Tuesday, July 5, 2022

ڏُکُ ۽ ذميواريون - محمد علي پٺاڻ

ڏُکُ ۽ ذميواريون

ننڍڙي ڪھاڻي

محمد علي پٺاڻ



مھمان ٿي دوست جي اوطاق ۾ اچي ڪرسيءَ تي ويٺس مس، ته ڏٻرڙو ٻليءَ جو ٻچڙو اچي پيرن ۾ پيو؛ ”ڌاريو ٿَئي ڇا؟” ان تي پيارَ جو ھَٿُ ڦيريندي دوست کان پڇيم.

“نه سائين، ھڪ ٻلي ٻه اڍائي ڏينهن ٿِيا، ڇڏي وئي ٿَسِ. جو ويم ڪنديون ھَنِ ته، ھڪ ھڪ ڪري ماڻهن بقول، ھر کيرَ پِياڪ ٻچي کي لازمي طور ستن گهرن يا ھنڌن تي مَٽائي سَٽائي ڇڏي ھليون وينديون آھن. پو ءِ چوويھن ڪلاڪن ۾ ھڪ دفعو انھن کي اُتي اُتي وڃي کيرُ پيئارڻ جي ذميواري بخوبي نڀائينديون آهن. پر اڄ الائي ڇو سڄو ڏينهن گذري ويو آ، ھِنَ کي کيرُ ڪو نه پياري وئي آ... “ دوست ٿوري ساھي کڻندي ڳالھ جو سلسلو جوڙيو؛ ”شايد انڪري صبح لاڪون مِيڪنديِ رھي آ. اسان کوڙَ شيون ۽ کيرُ ڏنوٿَسونسِ، نه اُھي کائي ٿي، نه پيئي ٿي، رڳو پئي ٿي دانھون ڪري... “


 

....

رات جو ڪمري ۾ پيل ٻن کٽن تي سمھياسون، ته ٻليءَ ٻچڙي جو مِيڪڻ آرامَ ۾ خَلَلَ جو باعث بڻيو. دوست اُٿيو، ھَٿَ ۾ کڻي اوطاق جي پوئين پاسي ھليو ويو.

موٽيو ته چيائين؛ ” اتي پيلَ پَلالَ جي ٻِنڊُنِ کان ڪُجهه پرڀرو ڦِٽَلَ مَنھِينءَ ۾ ڇڏي آيو آھيانس. جتان مِيڪَڻَ جو آواز سڃاڻي، ماڻس، ڏانھس ضرور ويندي...”

...

صبح جو اٿڻ سان منھنجي نظر ڪمري ۾ ڦيرا پائي ڪُنڊن پاسن ۾ ڪجهه ڳوليندڙ پريشان ٻليءَ تي پئي. تڏھن ھڪدم خيال ان جي ٻچڙي ڏانھن ويو. اکين ۽ چھري ڏانهن ڏٺومانس، ته مامتا تڙپندي نظر آئي..

وڌيڪ ڏسڻ جي ھمٿ نه ساري اوڏي مھل ڪمري مان ٻاھر نڪري آڳر تي آيس. ھوءَ به ڪَڍَ ڪَڍَ مايوس مُکَ ۽ دردناڪ مُنھن سان ھلي آئي. ھَٿُ کڻي اِشارو ڪيو مانس اوطاق جي پاسي جو، ته تڪڙو ڀِتِ تي چڙهي اوڏانھن ھَلي وئي...

...

دوست اُٿيو، ته اھا ماجرا ٻُڌائيمانس. چيائين؛ ”ھَلُ ته لانڍيءَ ۾ ماڻس کيرُ پيئاريس، ته کڻي اچئونس...”

وياسين، ته اھو زخمي ٿيل ۽ مُئل حالت ۾ نظر آيو. ڀرسان ٻلي ويٺي ھُئي، بيحد ئي سوڳوار روپَ ۾...

“اجايو اُڇليومانس. اندازو ئي نه ھو، ته ھيڏو وڏو حادثو ٿي ويندو...” دوست ڏکاري لھجي ۾ چيو...

ان غمناڪ ڪيفيت ۾ بيٺا ئي ھُئاسون، ته ٻلي ھوريان ھوريان ھلندي اسان آڏو گذري ٿورڙي اڳتي ٿي، ته دوست وساڻل لفظن ۾ چيو؛ “شايد ٻِئي ٻارَ ڏانھُن، ان کي کيرُ پيئارڻ پئي وڃي...!”

No comments:

Post a Comment