Sunday, July 3, 2022

ٻيڪڙيل دروازو - غفار سومرو

ٻيڪڙيل دروازو

(مختصر ڪهاڻي)

غفار سومرو



ڳچ دير تائين هڪ ٻي جي آمهون سامهون چپ چاپ ويٺا رهياسين. ڪنهن پل رڳو ٻئي ڄڻا پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي هڪ نظر هڪ ٻئي ڏانهن نهاري وري نظرون جهڪائي ٿي ڇڏيونسين.

رسمن روايتن جي حجاب، اسان ٻنهي کي چادر جي چئني ڪنڊن سان، ويڙھي رکيو هو. منهنجو ته پهريون تجربو هو ۽ هوڏانهن هن جو به گلابي چهرو لال لال ٿيندو پئي ويو. وڏين گهرين خوبصورت اکين جا ڇپر رڪوع واري حالت ۾ جهڪندا ٿي ويا.


ڪمري جي پرسڪون ماحول ۾ اڪيلائي کان سواءِ ٽيون وجود ڪوبه ڪو نه هو. خوبصورت سجايل ڪمري ۾ رڳو ٻن جوان جسمن جي ڌڙڪندڙ دل جو دهڪو ۽ هڪ مرد، اڪيلي عورت جي ساهن جي پرفيوم جهڙي خوشبوءِ رلي ملي ويل هئي.

آرتوار جي موڪل هئڻ سبب، اڄ صبح گهڻي دير تائين سمهي، مزي جي ننڊ ڪري اٿي فريش ٿي، جڏھن ناشتو ڪرڻ ويٺس ته امڙ چوڻ لڳي؛ “پٽ! هاڻ جيئن ته تون روزگار سان آھين. سٺو ڪمائڻ ۽ گهر هلائڻ لڳو آھين. سو هاڻ تنهنجي شادي ٿيڻ گهرجي.”

چانھ جو ڍڪ ڀريندي، مون امڙ جي چهري ڏانهن ڏٺو. سندس معصوم چهري تي منهنجي شادي خانه آباديءَ جون حسرتون ليئا پائي رهيون رهيون. چمڪندڙ اکين ۾ لاڏا سهرا ڳيچ ڳائجي رهيا هئا.

ڪپ رکندي وراڻيم؛ “امڙ! جيئن اوهان جي مرضي.”

امڙ خوش ٿيندي چيو؛ “شام جو تيار رهجان. ڇوڪري ڏسڻ هلنداسين!”

ڇوڪريء جو ٻڌي، من ۾ سانڍيل آرزون تمنائون ۽ حسرتون هڪ پل لاءِ ڪر موڙي جاڳي پيون. پر امڙ سامهون هروڀرو گهڻي خوشي ڏيکاري ڪو نه سگهيس ۽ چپ چاپ اٿي، پنهنجي ڪمري ۾ وهاڻي کي ٻک ۾ جهلي، اچي سمهي پيس.

روشن صبح کان سرمئي شام تائين، وقت ڪيئن ڪٽيو. ڪا خبر ئي ڪو نه لڳي. جاڳندي ننڊون ڪندو رهيس يا ننڊون ڪندي جاڳندو رهيس. سندر سهڻا خواب ڏسندو رهيس ۽ حقيقتون ڳوليندو رهيس.

هوءَ امڙ جي سهيليءَ جي وڏ-ور ڌيءَ هئي. پڙھيل ڳڙھيل، سياڻي سيبتي. ٻڌايائون پئي ۽ سندن چوڻ موجب؛ سهڻي به هئي. جنهن جي گواهي ھاڻ روبرو ڏسڻ پسڻ کان پوءِ مان به يقين سان ڏيئي ٿي سگهيس.

هڪ ٻئي کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ پوءِ ها يا نه جو فيصلو خود ڪرڻ جو اختيار ڏيندي اسان ٻنهي کي عليحدگيءَ ۾ گڏجڻ جو موقعو ڏنو ويو هو. خوبصورت پرپل ڪلر ۾ ڪاٽن جو وڳو پهري، مٿي تي ستارن سان چمڪندڙ بوڇڻ سجائي، هوءَ منهنجي سامهون ۽ آءُ هن جي اڳيان صوفي تي همہ تن گوش ويٺو هوس.

منهنجي امڙ ۽ ننڍي ڀيڻ ٻاهر ورانڊي ۾ سندس گهر ڀاتين سان چانھ بسڪٽ فروٽ ۽ ٻي مهمانداريءَ مان لطف اندوز ٿي رهيون هيون.

اسان جي اڳيان واري ٽيبل تي مختلف قسمن جا ميوا چانھ بسڪٽ ۽ چهراڻ جي پليٽ رکيل هئي.

ڪيترا ئي ڀيرا ڪمري جي اندروني سجاوٽ جو جائزو وٺندي منهنجون نظرون سندس گول خوبصورت چهري تي اچي رڪجي ٿي ويون. ڪنهن مهل اوچتو ٻنهي جا نيڻ ٽڪرائجي ٿي ويا ته ڪجھ ڳالهائڻ لاءِ چرپر ڪندڙ زبان ڄڻ تارون سان چنبڙي گونگي ٿي پئي وئي.

نيٺ ماٺ کي مات ڏيندي، هوريان هوريان ڪنڌ مٿي ڪندي، هن هڪ ڀيرو مون کي گهوري ڏٺو ۽ پوءِ ڳالهين جو بند ڀڃي ڇڏيو. هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڪندي هاڻ هو بي تڪلف ٿي ڳالهائڻ لڳي. منهنجي به همت وڌندي وئي ۽ ساڻس کليو ڳالهائڻ لڳس.

ڳالهيون ڪندي ڪندي پڇڻ لڳي؛ ”تون ڪنهن به عورت جي ڪهڙي شيءِ ڏسڻ پسند ڪرين ٿو!؟”

هيڪر ته سندس سوال تي آئون هڪو ٻڪو ٿي ويس پر پوءِ ڪجھ سوچيندي وراڻيم؛ “عورت جڏھن امڙ جي روپ ۾ آھي ته آئون سندس پيرن ۾ ڏسندو رهندو آهيان جن پيرن ۾ مون لاءِ جنت جي خوشخبري رکيل آهي...”

هوءَ غور سان منهنجا ڳالهايل لفظ، ميڙي رهي هئي. اڳتي وڌندي چيم؛ “۽ عورت جيڪڏھن ڀيڻ آھي ته آئون سندس هٿن ڏانهن ڏسندو آھيان جيڪي هٿ ڀائرن جي خوشين ڀري جيون لاءِ دعائن جا رقص ڪندا رهن ٿا....!”

“۽ زال!؟” مون جملو مس پورو ڪيو ته هن هڪدم نئون سوال ڪيو. مون سندس خوبصورت ڊگهڙي اڻ ٽوپيل نڪ ڏانهن هڪ نظر نهاريندي چيو؛ ”زال! زل جي وات ڏانهن ڏسندو رهڻ گهرجي! ڏسجي ته هوءَ ڪيترو وقت چپ رهي سگهي ٿي!”

هوءَ هلڪو ٽھڪ ڏيئي کلي پئي ۽ پوءِ گهڻي دير تائين کلندي رهي. آئون کيس پنهنجي چيل ڳالھ جي وضاحت پيش ڪندو رهيس.

هوءَ مون کي ڌيان سان ٻڌي رهي هئي ۽ مون ڏٺو ته منهنجي ڳالهين تي هوءَ هلڪو مرڪي به رهي هئي. آئون جهٽ گهڙي خاموش ٿيس. هوءَ مون ڏانهن سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳي. مون اڳتي چوڻ شروع ڪيو؛ ”عورت جيڪڏھن محبوبه آھي ته سندس پاڪ دل ڏسڻ پسند ڪندس ڇو ته سندس دل ۾ سندس محبوب خدا جيان اڪيلو رهندو آھي!”

سندس اکين ۾ رات جي اونداهي ۾ ٽمڪندڙ تارن جي روشنيء جهڙي چمڪ اڀري آئي. چپن تي هلڪي مرڪ هڪدم موٽي آيس ۽ هڪ ڊگهو اونهو ساھ کڻي پنهنجو ڪنڌ صوفا تي لاڙي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.

آئون ماٺ ڪري سندس چهري ۾ ڏسندو رهيس، جتي پرھ ڦٽي پرڀات جهڙي سرهي صبح جا ترورا جهلڪا ڏيئي رهيا هئا. خاموش ڪمري ۾ سندس وجود جي خوشبوءِ ڇانيل هئي.

مون کيس پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ لاءِ بوتل مان شيشي جي گلاس ۾ هڪ وڏي لاٽ سان پاڻي اوتيو ۽ پوءِ هلڪا هلڪا ڍڪ ڀريندو رهيس. هوءَ آهستي آهستي ٻوٽيل نيڻ کولي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي هئي ۽ پوءِ گهاٽن ڪارن وارن تان کسڪي ويل بوڇڻ ٺاهيندي مڌم آواز ۾ چوڻ لڳي؛ ”منهنجي دل ۾ به خدا جيان منهنجو محبوب اڪيلو رهندو آھي. جنهن جي عبادت ۾ آئون ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪندي ڪافر ٿيڻ نه ٿي چاهيان.....”

ڳچ دير تائين آئون کيس هڪ عقيدت ڀري نگاھ سان ڏسندو رهيس. ھوءَ بلڪل ماٺ ڪريو ويٺي رهي.

منهنجو مُنهن هُن جي سامهون ڄڻ تاثراتي ڪتاب ٿي پيو هو، جنهن جو هن ماٺ ۾ مطالعو ڪرڻ پئي گُهريو.

ٿوري دير بعد آئون چونڊ وارن نتيجن کي پرکي، ٻيڪڙيل دروازو کولي، سندس ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۳۰ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment