Sunday, July 3, 2022

ڪرامت - غفار سومرو

ڪرامت

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



تارن جي ٽم ٽم، اونداهي اڌرات، چوڌاري چپ چپات، هلڪي هير، پرسڪون خاموش ڳوٺاڻو ماحول. تڏين جو هلڪو آواز باقي ماڻھو ته ڇا پر هن مهل ڳوٺ جا ڪتا به ننڊ پئجي ويل هئا.

گهر اڱڻ تي اگهور ننڊ ستل بادل کي ڀر واري کٽ تان زال هٿ وڌائي هلڪو لوڏو ڏنو. سندس اک کلي وئي. اکيون مهٽي اٿي ويٺو. زال سور سبب چنگهندي کيس ٻڌايو ته سنڀار ٿي اٿم.


هيڪر ته بادل وائڙو ٿي ويو پر پوءِ کيس هوش آيو ته هائو ٻيلي منهنجي زال ته پيرين ڀاري آھي.

بادل کٽ تان لهي ٿورو پرڀرو ننڍڙين پوٽين کي ساڻ ڪري ستل پنهنجي امڙ کي وڃي اٿاريو ۽ کيس سموري ماجرا ٻڌائي.

ماڻس به سيگھ منجهان اٿي ويٺي ۽ پوءِ ڏيوڍي وٽان پاڙي جي هڪ سياڻي عورت کي سڏي ورتو.

بادل جي ماءُ نُنهن کي سهارو ڏيئي اٿاريو ۽ گهر جي ڪچي ڪمري ۾ وٺي فرش تي رلي وڇائي ويهاڻو مٿي هيٺان ڏيئي ليٽائي ڇڏيو. پاڙيسري تجربيڪار عورت کيس جاچڻ لڳي.

بادل منهن تي ٻه ٽي ٻڪ پاڻيء جا هاري اڱڻ تي اچ وڃ ڪرڻ لڳو. غريب مسڪين مزدور ماڻھو. حالت اها جو آڻين ۽ چاڙھين ڏٿ ڏيهاڙي سومرا. کيس پنهنجي زال سان ڏاڍو گهڻو پيار هو.

ڪي مهينا اڳ جڏهن هڪڙي صبح جو سندس زال سوير اٿڻ سان ئي الٽيون ڪرڻ لڳي هئي ته کيس پڪ ٿي وئي هئي ته اڀ ۾ ڪڪر ٿي چڪو آھي. هو گهڻو خوش ٿيو ھو. سندس تمنا هئي ته هن ڀيري کيس پٽاڻو اولاد ٿئي. جنهن کان پوءِ هو لڳاتار روزانو مزدوريء تي وڃڻ لڳو هو. کاڌي پيتي ڪپڙي لٽي ۽ دوا درمل کان پوءِ ٽڪو پيسو ڏکئي وقت لاءِ بچائي رکندو ٿي آيو. پوءِ به هو ايترا پيسا بچائي ڪو نه سگهيو هو جو اسپتالن جا ڳاٽي ٽوڙ خرچ ڀري سگهي.

بادل اڱڻ تي گهمندي گهڙي گهڙي ڪچي ڪوٺي ڏانهن نهاريندو هٿ مهٽيندو ٿي رهيو. دل ئي دل ۾ دعائون ٿي گهريائين ته باڇا پير جي صدقي جوڻس خير سان گهر ۾ ئي هٿ پير لهي ته جيئن چار ڏوڪڙ بچي پون.

تنهن مهل سندس امڙ ڪوٺي مان ٻاهر نڪري سندس ويجهو آئي. بادل وڌندڙ وک روڪي ماءُ کي ڏسڻ لڳو. جنهن کيس ٻڌايو ته “ابا بادل! معاملو ڏکيو آھي. اسپتال هلڻو پوندو!”

بادل پريشان ٿي ويو. سوچڻ لڳو هن مهل اسپتال ڪيئن هلجي. هو ماءُ جي منهن ۾ ڏسندي چوڻ لڳو “صبح تائين انتظار نه ٿو ڪري سگهجي!؟”

“نه بادل! ڇوڪريء کي سور ڏاڍا آھن. جيترو ٿي سگهي جلدي هلڻ گهرجي”ايترو چئي ماڻس ڪوٺي ۾ وڃي ضروري سامان جي ڳنڍ ٻڌڻ لڳي.

بادل به ماءُ پٺيان ڪوٺي ۾ گهڙي ويو ۽ ڪاٺ جي پيتيء ۾ سنڀاري رکيل ميڙي چونڊي کڻي پاسي واري کيسي ۾ وڌائين. کيس ياد آيو سانولو سندس دوست جيڪو رڪشا ڦٽو هلائيندو هو. هو تکو تکو دروازو اڪري گهٽيء ۾ نڪري آيو ۽ ڊوڙي اچي سانولي جو در کڙڪايائين.

سانولي رڪشا ڦٽو اچي بادل جي دروازي تي بيهاريو. ڦٽي تي رلي وڇائي جوڻس کي سمهاريو ويو کاٻي پاسي سندس ماءُ ۽ ساڄي پاسي هوءَ پاڙيسري عورت کيس سنڀاري ويهي رهيون. بادل سانولي جي پٺيان گاڏيء جي گديء تي ويٺو ته سانولي گيئر هڻي اسپيڊ وڌائي ڇڏي.

ڳوٺ کان نڪري ڪچو رستو ڇڏي جڏھن رڪشو پڪي پٿريلي روڊ تي چڙھيو ته بادل سانولي جي ڪلهي تي هٿ هڻندي چيو”سانولا! سيگھ ڪر جلدي اسپتال پهچائي!”

سانولي به وٺي اسيڊ ڏني. رڪشو سڏ پنڌ پٽي آيو. اڳتي روڊ هنڌان هنڌانهن اکڙيل هو. کڏون کوٻا جهاڪا اهڙا جو هڪ مان نڪر ته ٻيو اڳيان اچيو وڃي. رات جي اونداهيء ۾ خبر ئي نه ٿي لڳي ته سڌو سنئون رستو ڪٿي آھي. رڪشو تيز رفتاريء سان هلندو کڏن کوٻن تان ٽپا ڏيندو لڏندو لمندو ڳچ پنڌ پٽي آيو ته پٺيان بادل جي ماءُ جي رڙ جو آواز آيو. “ابا بادل! بيهو بيهو. رڪشو بيهاريو.”

بادل ڊڄي ويو. اڻڄاتو خوف ورائي ويس. سانولي جي ڪلهي تي هٿ هڻندي کيس هڪدم بيهڻ لاءِ چيائين. رڪشي کي بريڪ لڳي ويو. بادل ٽپ کائي هيٺ لهي پٺيان ڦري آيو. ان کان اڳ جو هو ڪجھ پڇي ڪڇي. پاڙيسري عورت خوشيء وچان چوڻ لڳس “ابا بادل! مبارڪون هجني. پٽ ڄائو ٿئي!”

بادل خوشيء وچان پاسي واري کيسي تي هٿ رکندي اڀ ۾ ٽم ٽم تارن ڏانهن نهاريندي ڀڻڪو ڪيو “واھ باڇا پير تنهنجي ڪرامت “

 

(غفار سومرو جي فيسڪ ٽائيم وال تان ۲ جون ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment