Saturday, July 9, 2022

مختصر ڪھاڻيون - مٺل جسڪاڻي

مختصر ڪھاڻيون

(فلئش فڪشن)

مٺل جسڪاڻي


 

ڳالھائڻ بنا!

صبح کان رکي رکي پئي ٻارڙي چيو پيءُ کي ”بابا! برسات جو بھانو نه ڪريو، سڀاڻي وري چوندا، جمعي جو ڏينھن آھي، ھلو مون کي عيد لاءِ ڪپڙا ۽ بوٽ وٺي ڏيو“.

ڳالھائڻ بنا پئي وراڻيو پيءُ، پر، ٻُڌي صرف پاڻ پئي سگهيو!

 

صبر ۽ دعا!

پُٽ کي دلاسو ڏيندي ماءُ چيو ”ٻچڙا ضد نه ڪر، بابھين ھر عيد تي توکي ڪپڙا، بوٽ، رانديڪا، الاءِ ڇا ڇا نه وٺي ڏيندو آھي. الله ڏيندس، ھن عيد تي به وٺي ڏيندو. تون صبر ۽ دعا ڪر پُٽ...“.

 

ڏاھپ!

فون ڪرڻ واري کي خبر نه ھوندي آھي، ته جنھن کي فون ڪئي پئي وڃي، اھو ڪھڙي ڪم يا ڪھڙن خيالن ۾ گم ھوندو! ساڳي طرح جنھن ڏانھن فون ايندي آھي، ان کي، فون ڪندڙ جو ڪو اندازو نه ھوندو آھي.

موبائيل رنگ وڄڻ تي وريام جو نالو پڙھي، گھرام ڪال اٽينڊ ڪئي. ٻئي ڀائر آھن. ھڪ ٻئي جو ٿورو ٿڪو اندازو ھوندو اٿن. ان ھوندي به وريام سلام ورائي روايتي طور پھرين پڇيو؛ ”ڪھڙا حال آھن؟“

”سڀ خير آھي. پاڻ وارو ڀاءُ پنجھتر ھزار روپين ۾ مينھن وڪڻي، ستانوي ھزارن ۾ ڍڳي خريد ڪري آيو آھي“. وريام کي گھرام ورندي ۾ ٻڌايو، ته ھن ڏاھپ ۽ حاضر دماغي کان ڪم وٺندي، جنھن مقصد سان فون ڪيو ھو، ان تي ڳالھائڻ بدران ڀاءُ کي چيو ”خير آھي. پڇونس ٿا. پوءِ ڳالھايون ٿا“ ۽ فون بند ڪري ڇڏيائين.

 

پٽ سٽ!

پينشن کڻندڙ ھڪ دوست پڇيو؛ ”سائين، پينشن وڌڻ جي ته پڪ ڪانھي، بلڪه آسرو لٿو، ھر مھيني پابندي سان ملڻ جي پڪ ھجي، ته شادي جا ڏينھن مقرر ڪجن؟“

مون پڇيومانس، ”ڪنھن جي شادي؟ پُٽ ٿو پرڻائين يا نياڻي؟“

ورندي ڏنائين ”انھن کي ڇڏ، جيڪو نصيب ھوندن، آئون پاڻ ٿو شادي ڪريان“.

مون چيومانس؛ ”ڀلي ڪم ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، تون شادي ڪر، جنھن مھيني پينشن نه ملي، ٻڌائجان، سنگت ساٿ مان پٽ سٽ ڪنداسين.“


مشھور ليکڪ

پاڻ وٽ اھڙا ليکڪ به مقبول ۽ معروف آھن، جيڪي ڏسي وائسي به درست نه لکي سگهندا آھن!

جيڪي پير کوڙي ڪُوڙ ڳالھائين، غلط لکن، اھي به مشھور ليکڪ طور ڄاتا سڃاتا ويندا آھن.

 

عالمي اوطاق جو دوست!

ڪچهري ڪندي مکڻ خان ٻڌايو ته؛ ”عالمي اوطاق (فيس بوڪ) جو هڪ دوست آهي، جنهن سان عالمي اوطاق تي توڙي موبائيل فون تي به تمام گهڻيون ۽ ڊگهيون ڪچهريون ٿيل آهن. هڪ ٻئي وٽ اچڻ جون، هڪ ٻئي کي دعوتون به ڏنل آهن. آئون ٽي چار دفعا سندس ڳوٺ وڃي نڪتس، هر دفعي اُن دوست کي فون ڪري ٻڌايم، هن هر دفعي ساڳيو عذر ڏنو ته اڳواٽ ٻڌائي اچين ها، مان ته ڪراچي نڪري ويو آهيان“

مکڻ خان جي ڳالھ جو مون وٽ ڪو معقول جواب نه هو. ان ڪري آئون خاموش رهيس، ته مکڻ خان وري ڳالهايو ”گذريل دفعي ان دوست جي ڳوٺ ويس، فون ڪيم، ٽي چار دفعا ڪال ڪيم، منهنجي ڪال ته اٽينڊ نه ڪيائين، پر هاڻي هو رابطي ۾ ئي نه آهي!“

مون وٽ مکڻ خان کي ڏيڻ لاءِ ڪو جواب نه هو، ان ڪري موضوع بدلائي، اسان عالمي اوطاق تي پوسٽ ٿيندڙ شاعري تي خيالن جي وٺ ۾ مصروف ٿي وياسين.

 

فيس بوڪ!

ڪچھري ڪندي خبر نه پئي، ته مڙئي ڳالھ ڪيائين يا دانھن ڏنائين. ھن چيو؛ ”فيس بوڪ منهنجو ته فيس ئي خراب ڪري ڇڏيو، سائين!... فيس بوڪ کان پهرين، آئون وڏو ڪم وارو هئس. فيس بوڪ تي .......... لاھ ڪڍي ڇڏيا آهن، ڪڙيون ٻڌل سڀ ڦٽ اٿلي پيا آهن...

 

(ڏھاڙي ”آجيان“ شڪارپور ۾ ڇنڇر ۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment