Wednesday, July 13, 2022

در در جو هوڪو - دريا خان شنباڻي

در در جو هوڪو

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



هو پوري ملڪ جي در در ويو ۽ دروازو کڙڪائي چوڻ لڳو، “نئون ڪوٽ وارو واقعو مون ناهي ڪرايو”

نه ڇڏيائين، پوليس اسٽيشن، نه ڇڏيائين عدالتون، نه ڇڏيائين عوامي نمائندن جا گهر، نه ڇڏيائين اميرن جون حويليون، نه ڇڏيائين عورت تنظيمون، نه ڇڏيائين انساني حقن جون دعويدار ڌُريون..... هر هنڌ، هر جاء هوڪو ڏيندو رهيو ته “نئون ڪوٽ وارو واقعو مون ناهي ڪرايو.”

ائين ڪنهن به نه پڇيس ته “تون آخر آھين ڪير ۽ تون ائين ڇو پيو چئين!”


ائين هو انهن نياڻين جي گهر ويو جتي انهن نياڻين جون آهون دانهون هيون جن سان نئون ڪوٽ ۾ ظلم ٿيو ۽ انهن جي در تي بيهي دروازو کڙڪايائين ۽ جڏھن انهن نياڻين جي ماءُ نڪري آئي ته ان کي چيائين “تنهنجي نياڻين سان اهو ظلم مون ناهي ڪرايو”

“باقي ڪنهن ڪرايو؟!”

“نئون ڪوٽ جي ڏاڍن مُڙسن”

“اها ته مون کي به خبر آھي پر تون ڪير آھين!”

“مان ڪو نه ٻڌائيندس”

“ڇو؟”

“پوءِ تون مون تي لعنت ملامت ڪندينء”

“جڏھن تون ان ڏوھ ۾ ناهين ته پوءِ هروڀرو تو تي ڇو لعنت ڪنديس”

“مان ڪو نه ٻڌائيندس ۽ جڏھن ٻڌايم ته تون لعنت ڪرڻ کان نه مڙندينء”

“مون چيو نه ته تو تي هروڀرو ڇو لعنت ڪنديس، پر ٻڌاء ته ڪير آھين”

“مان شيطان آھيان پر اڄ اوهان سڀئي انهن ڏاڍن مڙسن تي لعنت ڪيو جن مون کان لڪي ڪري منهنجو روپ ڌاري اهو ظلم ڪيو آھي ۽ مون کي به لڄايائون ۽ مان لعنتير به انهن تي لعنت ٿو ڪريان!!”

 

(دريا خان شنباڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment