسو ۽ سمجهو اسين به گورنمينٽ جون ايجنٽ آھيون!”

اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پولنگ آفيسر، سندن موبائل جي اسڪرين تي رکيل نامور شخصيت جي تصوير ڏسي هڪدم چوڻ لڳيون؛ “ادا! بس خير آھي. ڇڏيو ان ڳالھ کي ڌيئرن سان ڪهڙا ليکا ڪبا، ڀل پيون وڊيوز ٺاهن!”

ڇوڪرين جي مک تي فاتحانه مرڪ وري آئي. مان به ماٺڙي ڪري ٻوٿ ڀيلڙو ڪري پنهنجي بوٿ ۾ اچي ويهي رهيس!!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment