Sunday, July 3, 2022

ڪڏهن ته ملنداسين - غفار سومرو

ڪڏهن ته ملنداسين

(مختصر ڪهاڻي)

غفار سومرو



ويندي ويندي آھستگيءَ سان هٿن مان هٿ کسڪائيندي ڌار ٿيندي چيو هئائين؛ ”سرنهن پيلا جهليندي گُل، انهن کيتن ۾ ملنداسين!”

پنهنجي ٻنهي اکين جون آليون ٿي ويل پنبڻيون، ھٿ آڱرين سان اگهندي چيو هيومانس؛ ”ضرور ملنداسين!”


انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هر روز صبح شام، ٻنيءَ تي وڃڻ ٿئي ٿو. کيت کي چار ڀيرا چڪر ڏجي ٿو. سرنهن پيلا گُل به جهليا آھن، ڦريون به پڪيون ٿيڻ لڳيون آھن ته ان به پچي راس ٿيڻ تي آھي. پر سندي قول موجب، هوءَ اڃا تائين ڪو نه آئي آھي.

مندون مٽجنديون رهن ٿيون. سالَ، ڪالَ ٿيندا پيا وڃن. عمريون، ڳرنديون پيون وڃن. وارَ، ڪمزور ۽ سفيد ٿي، جهرندا پيا وڃن. هٿن ۾ رڦڻي، ٽنگن ۾ ڏڪڻي وڌندي پئي وڃي. دل جي تارن جو رڌم، بگڙجندو پنهنجي لئه مٽائيندو پيو وڃي!

پر هڪ آس اندر ۾ اڃا به باقي آھي. اهو ئي گيت چپن تي جاري آ،،،

سرنهن پيلا جهليندي گُل، انهن کيتن ۾ ملنداسين!”

الاءِ جي ڪڏھن ملنداسين!!

الاءِ جي ڪڏھن ملنداسين!!

هڪ آھ اندر مان امالڪ اڀري ڀڙڪو ڏيئي اڏامي سرنهن جي کيت ۾ وڃائجي وڃي ٿي ۽ پوڙھا ٿيندڙ پير، ٿڪل ٿڪل قدم کڻندا، گهر ڏانهن موٽ ڪندا وڃن ٿا.

------------

ٻنيءَ تان واپس ورندي آءُ ساڻس گڏيو ٿي آيس ۽ هو ٿڪل قدمن، ڳوڙھن ڀريل اکين ڊٺل دل ۽ لرزندڙ زبان سان پنهنجي جيون ڪٿا جا ورق پڙھندو ٿي ويو. آءُ سندس ڀرسان بلڪل خاموش پوري ڌيان سان ٻڌندو ٿي رهيس.وچ ۾ بلڪل به ڪو نه ڳالهايس. ڳالهائڻ جي همت به ڪري ڪو نه سگهيس.

.............

چڱي پر ياد آھيم اڄ به اهو ڏينهن ۽ اها گهڙي جڏھن پهريون ڀيرو هي اڀاڳيون اکيون سندس ڪڻڪائي رنگ روپ، ڪپھ جي ٻوٽي جهڙي ڀرپور قدڪاٺ ۽ سرنهن جي پيلن گلن جهڙي سونهن جو جلوو پسي سندس ڪنن جون واليون ۽ خوبصورت ٻانهن جون چوڙيون ٿي پيون هيون. تڏھن هن به نشيلا نيڻ کڻي مسڪرائي نهاريو هو ڄڻ صفا ماري لاٿي هو.

پهرين ملاقات ٻنيءَ تي گهمندي سندس سڏ ٻڌي ويجهو وڃي، ساڻس مٿو مٿي سان ٽڪرائي گاھ جي ڀري ڇڪي ٻڌرائيندي کيس مٿي تي کڻائيندي ٿي هئي. اسان جا مٿا ڇا ٽڪرايا هئا ڄڻ ٻن دلين لائون لهندي عشق جي ابتدا ڪري ورتي هئي.

گاھ جي ڀري کڻائيندي سندس هٿ ڇهاءُ رڳن ۾ رت جي رفتار وڌائي ڇڏي هئي ته نيڻ نيڻن سان وچڙي وٽجي سٽجي ٻکجي ويا هئا. چئني چپن تي روميءَ جو رقص روان دوان ٿي ويو هو.

ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. ڏسڻ، پسڻ چوڻ ۽ ٻڌڻ جو روح پرور رستو کلي پيو هو. ٻنهيءَ پاسي سڪ سانوڻ جي برسات ٿي پئي هئي. هٿ هٿن ۾ وٺي هڪ ٻئي جي چپن تائين جي واٽ وٺي چڪا هئا پر چپن جي چس ڀري چرپر اڃا ڀاڳ ڪو نه ڀڙايو هو.

تنهن ڏينهن ڪاليج کان موڪل هئڻ سبب صبح سوير ئي هميشه ملڻ واري هنڌ پهچي سندس اوسيئڙو ۽ انتظار ڪندي ڪانو سج چڙھي آيو هو. هوءَ به ٻني تان ماڪ ڦڙن تي پير رکندي اچي ساڻ ويٺي هئي. واٽر جي ڪنڌيءَ تان ڇٻر جو هڪ تيلو پٽي ڏندن سان ٻه اڌ ڪندي چيائين” ڪيستائين ائين واٽر جي ٻن ڪنڌن جيان پري پري رهنداسين!”

سندس هٿ هٿن ۾ وٺندي وراڻيم؛ ”هن واٽر ۾ وهندڙ ڇڙهيو پاڻي جيئن ٽُڪا ٽوڙي ٻنيءَ سان رلي ملي لس ليٽ ٿي وڃي ٿو، پاڻ به ائين ئي هڪڙي ڏينهن هيڪاندا ملي، هڪ ٻئي کي ريج ڪري وينداسين!”

“ڪڏھن!؟ هاڻ ته هن من جي ٻني پيار جي پاڻيءَ ڍڪ لاءِ سڪي سڙي رهي آھي!” هن منهنجي هٿن تي پنهنجا گرم نرم چپ رکندي چيو.

“ستت!” مون به سندس هٿ کڻي پنهنجي چپن تائين آڻيندي وراڻيو؛ “مون امي سان ڳالھ ڪئي آھي. تمام جلد هوءَ تنهنجي گهر تنهنجو سڱ گهرڻ لاءِ ايندي.”

“سچ!” هن خوشيءَ وچان ڄڻ رڙ ڪئي.

“هائو بلڪل سچ!” مون سندس هٿ کي زور ڏيندي چيو. هوءَ مرڪندي اکيون بند ڪري ڪي پل ماٺ ۾ ويٺي رهي ۽ پوءِ اوچتو اکيون کولي انتهائي ڳڻتي وچان چوڻ لڳي” توهين ٻي ذات وارا آھيو منهنجا مائٽ اهڙو رشتو ڪڏھن ڪو نه مڃيندا.”

 اهو انديشو مون کي به هيو پر پوءِ به دل ٻڌي کيس دلداري ڏيندي چيم” ڪو نه مڃيندا ته پوءِ به پاڻ وٽ هڪڙي ٻي واٽ آھي!”

“ڪهڙي واٽ!؟” هن اتاولو ٿيندي پڇيو.

سندس ڪارڙين ڪجلين اکين ۾ ڏسندي چيم” ان واٽ تي هلڻ لاءِ جي تون ساٿ ڏين ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڻ کي گڏجڻ کان روڪي نه ٿي سگهي!”

“ٻڌاء نه ڪهڙي واٽ آھي اها!؟” هن بيقراري وچان پڇيو.

“پاڻ ٻئي مٽ مائٽ گهر تڙ ڇڏي اڏامي هلنداسين ڏور گهڻو ڏور!”

اوچتو هوءَ ڪاوڙ وچان شوخ نظرون کڻي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ پنهنجو منهن ٻي پاسي ڦيري ويهي رهي. مون سندس کاڏيءَ کي هٿ سان وٺي منهن پاڻ ڏانهن ڪندي پڇيو؛ ”ڇا ٿيو!؟ بس اهيو ئي آھي تنهنجو پيار!“

تڏھن به هو چپ چاپ ڏاٽيءَ سان نرم نرم زمين کوٽيندي رهي. گهڻي گهڻي دير کان پوءِ هوءَ ڏاٽي ڪپڙو سنڀاري اٿي بيٺي ۽ ويندي ويندي چيائين؛ ”پهرين تون ماسي جن کي موڪل ته سهي پوءِ جي پوءِ سوچينداسين!” مان مرڪي کيس پٺي ڏيئي ويندي ڏسندو رهجي ويس.

تنهن شام اميءَ کان سڀاڪي سج سندن گهر وڃي سڱ گهرڻ جو واعدو وٺي پوءِ ستس. ستت ئي نرم گرم بستري تي سندس خوابن خيالن جي ڀاڪرن ۾ ننڊ کڄي وئي.

تنهن رات ڀيج ڀنيءَ جو ڳوٺ ۾ چوڌار ڪتن جي زوردار ڀونڪ ۽ ماڻھن جي هڪلن تي اک کلي وئي. رات جي آخري پهر ۾ ڳوٺ ۾ عجيب حالت ٿي پئي ھئي، ڪجھ ڳوٺاڻن جو سرٻاٽن ۾ ڳالهائڻ يا اچ وڃ ڪرڻ عجيب وارتا پئي لڳي! ماڻهن جي مشڪوڪ هلڻ ۽ اٿ ويھ مان مون کي خوف ٿيڻ لڳو. ٻين ڳوٺاڻن پٺيان مان به ڀڄندو ڀڄندو ماڻھن جي ميڙ مان جڳھ ٺاهيندو سندن دروازي تي وڃي پهتس.

سندس پيريءَ ڏانهن موٽ کائيندڙ پيءُ دروازي جي اندرين پاسي مٿي مان رت ٽمائيندي، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ليرون لير ڪپڙن سان ڊٺو پيو هو. گهر اڱڻ تي سندس مٺي ماءُ گهر جي سنهي ٿلهي سامان سميت حالون بي حال گهر جي پڌر تي بي هوش پئي هئي. ننڍيون نينگريون نينگر گهر جي ڪنڊن پاسن ۾ لڪي ويل هئا. منهنجون اتاوليون اکيون پوري گهر جي چئن ڪنڊن ۾ کيس واجهائينديون رهيون. پر ڪٿان به سندس چوڙين جي ڇم ڇم جو آواز يا ريشمي رنگين بوڇڻ جا چمڪندڙ ستارا نظر ڪو نه آيا.

 ڳوٺاڻن وٺ وٺان ڪري سندس پيءُ کي کڻي آڻي کٽ تي سمهاريو. ماڻس کي به پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندو.

تڏھن پتر جي ڳري ڇپ مٿان ڪرڻ جهڙي خبر لڳي ته هن جي وڏي ڀاءُ پنهنجي پري جي مائٽن مان ڪا ڇوڪريءَ ڀڄائي پريم پرڻو ڪري ورتو هو. هاڻ ڇوڪريءَ جي وارثن رات جي وڳري ۾ سندن گهر تي حملو ڪري ڏنو ۽ بدلي ۾ ماءُ جي ڀر ۾ ستل سندس ڀيڻ کي کنڀي کڻي هليا ويا آھن.

............

ڳالھ پوري ڪندي سندس ڪنڌ ڍرڪي پيو هو. کڄندڙ وکون وچڙڻ لڳيون هيس. ٿاٻڙجي ڪرڻ کان پاڻ بچائيندي هو منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چئي رهيو هو.

“ويندي ويندي آھستگيءَ سان هٿن مان هٿ کسڪائيندي ڌار ٿيندي چيو هيائين؛ ”سرنهن پيلا جهليندي گُل، انهن کيتن ۾ ملنداسين!...................”

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ جون ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment