Tuesday, July 5, 2022

ڏاڍن جي ڏيهه ۾ - محمد علي پٺاڻ

ڏاڍن جي ڏيهه ۾

ننڍڙي ڪهاڻي

محمد علي پٺاڻ



اهي ٻهارا، جيڪي الل فجر جو ماڻهن جي اک کلڻ کان اول شهر جي رستن ۽ چونڪن تان گند ڪچرو ٻهاريندا آهن، اهي اڄ ڀنگين جي هٿن ۾ اڀا آهن. جن کي ڏسي ايئن پيو ڀاسي ڄڻ جنگ جي ميدان تي وڃڻ کان اول سپاهي پنهنجون رائيفلون اڀيون ڪري وڃي رهيا آهن. ٻه قطارون ٺهيل آهن. جن مان هڪ عورتن جي آهي ته ٻي مردن جي. ٻنهي قطارن جي مهڙ ۾ ڪجهه عورتن ۽ مردن کي ٻهارن بجاءِ هٿن ۾ پلي ڪارڊس پڪڙيل آهن. جن تي لکيل آهي:

“اسان کي اسان جون ڇهن مهينن جون پگهارون ڏيو.“

“اسان جا ٻچڙا بک ٿا مرن.“

“اسان کي کائڻ لاءِ داڻو به ناهي.“

“اسان جا ست ماڻهو بکون ڪاٽي مري ويا آهن.“


“ڀنگين جو اهو جلوس شهر جا سڀ روڊ لتاڙي جڏهن پنهنجي پگهار ڏيندڙ اختياري ميونسپل ڪارپوريشن جي احاطي اندر داخل ٿئي ٿو، ته آفيسن ۾ ويٺل سڀ ننڍا وڏا عملدار ۽ ٻيا ماڻهو هنب ڪري ٻاهر نڪري اچن ٿا.

هڪ عملدار، جيڪو توڙي جو ننڍڙو عملدار آهي، پر تعلقي ناظم جي بيحد ويجهو هئڻ ڪري پاڻ کي تمام وڏو عملدار ظاهر ڪندو آهي، سو ماڻهن جي ان هنب مان نڪري نروار ٿئي ٿو ۽ ڀنگين تي گارين جو مينهن وسائڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو، “حرام زادئو. . نه مڙئيو. . نيٺ ڪڍيئو پنهنجي بابي وارو جلوس. . اسانکي ڊيڄاريو ٿا. . سمجھو ٿا ته اسان توهان جي ان جلوس کان گهٻرائجي هٿيار ڦٽا ڪنداسون. . ۽ توهان کي، توهانجون پگهارون ٿالهيءَ ۾ رکي ڏينداسون. .“

“پگهارون توهان کي ڊيڻيون هن. .“ هڪ پوڙهو ڀنگي ڳالهائي ٿو. جنهن جي ڊيل ڊول مان لڳي ٿو ته اهو جلوس جو مهندار آهي؛ ”اسان کي پگهارون نه ڊيندئو ته اسان اڻ ڄاتل مدي تائين هڙتال ڪنداسون. . ۽ جلوس ڪڍي اوهان کي سڄي ملڪ ۾ خوار ڪنداسون. .“

“بڪ نه ڪر. . ياد رک اسان توهان کي پگهارون هڙتال کان ڊڄي ڪڏهن به نه ڏينداسون. . ۽ سڀني کي نوڪري مان هميشه لاءِ برطرف ڪنداسون. .“

“صاحب، تون گهڻو نه ڳالهاءِ. . . اسان جلوس وڊي صاحب جي خلاف ڪڍيو آ. . ڳالهيون به ان سان ڪنداسي. . تون وچ ۾ نه اچ. .“پوڙهو ڀنگي بخيل ٿي وڃي ٿو.

“اڙي، وري به ان بڪواس کان نه ٿو مڙين. . هان. .“ائين چئي اهو ننڍو عملدار پوڙهي ڀنگيءَ جي مٿان الر ڪري اچي ٿو ته اوڏي مهل هڪ سمجھو ڪلارڪ وچ ۾ ٽپي پوي ٿو ۽ ڌڪ هڻڻ کان اول ان کي ڀاڪر ۾ ڀري پري کڻي وڃي ٿو.

“پوڙهو ڀنگي ان گهڙيءَ موقعو مناسب سمجھي جلوس ۾ شامل سڀني عورتن ۽ مردن کي پنهنجي پٺيان اچڻ جو اشارو ڪري ٿو ۽ پوءِ تيز تيز وکون کڻندو تعلقي ناظم جي آفيس ڏانهن ڪاهه ڪري ٿو. پٽيوالو انهن کي دروازي تي روڪڻ بجاءِ وائڙو ٿي پاسي تي ٿي بيهي ٿو.

پوڙهو ڀنگي عورتن ۽ مردن سان گڏ جڏهن تعلقي ناظم جي آفيس ۾ ائين ڇڙواڳ نموني داخل ٿئي ٿو ته تعلقي ناظم جو ڀوڳ وارو موڊ پر ڪري اڏامي وڃي ٿو. کن لاءِ ته کيس ڪجهه به سمجھه ۾ نه ٿو اچي. پر پوءِ پاڻ سنڀالي هڪدم اتي ويٺلن کي مخاطب ٿي چوي ٿو؛ ”مهرباني ڪري ٿوري گهڙيءَ لاءِ اوهان ٻاهر ويهو. . مان هنن خاڪروبن سان ڳالهائي اوهان کي گهرايان ٿو. .“

اتي ويٺل سڀ ماڻهو جڏهن ٻاهر نڪري وڃن ٿا ته تعلقي ناظم ٿڌي لهجي ۾ چوي ٿو؛ ”اڙي بابا، هي گوڙ ڇاتي ڪيو اٿو. . ؟”

“اسان گوڙ نه ڪيو آ سائين. .“پوڙهو ڀنگي ڳالهائي ٿو؛ ”اسان پنهنجو حق ٿا گهرون. .“

“حق ائين گهربو آهي. . جلوس ڪڍي. . بدنام ڪري. .“

“اسان توهان کي بدنام نه ٿا ڪيون سائين. . اسان جا ٻچڙا بک ٿا مرن. . اسان توهان کان پنهنجون پگهارون ٿا گهرون. .“

“پگهارن گهرڻ جو اهو طريقو توهان کي ڪنهن سيکاريو آهي. . ؟”تعلقي ناظم جو پارو هوريان هوريان سندس دماغ تي چڙهڻ لڳي ٿو.

پوڙهو ڀنگي ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ ڪاوڙيل اکين سان تعلقي ناظم ڏانهن چتائي ڏسي ٿو ته هڪ نوجوان عورت ليلائڻ واري انداز ۾ چوي ٿي؛ ”توهان کي به ننڍا ننڍا ٻچا هوندا سائين. . انهن جي صدقي اسان تي رحم ڪريو. . اسين بک ٿا مرون. .“

“بک ٿا مرو ته پوءِ مان ڇا ڪيان. . اڪائونٽ ۾ پئسا نه هوندا ته ڪٿان ڏيندس توهان کي پگهارون. .“

“منهنجي ماءُ مري وئي سائين. .“هڪ نوجوان اکين مان لڙڪ لاڙيندي چوي ٿو؛ ”دوا جي لاءِ هڪ پئسو به نه هو. .“

“منهنجو ڀاءُ به مري ويو سائين. . ويچارو ٽي ڏينهن بکيو هو. .“هڪ اڌڙوٽ شخص ڏاڍي ڏکاري لهجي ۾ چوي ٿو؛ ”۽ منهنجي زال به هڪ مهيني کان سخت بيمار آهي. . ڀلي توهان پاڻ هلي ڏسو. . جي پگهار نه ملي ۽ هن جو علاج نه ٿيو ته هوءَ ڪنهن به صورت ۾ زنده نه رهندي. .“

“اڪو ئي جهنم جي تري ۾ وڃي پئو. . مون وٽ پگهارون ناهن. . وڌيڪ وات نه هڻو. . نڪرو منهنجي آفيس مان. .“تعلقي ناظم جو چهرو تتل لوهه وانگر ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو.

“اسان ائين نه وينداسون سائين. . اسان کي، اسان جون پگهارون ڊيو. . اسان پوءِ وينداسون. .“

“ناهن پگهارون. . ڪتي جا پٽ. . چيم نه ته نڪرو منهنجي آفيس مان. . مان. . ته وجهانو نه سڀني جي مٿي ۾ ڌوڙ. .“

“افسوس آ سائين. . اسان پنهنجون پگهارون ٿا گهرون ته اوهان اسان کي گاريون ٿا ڏيو. .“

“گاريون نه، مان هاڻي هي روالور ٿو ڪڍان. .“تعلقي ناظم پنهنجي وڏي ٽيبل جو هڪ خانو کولي روالور ڪڍي ٿو. جيڪو پهريان پوڙهي ڀنگيءَ تي سڌو ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪرسيءَ تان اٿي سڀني تي ڦيرائيندي چوي ٿو؛ ”نڪرو هتان جلدي. . نه ته شوٽ ڪندو سانو. .“

تعلقي ناظم جي اکين ۾ لهي آيل رت کي ڏسي، پوڙهو ڀنگي سڀني کي ٻاهر نڪرڻ جو اشارو ڪري ٿو.

سڀ ٻاهر نڪري اڳي کان وڌيڪ جوش سان نعرا هڻڻ لڳن ٿا. نعرن ۾ هاڻيتعلقي ناظم تي لعنت. .“وارو نئون نعرو به شامل ٿي وڃي ٿو. جيڪو ٻين نعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ لڳائيندا، اهي ميونسپل ڪارپوريشن جي حدن مان ٻاهر نڪري اچن ٿا. پوڙهو ڀنگي جلوس جي آخر ۾ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو هلندو وڃي ٿو. سندس چهرو هينئر ڪاوڙ بجاءِ ڏک جي گهنجن ۾ گهيريل نظر اچي ٿو.

رستي ۾ هڪ صحافي اوچتو پوڙهي ڀنگيءَ ڏانهن وڌي اچي ٿو ۽ هٿ ۾ جهليل ٽيپ رڪارڊر هن جي وات ويجهو ڪندي پڇي ٿو؛ ”ڪاڪا، ڇا چيو تعلقي ناظم. . ؟”

صحافيءَ جي ان سوال تي پوڙهي ڀنگيءَ جي ٻنهي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي اچن ٿا ۽ هو ڏڪندڙ چپن سان چوڻ لڳي ٿو؛ ”هي ملڪ ڏاڍن ۽ ڏنڊي وارن جو آهي بابا. . ۽ انهن کان وڏي ڏنڊي وارو جو آھي جنھن ھھڙن غنڊن کي ڪرسيءَ تي آڻي ويهاريو آهي. . جنهن کان اسان مسڪين پگهارون گهرون ٿا ته هو پستول سڌو ڪري گوليون ٿو ڊي. . گوليون. . . . !!”

No comments:

Post a Comment