Wednesday, July 13, 2022

حاجي صاحب جو خاڪو - دريا خان شنباڻي

حاجي صاحب جو خاڪو

ننڍڙي ڪھاڻي

دريا خان شنباڻي



ننڍڙي امان الله کي مائٽن پڙھائڻ جي ڪوشش به ڪئي پر امان الله پڙھيو ڪو نه ۽ اسڪول مان گسائي ڳوٺ کان ٻاهر ٻوڙن ۽ ديوين ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لڪي ويهي رهندو هو ۽ موڪل جي ٽائيم هو وڏي جوش سان اچي اسڪول جو بڪسو کٽ تي اڇلائي ماني گهرندو هو. جڏھن ٿورو وڏو ٿيو ته اسڪول مان صفا نابري واري ويٺو. هاڻ امان الله مڪمل طرح سان رلڻ لڳو، واندن ۽ لوٺين سان سندس ياري ٿي وئي. امان الله جي ڳڻتي والدين سان گڏ ڀائرن کي به ٿي ته آخر سڌري ڇو نه ٿو!

امان الله شروعات ۾ هلڪيون ڦلڪيون چوريون پنهنجي گهران ڪرڻ لڳو. والدين ۽ ڀائرن جي جيب جي صفائي سان گڏ گهر جي عورتن جي ڪنن جون واليون يا نڪ جون ڦليون وغيره کڻڻ لڳو.


پوءِ آھستي آھستي چورن چڪارن کي ڳوٺ جا رستا ڏيکاري انهن سان گڏ چوريون ڪرائڻ لڳو. امان الله هڪ ٻه دفعا ٿاڻي جو به منهن ڏٺو.

بگڙيل امان الله کي سڌي واٽ تي آڻڻ لاءِ کيس ننڍڙي ڪاروبار ۾ لڳايو ويو ۽ اتي امان الله پنهنجا پير ڄمائي ورتا.

ننڍڙي ڪاروبار کي ڪشادو ڪيائين، سندس دوستيون ياريون وڌڻ لڳيون. شادي به ڪيائين، ٻار به ٿيس، انهن کي به پڙھائڻ لڳو.

ماڻھن کي اوچتو خبر پئي ته امان الله حج تي وڃڻ جي تيارين ۾ آھي، ماڻھن اچي کيس چٺيون چپاٽيون ڏنيون،

وڏي خوشيء منجهان امان الله اهي چٺيون کنيون ۽ جڏھن واپس وريو ته ماڻھن حاجي امان الله لاءِ هار ٺھرايا، وڃي ساڻس مليا، حاجيء جا هٿ چميائون، هار پارايائون، حاجيء وٽان سهڻيون سهڻيون ڳالهيون ٻڌائون، حاجي جي اکين مان نير بيهن ئي ڪونه.

واپسيء ۾ هرڪنهن جي زبان تي اها ئي ڳالھ ته حاجي جي منهن تي نور چمڪي رهيو آھي.

حاجي امان الله پنهنجي ڳوٺ ۾ “حاجي صاحب” واري نالي سان مشھور ٿي ويو.

حج کان پوءِ حاجي صاحب جي ڪاروبار وڌيڪ زور ورتو، شھر ۾ پلاٽ ورتائين، ڳوٺ ۾ زمينن جا ٽڪرا وٺڻ لڳو، گڏوگڏ ماڻھن جي ڪم به اچڻ لڳو، حاجي صاحب جي “بلي بلي” ٿيڻ لڳي. وياج تي پئسا وٺ به ته حاجي صاحب ضامن، ڪنهن ٿاڻي ۾ ڪو ڦاسي پئي ته حاجي صاحب اڳيان.... ڪو زمين جو ٽڪرو وڪڻي ته حاجي صاحب ٻين گراهڪن کان مٿي پئسا ڏئي اهو ٽڪرو خريد ڪري.

ٻه ڀائر وڙھيا ته جنهن جو پاسو حاجي صاحب کنيو ته سمجهو اهو ڀاءُ زور ٿي ويو. فيصلي ڦراڙيء ۾ حاجي صاحب گواھ شاهد ٿي بيهي. ماڻھن جو قسم ۽ حاجيء جي ڳالھ.... حاجي صاحب جو ڪاروبار به چوٽ چڙھندو ويو ۽ هاڻ حاجي صاحب پنهنجو طريقو به بدلائڻ لڳو جو ٿوري گهڻي ڳالھ کي حاجي صاحب وڌائي چڙھائي پيش ڪرڻ لڳو.... هڪ ڌر چئي ته اسان کي حاجي صاحب وڙھايو.

ٻي ڌر حوصلي ۾ اچڻ کان پوءِ سنڀالي ته واقعي حاجي صاحب ته وڏي چالاڪي ڏيکاري.

ٻه ڀائر وڙھيا ته حاجي صاحب ٻنهي جي وڙھائڻ لاءِ مدد به ڪريو ڇڏي.

ڪجھ ئي سالن ۾ حاجي صاحب جي ملڪيت وڌي گنج ٿي وئي ۽ ڳوٺاڻن جي ملڪيت وئي گهٽجندي.

بيماري بڙيء ۾ هاڻ ڪنهن کي پئسي پائي لاءِ ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه رهي، حاجي صاحب ئي وياج جي صورت ۾ مدد ڪريو ڇڏي ۽ پئسا واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ جريب ڏيڍ زمين حاجي صاحب جي حوالي ٿيو وڃي.

حاجي صاحب ٻن کي ويڙهائڻ جو ماهر ٿي چڪو.

ڀائرن ۽ ڳوٺ وارن جون ملڪيتون ائين تاڙڻ لڳو جيئن ڳجھ ڪنهن ڍونڍ کي تاڙيندو آھي.

هاڻ حالت اها آھي جو حاجي صاحب کي پرپٺ ماڻھو شيطان سڏڻ لڳا... حاجي صاحب سان نفرت ٿيڻ لڳي. حاجي صاحب جون اوري پري گلائون ٿيڻ لڳيون. ايستائين جو حاجي صاحب پنهنجي گهر کي به کائڻ لڳو.. حاجي صاحب کان سندا ڀائر ڀائٽيا، سئوٽ ماسات به بيزار جو اهي ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندا پيا وڃن ۽ حاجي صاحب ڏينهون ڏينهن امير ٿيندو پيو وڃي..... حاجي صاحب جو پيٽ وڌندو پيو وڃي ۽ سندس ڳوٺ ۽ گهروارن جا پيٽ پٺيء سان لڳندا پيا وڃن.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment