Saturday, July 30, 2022

ادبي انتخاب - لياقت ٿهيم

ادبي انتخاب

تحرير: لياقت ٿهيم



هر روز صبح جو آفيس پهچي، پنهنجي ميز تي سامان رکڻ شروع ڪندو آهيان: ليپ ٽاپ، چارجر، هڪ ٻه پينون، هڪڙي ڪاپي، فون، راتوڪا لکيل ڪاغذ. بئگ مان سامان ڪڍندي ڪڏهن ڪڏهن ائين ڀاسندو اٿم جيئن ڪو رازو پنهنجا رازڪا اوزار ٿيلهي مان ڪڍندو هجي. مان هن آفيس ۾ سنڌيءَ جا سبق لکندو آهيان، استادن لاءِ سنڌي سونهون ٺاهيندو آهيان. ڪي ڪتاب ترجمو ٿي ملندا آهن جن جي چڪاس ڪندو آهيان.

ٻين لفظن ۾، هر روز ڪنهن سبق جي پاڙ پختي ڪندو آهيان، ڪنهن ترجمي جي ڀت ڀڃي نئين سر ٺاهيندو آهيان، ڪنهن تحرير ۾ لفظن کي سِر وانگر گھڙي، پوري چال ۾ بيهاريندو آهيان.


گذريل ڇھ ڏينهن، استادن جي تربيت جي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ ۽ مٺيءَ ۾ هوس. يارهن کن ماسترياڻيون ۽ پندرهن ماستر. کين اهو سيکارڻو هو ته ٻارن کي سنڌي ڪيئن پڙهائجي- يعني سنڌيءَ جا سبق، سنڌي الف- بي  جون مختلف خاصيتون، سادو ويا ڪرڻ وغيرھ سمجھايامانِ. شام جو اتان واندو ٿي هن مضمون لاءِ پنهنجا ويچار اچي قلمبند ڪندو هوس.

تربيت وٺندڙ ماستر ۽ ماسترياڻيون سڀ نوجوان، گھڻو ڪري پنجويھن سالن کان گھٽ عمر جا- هندو، مسلمان، ڪولهي، ڀيل ۽ مينگھواڙ. ٻولي سڀني جي ڍاٽڪي. ڄاڻ واري ماڻهو جي عزت ڪن، مايون توڙي مرد- سادڙا ۽ حيادار.

سنڌي ٻوليءَ جا سبق لکڻ يا يا نوجوان استادن کي پڙهائڻ جي ڪا خاص اهليت پاڻ ۾ نٿو سمجھان. مڙئي ٽڪو پئسو معلوم آهي. ته به خير آهي. سنڌ ۾ اهليت واري ماڻهو جو هونئن به الله کانسواءِ ڪو واهي ڪونهي، ٺِڪري تي پاڙ هوندَس. ڀاءَ به پنهنجو نه ڪندَس.

پر وري به قدرت واري جو احسانمند آهيان.

ڪم ۽ محنت وڻندڙ عمل تڏهن بنجن ٿا جڏهن انسان پنهنجي فطري اهليت کي انهن ۾ ڪتب آڻي سگھي، انهي کي ظاهر ڪري سگھي. جنهن ڪم ۾ توهان جي دل لڳي، نوڪري به اُهائي ملي ۽ پگھار به انهي ڪم جو ملي ته ماڻهو کي ٻيو ڇا گھرجي؟ اهڙو ڪم، محنت مشقت ناهي هوندي بلڪه سخت محنت به اٺن ڪلاڪن جو هڪ خوشگوار عمل هوندو آهي. اهو ڪم توهان جي انسپائريشن بنبو جيڪا توهان کي ٿڪجڻ نه ڏيندي.

انهي ذهني آسودگي واري پورهئي بابت سائين جاويد چوندو هو ته: ’ڪم اهڙو ڪجي جيڪو کُٽي ئي نه.‘

ڪرشن چندر جي هڪ ڪهاڻي ’پٿر دل‘ ۾ هڪڙو هندستاني سک فرانس مان هندستان لڏي ايندو آهي. پئرس ۾ هندستاني مٺاين جو دڪان هوندو اٿس. بمبئي ۾ به مٺائي جو دڪان کوليندو آهي پر نه هلندو اٿس. پوءِ سندس گھرواري کيس سمجھائيندي آهي ته ، ’پئرس ۾ هندستان مٺايون کپنديون. هتي وري تون فرينچ سينٽن جو دڪان کول.‘ ائين ڪندو آهي ۽ ڪاروبار هلي پوندو اٿس.

سو هن ڳالھ جو ٻيو پهلو اهو آهي ته فقط ڪو ڪم اچڻ ڪافي ناهي. انهي اهليت جي ڪنهن کي ضرورت پئيَ ۽ توهان کين ملي وڃو سو وري ماڻهو ماڻهوءَ جو ڀاڳ آهي. ڪراچي جهڙو شهر جتي پنجويهن سالن جي عمر جا سنڌي نوجوان هاڻي سنڌي لکي پڙهي نٿا سگھن (ڇاڪاڻ جو پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پاڙهجي) ۽ اهڙو ادارو جنهن ۾ ڪوبه سنڌي لکي نه سگھي ۽ سنڌي لکندڙ جي کين اشد ضرورت هجي ۽ اتفاق سان توهانکي اتي ملازمت ملي وڃي ته اها گھٽ غنيمت ناهي.  

ٿرپارڪر ۾ استادن جي تربيت دوران ڪجھ ڳالهين جا افسوسناڪ پهلو به نظر آيا. مثال طور سنڌي ماسترن ۾ هاڻي ڪي چند آهن جيڪي سنڌي مواد پڙهن ٿا. ليڊيز استادن ۾ ڪا هڪ به ٽيچر ڪانه هئي جيڪا ڪنهن هڪڙي سنڌي اخبار جو نالو ئي ٻڌائي سگھي. مرد استادن ۾ فقط ٻه ڄڻا هئا جيڪي اخبار پڙهن ٿا. ٻيو مڙئي خير. ڪنهن تحرير جي ويجهو نه ڪڏهن ويا نه وڃن. ٽِڪ ٽاڪ، فيس بُوڪ، فلم- ٽِڪ ٽاڪ، فيس بوڪ، فلم. پراڻن وقتن ۾ پي ٽي وي تي هڪڙو گانو هلندو هو : مين هون ٺيڪ مين هون ٺاڪ، ٺيڪ ٺاڪ، ٺيڪ ٺاڪ. سو هاڻي آهي ٽڪ ٽاڪ.   

مٿين ٽن ڪمن مان پالها ٿين ته پوءِ وري ننڍا ننڍا ڪاروبار اٿن. آخر ۾ وارو اچي ٿو ٻارن کي پڙهائڻ جو. سندن خيال ۾ جهڙي ريت پاڻمرادو ماستر ٿي ويا آهن تيئن ٻارن کي به پڙهائي ويندا. کين ڪهڙي خبر ته اڳين وقتن ۾ سنڌ جا اسڪالر ۽ ليکڪ اصل ۾ استاد پيشي جا ماڻهو هئا. 

ڪي چند ماستر اهڙا هئا جن کي معلوم هو ته سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي نالي ڪي ادبي ادارا به آهن جيڪي درس تدريس بابت ڪتاب ڇاپن ٿا.

اسانجن ادبي ادارن جو اسڪولن ۽ ڪاليجن سان ڪو تعلق آهي به ڪونه. اهي ڪڏهن ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ ويا به نه هوندا جو ڪي ميڙ ئي ڪرائين جيئن آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس وارا ڪراچي جي اسڪولن ۾ اسپيلنگ جي مقابلي جا پروگرام ڪرائيندا آهن، يا ٻارن جا تعليمي فيسٽول ڪرائيندا آهن جن ۾ ڪراچي جا تمام گھڻا ٻار شريڪ ٿين ٿا.

ڪجھ ڏينهن پهرين ’گل ڦل‘رسالي جو 1961 ۾ ڇپيل هڪ پرچو ڏٺم. تن وقتن ۾ رسالي جو ايڊيٽر غلام رباني آگرو صاحب هو. انهي ۾ ٻارن جي ميلي جي هڪ رپورٽ پڙهيم. اها رپورٽ به آگري صاحب جي لکيل هئي. هي ميلو سنڌي ادبي بورڊ طرفان گل ڦل جي سالگرھ جي موقعي تي حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ ٿيو هو ۽ انهي ۾ حيدرآباد ڊويزن جي سوين ٻارن شرڪت ڪئي- ’انڪوائري آفيسر‘ ۽ ’بدنصيب ٿري‘ جهڙا ڊراما پيش ڪيائون، تقريرون ڪيائون، رانديون کيڏيا، اسٽالن تان ڪتاب ورتائون ۽ راڳ ٻڌائون. يعني اڳين وقتن سنڌي ادبي بورڊ، اسڪولن جي سطح تي ٻارن جا ميلا لڳائيندو هو.  

ادبي بورڊ وارن’مهراڻ‘ جا 1940 کان 46 تائين ڇپيل پرچا هڪڙي ڪتاب جي  صورت  ۾ ڇاپيا آهن. پاڪستان کان اڳ سنڌي ادبي بورڊ کي ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ سڏيندا هئا. سائين عثمان علي انصاري مهراڻ جو ايڊيٽر هو ۽ پاڻ سنڌي جو هڪ عمدو نثرنويس ٿي گذريو آهي. هنن پرچن ۾ ڏنل مضمون، شاعري، ڪهاڻيون ۽ خط سڀ پڙهڻ جهڙا آهن. ايستائين جو اشتهار به وڻندڙ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. هڪڙو اشتهار ڪتابن جي ترجمن بابت هو. انهي ۾ پنج کن انگريزي ڪتابن جا نالا لکيل هئا ۽ چيل هو ته ادبي بورڊ اهي ڪتاب ترجمو ڪرائڻ چاهي ٿو، لائق مترجم پنهنجي ڪنهن ترجمي جو نمونو ڏياري موڪلن ته جيئن اهليت مطابق ڪم ڏجي. ٻئي هڪڙي اشتهار ۾ بهترين ڪهاڻي لکندڙ لاءِ انعام جو اعلان ٿيل هو، يعني ڪهاڻي لکي ادبي بورڊ ڏي موڪليو. ادبي بورڊ جو پئنل فيصلو ڪري جنهن ڪهاڻي کي بهترين قرار ڏئي تنهن کي هيترا سَو انعام ملندو. ٽيون اشتهار ادبي بورڊ پاران ڪراچي ۾ ادبي ميلي لڳائڻ جي باري ۾ هو. معنيٰ ماضي ۾ انهن ادبي ادارن جي عوامي سطح تائين موجودگي هئي. 

...............     ............................

هر نئون پڙهندڙ پنهنجي ٻولي ۾ ڪهاڻي يا شاعري کان پڙهڻ شروع ڪندو آهي. لکڻ شروع ڪندو ته به هنن ٻن صنفن سان شروعات ڪندو. نئين سنڌي ادب ۾ انهن ٻنهي صنفن جي کٽولي کڄي وئي آهي. اسان ڀلي پنهنجي شاعري ۽ ناول جي ساراھ ڪندي ابتيون بولاٽيون کائون پر حقيقت ۾ حال ڪونهي. سنڌي ۾ هاڻي ڪي ناول نويس ۽ شاعر ڪونهن بلڪه ٺُڙڪو ڪالم نويسن جا مختلف گروپ آهن جيڪي هڪٻئي جي ساراھ جا ڍڪ ويهي ڀريندا آهن. تنهن ڪري سنڌي ادب ۾ ادبي تنقيد جو ڪلچر به پروان چڙهندي ڏسڻ ۾ نٿو اچي. 

سنڌي ٻولي ۾ ڇپجندڙ نئين ادب جي زوال ماڻهن کي سنڌي کان پري ڪيو آهي. ماڻهو هاڻي اردو پڙهڻ پسند ڪن ٿا.

ٻه- ٽي مهينا ٿيندا جو هڪڙي مائٽ کان هڪ سنڌي ناول کڻي آيس. اهو ڪتاب اصل اردو ۾ هو پوءِ سنڌي ۾ ترجمو ٿيو آهي، پر ڳوٺاڻي سنڌي پس منظر ۾ لکيل آهي ۽ ليکڪ کي انهي ناول کان پوءِ وڏي مرحبا ملي آهي. مائٽ ڏاڍي تاڪيد ڪئي ته ضرور پڙهجو، سو پڙهڻ شروع ڪيم. ناول جي شروعات ۾ ڏيکارن ٿا ته ڪهاڻي جي مکيه ڪردار جو چاچو درزڪي دڪان تي ڪم ڪندو آهي ۽ پاڻ وتي ٿو چاچيءَ جا پاسا وٺندو. وري اسٽيشن تي وڃي ٿو ويهي ته ڪا مائي ملي ته جھاٽو هڻانس. ٽئين باب ۾ وري بس ۾ چڙهي مايون وتي ٿو تڪيندو ۽ او ڳوٺن تائين گڏيو وڃينَ ٿو. يعني سڄو ڏينهن پراين عورتن پٺيان قميص ڪلهي تي اٿس. انهي ايڊوينچر ۾ ماڻهن جي ڦٺ لعنت ۽ ڌڪ بجو به جاري اٿس. صفحن جا صفحا انهيءَ رام ڪهاڻي ۾ چٽ.

پوءِ به پڙهندو ويس ته ير، هيترن داناءَ ماڻهن وھ وا ڪئي آهي ته متان ڪجھ هجيس. پر نه! ڄڻ ته ڦُلهيار پئي ڦَلهوريم. سئو کن صفحا پڙهي، ناگوار ڪيفيت ۾ ڪتاب بند ڪري، ڪٻٽ ۾ پوئين پاسي لڪائي ڇڏيم جو ننڍڙا ٻار اٿم ۽ مان نٿو چاهيان ته منهنجا ٻار هي فحش مواد پڙهن.

هن قسم جا ناول اردو مان سنڌي ۾ ڇو ترجمو ٿي رهيا آهن؟ اردو ۾ تحقيق ۽ ادبي تنقيد ۾ علمي تصنيفن جو تعداد ۽ معيار سنڌي کان گھڻو بهتر آهي. ترجما ڪجن ته انهن جا ڪجن.

وري گذريل هفتي هڪڙو نئون سنڌي ناول شروع ڪيم. انهي جي پهرئين صفحي تي همراھ پنهنجي گھرواري کي هنٽرن سان پيو ٿو ڪُٽي. پهرئين سين ۾ ئي ايڪشن آهي. انهي وٺ وٺان ۽ دس دسان دوران ماريندڙ ۽ مارجندڙ وچ ۾ مڪالمن جي ڀرمار به جاري آهي. ڄڻ ته اسرائيلي جيل ۾ زرقا پئي ڪُٽجي.

علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي هڪ مضمون ’ادب ۽ زندگي‘ ۾ چوي ٿو ته ’شخص واحد جي سوانح جا سچا نشان نهايت اهم حقيقتن جا رازدان آهن. هن جي محافظت سان ئي سوانح نگاري جو حق ادا ٿي سگھي ٿو. جڙتو ڳالهيون ۽ مصنوعي افسانا، جي اسين ڀانيون ٿا ته اسانجي حياتي جي بابن کي رنگين بنائن ٿا، سي درحقيقت ان کي هڪ ڪوڙي قصي ۾ تبديل ڪن ٿا.‘

هي ادب ناهي- جڙتو ڳالهيون، مصنوعي افسانا ۽ ڪوڙا قصا آهن. هي جيئن نه گھر کي ٻهاري ڏئي گند ڪچرو هڪ هنڌ گڏ ڪبو آهي، ائين آهي. ٻُهر گڏ ڪري چون ٿا ته ناول لکيو اٿئون.

ادب کي فائن آرٽ ۾ شمار ڪجي ٿو. فائن معنيٰ باريڪ، تمام سنهڙو. ادب جو ڪم انساني روح جي گھرايُن مان باريڪ شيون ڪڍي اچڻ آهي. عام ماڻهو اهي ڳالهيون نه ٿو سوچي سگھي تنهنڪري ليکڪ اهو ڪم ڪري ٿو. انهي ذريعي شعور جا نوان گوشا پيدا ڪري ٿو، ٻولي ۾ نئون اظهار، نئين وسعت آڻي ٿو، ماڻهن جي ذهنن ۾ پنجا کوڙي ويٺل نظرياتي گرڙ پکين کي ماري مات ڪري ٿو. ادب جو ڪم هڪڙن کي ڊاهي پنهنجو نئون مفاد پرست گروپ ٺاهڻ ناهي. ادب معنيٰ هر قسم جي ذهني، سماجي، نسلي، گروهي ۽ ثقافتي اٿارٽي جو انڪار- نئين شعور جي پرورش. تنهنڪري چيو ويندو آهي ته ڪنهن معاشري ۾ جيڪڏهن طاقتور گروهن جو اسٽيٽس ڪو برقرار آهي ته معنيٰ انهيءَ ٻولي ۾ بيڪار ادب لکجي رهيو آهي. 

افسانو انهي ڪري لکجي ٿو جو اهو انسان کي سوچڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ته هو ارتقا جي ڪهڙي سطح تي پهتو آهي. ڪا ڪهاڻي پڙهڻ بعد توهان جي دل نرم نه ٿئي، چپن تي مرڪ نه اچي ۽ پنهنجي ڪنهن سوچ تي پشيماني نه ٿئي ته اهڙو ادب ناڪام ادب آهي.

سنڌ ۾ جڏهن کان سگهارو سرجڻهار واري ’گھَنڊ مشين‘ هلڻ شروع ٿي آهي، تڏهن کان سنڌي ادب ويچارو وتي ٿو لڪندو. وس پڄيس ته منهن ڏئي وڃي پر ڪٿان نڪرڻ جي واھ نه ٿي مليس. آهو ساهو سگھارو سرجڻهار آهي. ٽِڻي مِڻي ناول مٿان ٽُورو لڳو بيٺو آهي. ڀلا ڀيڻهان ناول، نه ويندين!

ادب ويچارو ڀڄي ٿو وڃي، وري پڪڙي آڻي ٿا ڦٽي ڪنس. ڪڏهن پنهنجن بوگس ڪتابن ۾، ڪڏهن ڊيگھ ۾ ڊگھن ڪالمن ۾، ڪڏهن ادبي فيسٽول ۾، ڪڏهن هِتي ڪڏهن هُتي. 

’جهانجهر آڇيَ مون چون: نيچ نگر ۾ نچ.‘

............   ...................

رومي شاعر ’هوريس‘ هڪ غلام جو پٽ هو.  سندس غلام پيءُ هڪ وڏي جدوجهد بعد پئسا ڀري آزاد ٿيو هو ۽ پنهنجي پٽ هوريس کي افلاطون جي اڪيڊمي آف ايٿنس ۾ پڙهايائين. پٽ کي اتي پڙهائڻ لاءِ به ويچاري کي وڏي محنت ڪرڻي پئي جو انهي اڪيڊمي ۾ غريبن جا ٻار نه پڙهي سگھندا هئا. هوريس ڪجھ وقت رومي فوج ۾ رهيو پوءِ اها ڇڏي سياسي ورڪر ٿي ڪم ڪيائين. سياسي سرگرمين دوران رومي بادشاھ سيزر آگسٽس خلاف ڪم ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سندس مال ملڪيت ضبط ٿي. صفا سڃو ٿي ويو. پوءِ شاعري لکڻ لڳو. سندس شاعري هڪڙي رومي سردار کي ڏاڍي وڻي ۽ انهي کيس روم شهر کان ٻاهر ٻني جو ٽڪرو ڏنو.

ان وقت روم ۾ خطرناڪ گھرو لڙائي هلندڙ هئي ۽ بادشاھ مخالف سياسي تحريڪ ۾ هوريس قتل به ٿي سگھيو ٿي. تنهنڪري خاموشي سان اها زمين قبولي، روم جي متحرڪ سياسي زندگي کان ڪٽجي هڪ ويران ڳوٺڙي ۾ اچي رهيو ۽ هارپو ڪري گذران ڪرڻ لڳو. 

 ڏينهن جو ٻني ڪاهي، رات جو پنهنجي جهوپڙي اندر ويهي شعر لکندو هو. يا وري پنهنجن دوستن ڏي خط لکندو هو. اهي خط هڪ قسم جا مراسله هئا جن ۾ زندگي جي مختلف معاملن بابت پنهنجا خيال قلمبند ڪندو هو. ائين جيئن  مولانا آزاد ’غبار خاطر‘ ۾ لکندو هو (غبار خاطر تان ياد آيو ته مولانا آزاد چئي ويو هو ته سندس اهو ڪتاب ڪنهن به ٻولي ۾ ترجمو نه ٿيندو. اها منع، غبار خاطر جي پيش لفظ ۾ لکيل آهي ۽ اُنهي جا سبب به ٻڌايا اٿس. پر هڪڙي زنئور اهو ڪتاب به سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇڏيو آهي. پيش لفظ پڙهيائين الائي نه!).  

ٻه هزار سال گذري ويا آهن پر هوريس جا اهي خط اڄ به يورپي يونيورسٽين جي گريجوئيٽ ڪورسن ۾ پڙهائجن ٿا. هوريس هڪ خط ۾، پنهنجي هڪ دوست لوليَس مئڪسِيمس کي چئي ٿو: ’ذهني آسودگي ڪيئن حاصل ڪجي؟‘

انهي سوال جي جواب ۾ چوي ٿو: ’ پنهنجي ٻولي جي داناءَ ماڻهن جون تحريرون پڙهڻ سان‘.

داناءَ ماڻهن مان هن جو مطلب هو ته اهي مفڪر ۽ ليکڪ جيڪي کيس ايٿنس جي اڪيڊمي ۾ پاڙهيا ويا هئا- ٻين لفظن ۾ يوناني ٻولي جا ڪلاسڪ.

هوريس موجب اهي ڪلاسڪ رڳو انهي ڪري نه پڙهجن جو انهن جا ليکڪ داناءَ ماڻهو هئا. پر انهي ڪري جو پراڻيون تحريرون اسانکي روزاني زندگي جي چڪر مان ڪڍن ٿيون، هروقت جي ڳڻتي ۽ خوف کان بچائين ٿيون-ذهني اطمينان ڏين ٿيون.

پنهنجي ٻولي جي پراڻن ڪتابن کي پڙهڻ معنيٰ پنهنجي ٻولي جي مري ويل داناءَ ماڻهن سان ٻه منٽ ويهڻ، سندن ڳالھ ٻڌڻ ۽ ساڻن ڪچهري ڪرڻ. هوريس بابت اهو مضمون جنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي تنهن جو نالو آهي ’بريڪنگ بريڊ وٿ دا ڊيڊ‘ (مري ويل ماڻهن سان ماني جا ٻه گرنهن).

....................  .............

هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ٻولي ۾ ڪا نه ڪا صنف وڻندي آهي: ڪن کي شاعري وڻي، ڪن کي ناول، ڪن کي ڪهاڻي. مونکي مضمون وڻندو آهي.

مضمون ۾ نثرنويس کي اهو ميدان ملي ٿو جو سليس ٻولي ۾ ڪنهن هڪ موضوع تي لکي سگھي، پنهنجا ويچار ٻڌائي سگھي. هڪ طرح سان مضمون ۾موضوع بابت ليکڪ جا خيال شامل هوندا آهن، سندس شخصيت جو عڪس ظاهر ٿيندو آهي.

گذريل مهيني سنڌي ۾ چونڊ مضمونن جو هڪ مجموعو ’هُٻڪار‘ نظر مان گذريو. ’هُٻڪار‘ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ترتيب ڏنل ۽ 1975 ۾ ڇپيل آهي. منجهس گذريل صدي جي پهريَن پنجاھ ورهين جي نامور سنڌي نثر نويسن جا ٻاويھ  مضمون آهن. هي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران ڇپايل آهي (انهي شعبي جا 1970 واري ڏهاڪي ۾ شايع ٿيل ڪيئي ڪتاب ڏٺا اٿم، يعني انهن وقتن ۾ سنڌي شعبي پاران تسلسل سان ڪتاب شايع ٿي رهيا هئا. هاڻي به هوندا پر خبر ناهي). 

مضمونن جو هڪ ٻيو ڪتاب ’چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا‘ به ڪنهن تحرير ۾ لکڻ لاءِ پڙهندو رهيس. هي مجموعو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 1980  ۾ شايع ٿيو آهي. تڏهن سنڌالاجي ۾ ڊائريڪٽر نه پر انچارج هوندا هئا. هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ۽ انسٽيٽيوٽ جو انچارج ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هو. ڪتاب ۾ اوڻيھ چونڊ مضمون ڏنل آهن.

سنڌي ۾ اصلوڪن مضمونن لکڻ وارو پهريون ماڻهو پرمانند ميورام هو. سنڌي جو لغت نويس به هو. انگريزي کان سنڌي ۾(گھڻو ڪري) پهرين ڊڪشنري به ٺاهيائين جيڪا اڄ به ڪارگر سمجھي وڃي ٿي. جيئن اڄوڪي دور ۾ اخبارن ۾ مختلف نوعيت جا مضمون لکجن ٿا ۽ پوءِ انهن کي گڏي ڪتابي صورت ۾ ڇاپيو وڃي ٿو، پرمانند ميوارام بلڪل اهڙي ريت اخبارن ۾ مضمون لکندو هو جيڪي پوءِ ’گل ڦل‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپايائين.

’چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا‘ مان هڪ مضمون جو انتخاب هتي ملاحظي لاءِ ڏيان ٿو. اهو مضمون پهرين 1940 ۾ لکيو ويو هو ۽ بعد ۾ ’لاڙ جو سير‘ نالي ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو. يعني هن مضمون ۾ توهان جنهن سنڌ بابت پڙهندا سا اسي- نوي سال اڳ جي آهي. 

پر پهرين ٻه اکر مضمون نويس سائين الهبچائي يار محمد سمي بابت:

الهبچايو يار محمد سمون (وفات 1958) تعليم کاتي ۾ ملازم هو. پڙهائڻ ۾ ڀڙ، رحمدل استاد ۽ اعليٰ پايي جو نثر نويس هو. سمي صاحب هي مضمون ائين قلمبند ڪيا جو اسڪولن جي گشت دوران، ڪم ڪار کان واندو ٿي، ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ جي اوطاق تي هليو ويندو هو. ڳوٺ جو ڪو ماڻهو کيس ڏڌ ماني کارائيندو هو ۽ هنڌ بسترو ڏياري موڪليندو هو. شام جو جنهن مهل ڳوٺاڻا اوطاق ۾ اچي گڏ ٿين ٿا ۽ پاڻ ۾ ڪچهري ڪن ٿا ته هي اها سڄي ڪچهري ويهي ٻڌندو هو ۽ پوءِ پنن تي اُتاري وٺندو هو. هڪ طرح سان ’لاڙ جو سير‘ نالي سمورو ڪتاب سندس حافظي مان اتاريل آهي. 

سندس ٻيو ڪلاسڪ ’ڪوهستان جو سير‘ به ائين لکيل آهي.

ڪراچي جي ڳوٺ مريد خان بڪڪ ۾ جتي پاڻ هيڊ ماستر هو، تن وقتن ۾ اسڪولن ۾ يونيفارم ۽ بوٽ پائي اچڻ جي پابندي نه هوندي هئي. جنهن ٻار کي جيڪو آيو سو پائي ايندو هو. پراڻي گوليمار کان ڪجھ مڪراني ڇوڪرا سندس اسڪول ۾ پڙهڻ ايندا هئا. انهن جي گھٽين ۾ ڪِنو پاڻي بيٺل هوندو هو ۽ اهي ٻارڙا روز ٽنگن تائين گپ ۾ پير خراب ڪري ايندا هئا. مٿن ڪڏهن به نه ڪاوڙبو هو. روزانو سندن پير نلڪي تان ڌوئرائي، کين ڪلاس ۾ ويهاري پڙهائيندو هو.

ڪنهن ڏينهن جيڪڏهن اهي ٻار نه اچن ته پڇندو هو ته ’اهي لانگ بوٽ وارا ڇوڪرا اڄ نه آيا ڇا؟‘ لانگ بوٽ انهي ڪري چوندو هو جو انهن ٻارن کي گوڏن تائين گپ چنبڙيل هوندي هئي.

’لاڙ جي هڪ رات‘ سنڌي حال احوال جو هڪ سهڻو نمونو آهي. هن جو پس منظر هي آهي ته ڪجھ ماڻهو اوطاق تي ويٺا آهن. هڪڙو پيرسن ماڻهو ٻاهران اچي ٿو. اوطاق ۾ ويٺل ماڻهو کانئس حال احوال وٺن ٿا. اهو پير مرد کين ٻڌائي ٿو ته مان ڪير آهيان ۽ ڇو آيو آهيان.

ڪير آهيان ۽ ڪهڙي ڪم سان آيو آهيان... اهو احوال ڪتاب جي چئن صفحن تي لکيل آهي. سندس ٻولي ڏسو! ڏسو ته لاڙ جو عام هاري ڪيڏي عمدي ۽ چٽي ٻولي ٿو ڳالهائي، اسمن مان فعل ۽ ضمير ڪيئن ٿو ٺاهي.

هي تحرير ڪو سوچيل سمجھيل افسانو ناهي پر لکڻيءَ ۾ ايڏي ته پختگي آهي جو ’لاڙ جو سير‘ کي بي اي جي ڪورس تي رکيو هئائون. هي مضمون هوبهو ائين اتاريو اٿم جيئن لکيل آهي. پراڻي صورتخطيءَ وارا لفظ به جيئن جو تيئن رکيا اٿم.   

لاڙ جي هڪ رات

’ڪنهن به ملڪ جو سير تيسين سجايو ڪين ٿيندو، جيسين اتان جي ماڻهن سان پورو لھ وچڙ ۾ نه اچبو. مون کي ته انهيءَ ڳالھ تي پورو ويساھ آهي ته هر هڪ ملڪ جو علم ۽ ادب، تهذيب ۽ تمدن، حسن ۽ اخلاق جيترو ٻهراڙيءَ ۾ سٿيل آهي، اوترو شهرن ۾ ڪونهي. وڏو شهر، وڏي ويراني. تنهنڪري جي ڪو آدمي کوجنا لاءِ ڪٿي وڃي ته اهو وڃي پکيرن جي پناري پوي. اتان جيڪي هڪ رات ۾ هٿ ڪري سگھندو سو شهرن مان سال ڀر رهڻ سان به ڪين وٽيندو.‘

’آءٌ پنهنجي عقيدي موجب، لاڙ جون لَيُون لتاڙيندي، جھنگ جھر جاڳيندي، ڪهي وڃي ڪينجهر ڪنڌيءَ پهتس. پريان سونڊن جو شهر به سڏ پنڌ هو، هيڏانهن هيلايا به هڪيا منهن ۾ هئا، پر چيم ته جنهن سانگي سان سفر سنڀوڙو آهيان، اهو سانگ شهرن مان سَرجي ڪين سگھندو.  تنهنڪري پَري وڃان پکيرن جي پار. ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ رس ڀري رهاڻ ڪرڻ وارا راڻا ضرور ليَن ۽ لاڻَن جي اوٽ ۾ هوندا.‘

’ائين اوريندي لِڪي ويس هڪ لَٺ ۾. وڏيرڙي وانڍ ۾ ويڙھ هئي. منجهس ڏھ -پندرهن پرهياڙو هئا. مون کي هڪ ڇني ۾ ڇتر وجھي ڏنائون. خير جو سج لٿو، مال سهڙيا، هاري ناري ڍور ڍڳا ٻڌي ڀاڻِن ڀريا. ٽڪر ٽانبو کائي، حُقو سَر ڪري، سرندا آيا. ٻه ٺپي خبر چار ڏئي وٺي ويهي رهياسون. جهڙو وَکر تهڙو هوڪو. ڪي پوک جي پچار ۾، ڪن کي مال جو مامرو. مطلب ته هرڪو پنهنجن ۾ ئي پُوتو پيو هو.‘

’ڪچهريءَ ۾ ڳالهين پٺيان ڳالهيون ڪندي، هر ڪنهن جو منجھ کليو پوي. ڳوٺ وڏيرو مڙيوئي ساروکو ۽ سرتيو ٿي ڏٺو.‘

’ڪچهريءَ اڃان مس رس ورتو ته هڪ پير مرد ٻاهران اچي سلام ڀريو. هڪڙو ڪچهريءَ مان اٿي اڳتي ويو. کيڪار ڀليڪار ڪري ڪوٺي آيس ڪچهريءَ ۾. دستوري خبر چار پڇي، وڏيري چيس ته؛ ’ادا، هاڻي ڪي سنهيون ٿلهيون سَلِ. اويري اچڻ جو حال ڏي.‘

’ويچارو پير مرد، پنڌ جو ڳهيل، منزل جو ماريل، ڪشالي جو ڪڍيل، ٿڌو ساھ ڀري چوڻ لڳو ته، ’ وڏيرا، خبرون مڙيوئي خير. ذات جو جڳهيو، ويٺل اصل بٺورو، هاڻي ڪينجهر جي پراڙين ڪپ. ستين پيڙهي ڀاڳيو آهيان. مند ماٺي ڏسي، ڍورن جي سانگ تي وطن ڇڏي، جھڳو پٽي اچي هت رهيس. ڌڻيءَ سائين سڀڪي ڏنو آهيم. اولادي مرادي، پٽن جو پيءُ، وڳر وارو آهيان. ڪڻم بک ڪانهي...پر ههڙا جي واءَ لڳا ته اهي مهلون به پري ڪين آهن، جو پروسيڪا ٿي، ڌاريان در ڏسنداسون ۽ اڄ جيان ڪمهلو پراين چلهن تي دونهان جھپيداسون.‘ ائين چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.‘ 

’وڏيري ۽ ٻين ويٺلن هنياري ڏئي ماٺاريوس. ٿورو رکي، ڏکي پي، هنجون اگهي چيائين ته: ’سائين! پُٽ ته سپُوٽ، ڪپُوٽ مان ڪڄڙو جڙي؟ سڪيلڌو آهيم هڪڙو، پر آنڊا به ڄري ڇڏيئين. جيڏانهن ڪيڏانهن گلا، ڏوراپا ۽ پڇا. ڪنهن پنهنجي يا پرائي پار منهن ڪڍي ڪين ٿو سگھان. هٿ ائرو ٿي پيو آهي. مڃڻ جو ئي ڪينهي. وڏي جو چُوئڻ ته ڄڻ ڪانُ ٿي ٿو لڳيس. ادا آءٌ ڪُڄا چوان، پنهنجي جي هلڪائي ڪرڻ آهي پير مان لاهي منهن ۾ هڻڻ. مون کي به ڏور پٽين ڪنان ڄري ڇڏيو آهينس. اوُھ ٿي پييم تڏهن آيو آهيان. اوهان سڀرن وٽ هٿ سيڪڻ. ڪم ڪار ته اصل ڪري ئي ڪونه. ڪڏهن کڻي چُجيس ته ڍورن سان وڃ ته ٽيئڙ چڙهيو وڃيس. رڌي پچائي تيار ڪري ڏجيس ته پوءِ کائڻ جو کرو، باقي ڪم جو ڍرو.‘

’ڪالھ به هر جا ٻه وراڻا واري، منهن ڀيلو ڪري ويهي رهيو. آءٌ جان ڀيرو ڏيڻ وڃان ته مڙس ٺهي ئي ڪونه. هيڏانهن جو لوڻو ڀيريان ته ٻٻر جي ڇانئيءَ ۾ ويٺو اونجهري. ڍورن جي اس ۾ سهڪي پئي پوئي. ڪڻس اهو به خيال ڪين آيو ته گگدام ڇوڙي ڇاني ۾ ڇڏيان. مونک به، نه جا سا بخيلي کڻي ويئي. ڪڻس ٻه ٽي پاراتا ڇڙٻون ڏنم. ڀانيم ته چڱائيءَ جو چوندي چڙندو ڪين. پر اهڙو ته مردار ٿيو جو بانٺو کڻي الر ڪري آيو. جيسين مون تائين پُنون، تيسيتائين ٻه ٽي ڍيرا به مون پار وتايائين.‘

’مون به چيو ابا الله پليئي، وڃي ڍنڍ ۾ پئو، مون واري اوڙ نه اڀري ته وڃي کڏ ۾ پوئي. ائين چئي پوئتي ڀريس. ڀائو؛ جي ويجهو وِڃانس ته هڻي ڏانگوري وجهيم.  اسان وڏارڙا ماڻهو، اسان ۾ سهڻ ڪٿي. ڪو سجائتو سونٽو لڳو ته ڪم ئي اڪلي ويندو.‘

’اڃان اُهائي مهل هئي ته پوئتان ڌِيڻم ڊوڙندي آئي. چُئين ته ابا، گھرين پيا ڪوٺينئي. مون پڇيو ٻچا خير ته آهي؟ چئين ابا اسان جو هٽار ڏيون مل واڻيو آيو آ، ڪوٺينئين ٿو. واپاريءَ جو ڏکيو پنڌ سُڻي مونک به سُجهي آئي ته اهي پيرِي پُٽم جا. سيٺ سان اسان جو اباڻو رستو، هوندي اڻ هوندي وٽائنس کڻي کِيون. آئيءَ ويل وڃي مهل ڪري موٽون. ساڻس ڪارپت به ڪانه وڃائي آهينيون، پوءِ ڪڄڙي لاءِ ڪهي آيو آ. آءُ به اهي وسوسا ڪندو، ڊڄندو گھر ويس. سيٺ هو رڄ مڙس، اسان جي پاراپي تي جيڪو ڪڻنون کپندو هو سو گھر ويٺي پڄائي ڏيندو هو. نيٺ خبر چار ساڻس ڪيم. ساري سورن جي سڻايائين. چيائين ته: ’پٽهين اوهانجي پرپٺ آيو هو. چيائين ته ابا ڪڻم موڪليو آ، زميندار کي رک جي چاري لاءِ مال جي پنچري ٺاهي ڏيڻي آ، هارپي تي کنيل زمين مان ڪُهَڙ ڪڍي ساڙائڻا آهن، تنهن لاءِ پنجاهي رپين جي هٿ اُڌوري ڏينم، چنڊ ڌاري پهتي ڪيندوسانءِ. تنهن کي هي ڇهون چنڊ ٿو ڏسجي. اڃان تائين اوهان مان ڪنهن منهن ئي ڪين ڏيکاريو آ. ڪي چوم ته اوهان پار ماڻهو منجان، ڪي چوم ته ماٺي رهان، پر پوءِ پڪ ٿيم پٽهين وچان ئي جهٽ هڻي ويو آ. تنهنڪري آنکي ٻڌائڻ آيو آهيان. ٻيو سارو سک.‘

ڳالھ ٻڌي ڪڙهي رهيس. هنئين تي تئي ٿي ڀيم. پِيرين جي پِٽيل کي پڇ ته  ڪڻئين ڪهڙي بک؟ الله جهجهو ئي ڏنو آهينئي، پوءِ به نانگو جي ٻرن ۾ هٿ وجھندو ڀُڻين؟ تنهن مان توکي هٿ ڪڄاڙو ٿو اچي؟ اسان جي به ڪارپت ويئي، ۽ تون به راڄ ۾ ڪڙو ڪڌو ٿئين. اسين ڪکين ڍڪيا ماڻهو، مٿئون سهي واري کل، هٿ کنئي ڦڦڙ پڌرا. هن اوسر ۾ نه ڪو ڏي نه ڪو وٺي. ڀاءَ، ڀاءَ ڪنان بيزار. ڪو ڪنهن جي چڙهيءَ ۾ آسرو ئي ڪونه رکي. اهي ٽاڻا ئي ٽري ويا، جڏهن ماڻهو تِر داڻون به پتيون ڪندا هئا. اڄ هرڪو سياري جي سوڙ پاڻ ڏي پيو سيري. هاڻي هن سر ڏڪار ۾ اسين مارو ماڻهو پرديس منجھ ڪنهن ڪنان پنين پورائو ڪريون. واڻيون ويچارو، دسيون لتاڙي آيو آ، تنهن کي به ضرور هٿ سڃ ڪبي. نيٺ ساڻس ئي مهاڙ آهي. وڄهارو ٿي کڙھ لاهي، مال ۾ ڌوڃ ڪري ڇڏم، چوم به ڪڻس ائين ته جا تو يار نهاري سا ڌڻي کڻ ۽ پنهنجو وڻو ڪري وري وڃ.‘

’پر سيٺ ڪٿي ٿو ائين ڪري. چئي مال اوڏو مور نه وڃان. قرض نه جڙيو ته ڀئو ڪونهي. هاڻي ته آئون اولجي پيس. هٿئين خالي واپاري وارڻ به ڏکيو ٿو لڳيم. آءُ وڏارڙو مڙس، ڏينهان البت خاصو، پر راتيان ڊوک ڪانه پئيم. لاچار ٿيس، اندر جي باھ کڻي کنئيس. ماني پاڻي وِھ ٿي لڳم. جوڙا هٿ ۾ کڻي جيئن ڀڳو آهيان، تيئن تو وٽ اچي وساڻو آهيان. هاڻي پنهنجو لائق ڪر، مون اڙئي جي اڙتي لاھ. ڪارپت ويئي ته سڀڪو ويو. هٿ اڌارو ڏينم ته وڃي واپاري واريان. ٻيو ساروئي خير.‘

 

(لياقت ٿھيم جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment