Saturday, July 16, 2022

جاگنگ ٽريڪ - سيد گلزار حسنين - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

جاگنگ ٽريڪ

(مختصر ڪھاڻي)

سيد گلزار حسنين

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



لڳاتار مھينو کن پارڪ ۾ اچڻ جي ڪري مان ماحول سان ھيراڪ ٿي ويو ھيس، جيڪو منڍ ۾ مون لاءِ، اوپرو اوپرو ھئڻ سبب، ڪوفت ۽ بيزاري پيدا ڪندو ھيو. ھاڻي گسائڻ تي دل نه گھرندي ھئي. پارڪ ۾ ڪو ھڪ اڌ ھم-ڪلاسي، ايڪڙ ٻيڪڙ به مليو ته مليو، تنھن جي به ملڻ جي پڪ نه. نه وري ان ۾ ڪا باقاعدگي ھئي ۽ نه ئي وري ڪا ساڻس ڊگھي ڪچھري ٿيندي ھئي. بس بيٺي پير، سليڪ عليڪ ٿي وئي ته ٿي وئي. منھنجي پنڌ ڪرڻ جو وقت اھڙو ھيو، جڏھن سج ٽُٻيءَ ۾ ھوندو ھيو ۽ ڏھاڙيءَ جي مسافريءَ سبب سندس چھرو ٿڪاوٽ کان ڳاڙھو ٿي چڪو ھوندو ھيو. گھڻا تڻا پکي، جيڪي ان ئي پارڪ جي گھاٽن وڻن جا باشي ھيا، سي روزي روٽيءَ جي ڳولا ۾ شھر جي گھٽين ۾ گھمڻ گھتڻ پڄاڻان، وڻن تي واھيرو ۽ شور ڪندا ھيا ته ڪڏھن ڪڏھن ڪن تي پوندڙ آواز، ٻڌڻ ۾ به نه ايندو ھيو. گھڻو شور جھرڪين ۽ ڪانون جو ھوندو ھيو. مون گھڻي ئي دفعا اتان لنگھندي، سوچيو ھيو ته ايڏو شور ڪھڙي ڳالھ تي پيا ڪن، ڪو ته ان جو سبب ھوندو. لاشڪ ته اھي سبب ۽ مقصد، مون کي سمجھ ۾ نه آيا. ڪڏھن ڪڏھن، جڏھن تڙڪو اڃا ھوندو ھيو، ته ڍنڍ سان ننڍڙي ٽِٻي جي مٿئون ڪانءَ ۽ سرڻيون، لھندڙ سج ڏانھن منھن ڪري آرام سان ويٺا ھوندا ھيا. جيئن ئي اس گم ٿي، ھنن به اڏامَ ڀري.



گرمين جي موسم ۾، پارڪ منجھ، سير ڪرڻ وارن جو انگ اڃا وڌي ويندو ھيو. مختلف عمر جون مايون، مرد ۽ ٻار تڪڙو تڪڙو ھلندي، ھڪٻئي جي پرواھ نه ڪندي، پيچرن تي ڀڄ ڀڄان ۾ ھوندا ھيا. نوجوان ته پنڌ ھلڻ بجاءِ، گھڻو تڻو ڀڄندا گذري ويندا ھيا. ٿڪاوٽ جو نانءُ نشان به سندن مُکَ تي چٽو نه ھوندو ھيو. بلڪ پگھر سببئون سندن چھرن تي چمڪاھٽ پيدا ٿي پوندي ھئي، جيڪا سندن جوانيءَ جي چغلي ھڻندي ھئي. منھنجي پنھنجي چھري تي پڻ پگھر سببئون، اھڙي قسم جي چمڪاھٽ پيدا ٿيندي ھئي، ليڪن پاڻ کان ننڍي عمر وارن نوجوانن کان گھٽ.

ڪي مايون مرد، ننڍيون ننڍيون ٽوليون ٺاھيو پيا ھلندا ھيا. مڙني کان نرالو ۽ وڏو ٽولو ستن مردن تي مشتمل ھيو. مڙئي عمر کائي چڙھيا ھيا، ليڪن ڏسڻ ۾ سڪما. ڍاري ڍاري ھلندا به ھيا ۽ لڳاتار ڪچھري به ڪندا ويندا ھيا. لڳندو ائين ھيو؛ ڄڻ کين ڄنگھن ساھڻ کان وڌيڪ، ڪچھريءَ سان دلچسپي ھجي. ٻه قطارون ٺاھي، اڳيان پويان ھلندا ۽ ڳالھائيندا ويندا ھيا. اگر پيچري تي اڳيئون ڪو ايندو ھين ته ان لاءِ وٿي ڇڏي ھڪ قطار ٺاھيندا ھيا ۽ ھلندڙ ڳالھ جو سلسلو ٽٽڻ نه ڏيندا ھيا. جھٽ گھڙي پيچري تي ھلڻ پڄاڻان، ويجھي ڪنھن بينچ تي ويھي رھندا ھيا. جھٽ سوا ساھي پٽڻ ۽ ھڪ ٻئي سان کل مذاق کان پوءِ وري پيچري تي پنڌ پوندا ھيا. منجھن ھڪڙو ڪراڙو، عجيب حليي جو ھيو. اڪثر اڇي قميص، ساڳئي رنگ جي پتلون ۽ جوتا به اڇا پاتل. قد، وچٿرو ھيس. ڄنگھون سنھڙيون ۽ پيٽ وڌيل. اڇي قميص، پيٽ وٽ سوڙھي. عمر، ستر ٻاھتر سال.

پھريون دفعو جڏھن منھنجي نظر، مٿس پئي ته ائين لڳو ڄڻ ھو پوئين جنم ۾ مڇي رھيو ھوندو. مھنجي واتان اڻ-لکو نڪري ويو؛ ”مڇي نما ماڻھو“. مون کي ان عجيب خيال جو ڪو خاص سبب به سمجھ ۾ به نه آيو. شايد سنھيون ڄنگھون ۽ وڌيل پيٽ ڏسي، منھنجي ذھن ۾ اھو اڍنگو تصور اڀريو. پنڌ دوران، ساڻن ٻه دفعا آمھون سامھون اچڻو پوندو ھيو. ھر چڪر ۾، منھنجي پھرين نظر، ان مڇي نما ماڻھوءَ تي پوندي ھئي. سندن ھڪڙو ٻيو جوڙيوال به ٿورو عجيب ھيو. اڇي ڏاڙھي ۽ ڊگھا وار، سي به ڪلھن تي وڇايل. اھو وري ڀوري رنگ جي گھيريدار ڪانئچ پائيندو ھيو. سياري ۽ اونھاري، ساڳئي رنگ جي اوني چادر سان پاڻ کي ويڙھيو وتندو ھيو. کيس منھنجي ذھن، ڪنھن ڏورانھين جھنگ جي ڪناري تي واقع اجڙيل مندر جو پروھت بڻائي ڇڏيو. اھڙي مندر جو، جنھن جا پوڄاري زماني جي ڏاکڙن سبب، اھو ڳوٺ يا علائقو ئي تياڳي ويا ھجن ۽ ان جو ھاڻي اڪيلو نگھبان ۽ پوڄاري اھو اڇي ڏاڙھي ۽ ڊگھن وکريل وارن وارو پروھت ئي رھجي ويو ھجي، جنھن جي ايمان ۽ وابستگيءَ، کيس مندر سان بيوفائي ڪرڻ نه ڏني ھجي. گھڻا دفعا ائين به ٿيو ته مان ان پروھت متعلق سوچيندو ھيس ته منھنجو ذھن ان پارڪ مان نڪري ويران مندر ۽ ان جي اوس پاس موجود وڏي ۽ گھاٽي جھنگل جي سير تي نڪري ويندو ھيو. جتي مندر کان ٿوري فاصلي تي موجود ھڪ اوچي پھاڙ مان وھندڙ چشمي جو پاڻي، جھٽ سوا انھيءَ پٿريلي ڪاراڻ مائل پھاڙ تي وھڻ پڄاڻان ھيٺ، ان جي پٿريلي دامن ۾ ڪري رھيو ھجي. انھن پٿرن تي، مٿئون کان ان آبشار جي ڪرڻ جو لاڳيتو شور ۽ چاندي نما ريٻڙي جون ڦڻگون. وري اھو پاڻي وھندو، مندر جي پاسي ۾ ٺھيل ھڪ ڍنڍ ۾ ڪٺو ٿيندو ھيو. اھا ڍنڍ ڪا وڏي به نه ھئي. لڳ ڀڳ پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦھليل ھوندي، جيڪا وري ھڪڙي نئن جي شڪل اختيار ڪري، جھنگ ۾ ئي غائب ٿي وڃي. ڍنڍ کان ٿوري فاصلي تي، ان ڳوٺ جي گھرن جا اھڃاڻ ھيا، جنھن جي رھاڪن اھو مندر اڏيو ھوندو. ايامن تائين اتي ديوي ديوتائن جا ڀڄن ڳاتا ۽ پرشاد ورھايا ويا ھوندا. دنيا جي محرومين مان آجائيءَ لاءِ، ياتري پرارٿنائون ڪندا رھيا ھوندا. مرادون پوريون ٿيڻ تي دھل ۽ نغارن جا آواز، جھنگل ۾ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا ھوندا، سي به تڏھن، جڏھن ڪو پنھنجي باسيل سُکَ ماڻڻ پڄاڻان مٺائي ۽ ڪُٽي شڪراني طور ديويءَ جي چرنن ۾ رکڻ ايندو ھوندو. پوڄاري ۽ آيل ياتري، انھيءَ ڍنڍ جي صاف شفاف پاڻيءَ سان شنان ڪندا ھوندا. مندر جي درن ۽ درين تي ساوڪ ڦٽي آئي ھوندي. ڍنڍ سان گڏ ٺھيل پٿر جي ڏاڪڻين کي به جھنگلي ٻوٽا ۽ وليون چڱو خاصو ورائي ويون ھونديون. ٻيو ته انھن ڏاڪڻين، گھڻي وقت کان ڪنھن پوڄاريءَ يا ياتريءَ جي پيرن جو ڇھاءُ ئي محسوس نه ڪيو ھوندو، جيڪي ھتي اشنان ڪرڻ يا تن صفائيءَ پڄاڻان، مندر اندر ديوتائن جي چرنن ۾ نِمَڻ لاءِ پنھنجي پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ، انھن ڏاڪڻين تي ھلندا ھوندا.

ھاڻي فقط زمين تي سُرندڙ جيت جڙا ھيا يا ڪنھن قضا-نِئي ڪي جھنگلي جانور پاڻي پيئڻ واسطي، ھيڏانھن اچن ته ڪن ڏاڪڻين تي به اچي ويھن. ھن ڳوٺ ۾ ھاڻي، ڪجھ به باقي نه بچيو ھيو. ھا گھٽين جا اھڃاڻ موجود ھيا، ور وڪڙ گھٽيون ھاڻ به موجود ھيون. گھرن جون ڇتيون ۽ ڪوٺن جا دروازا ڪو نه ھيا، مگر بيٺل ۽ ڊٺل ڀتيون، گھٽين جي موجودگيءَ جو سبب ھيون. ھڪ ھنڌ ڳوٺ جي مرڪزي تنور جا اھڃاڻ ھيا. منھنجو ذھن، انھن سمورين جاين تي گھومتاريون ڪندو رھندو ھو. ڪيترا دفعا ته ھرڻن جي ٽوليءَ ۾ ھليو ويندو ھيو، جتي ٿوري فاصلي تي اس ۾ ليٽيل شينھن، کين تاڙيندي نظر ايندا ھيا. وڻن تي باندرن ۽ لنگورن جا ٽپا ۽ مستيون. جڏھن ذھن ان کنڊر مندر، جھنگ جھر، آبشارن ۽ ڍنڍ جي سير پڄاڻان موٽي پارڪ ۾ ايندو ھو ته ڪيترا دفعا اھو سوال ساڻُ کنيو ايندو ته اھو پروھت ڪڏھن کان ھتي سير ڪرڻ ايندو آھي؟ ڇا ھن انھيءَ مندر کي خيرباد چئي ڇڏيو آھي يا رات جو موٽي مندر ويندو آھي؟ اڪثر انھيءَ تخيلاتي سوال جواب تي مان مشڪي ڏيندو ھيس.

سندن گروپ ليڊر، ھڪڙو ڊگھو ھمراھ ھيو. ٺھندڙ جسم تي سھڻو لباس پاتل ۽ ھٿ ۾ لڪڻ ھوندو ھيس. اھو ڪو زميندار ھيو، جو اڪثر پنھنجي فصلن، گھوڙن ۽ ڍڳين مينھن جا قصا يارن کي ٻڌائيندو ھلندو ھيو. سندس پوکي راھي شايد سندس پٽن سنڀالي ھجي، جو جيڪي به واقعا ٻڌائيندو ھيو، سي اڳئين وقت جا ھوندا ھيا.

مان ڪيترا ئي دفعا ان ٽولي جي پويان پويان ھلندي، لاشعوري طور تي سندن پيرن تي ھلندو ھيس. ڪڏھن سندن رفتار کان ٿورو پوئتي ھٽي ھلندو ھيس، وري ڪڏھن اڳتي نڪري، ننڍيون ننڍيون وکون کڻي ھلندو ھيس ۽ سندن ڪچھري ٻڌندو ھلندو ھيس. اھي پنھنجي جواني، نوڪري، ڪاروبار، ٻارن ٻچن ۽ پوٽن ڏوھٽن بابت ڳالھيون ڪندا ھيا. منھنجي ان دوران ساڻن، ڪا به عليڪ سليڪ ڪا نه ٿي. ائين ٻه سال گذري ويا. البته پارڪ ۾ ٻين ڪيترن ئي ماڻھن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي وئي. جنھن مان مون کي اھا سُڌ پئي ته پارڪ ۾ پنڌ ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪير ڪيترو پابند آھي. ھڪ ڏينھن، اھي سمورا گم ھيا. سندن مقرر وقت تي ڪو به نه آيو ھيو. مون سوچيو شايد پاڻ ۾ صلاح ڪري وقت مٽائي ڇڏيو ھجين. ٻئي ڏينھن جڏھن انھن جھونڙن جو ٽولو اڳيئون ايندو نظر آيو ته منجھن ”مڇي نما ماڻھو“ نظر نه آيو. سوچيم؛ شايد کيس ڪو ڪم ٿي پيو ھوندو يا طبيعت خراب ٿي پئي ھوندس. الائي ڇو منھنجي ذھن، پاڻمرادو ان معاملي ۾ اھو ئي ڪارڻ گھڙي ورتو. ٻئي ڏينھن به ھو نظر نه آيو. بلڪ ھو مون کي وري ڪڏھن به نظر نه آيو. لڳ ڀڳ ھفتو ته منھنجون نظرون کيس ڳولھينديون رھيون. پوءِ مون گمان ڪيو ته شايد گذاري ويو آھي. ٿوري عرصي پڄاڻان ان اجڙيل مندر وارو پروھت به گم ٿي ويو. کيس نه ڏسي مان ٿورو ڏکارو ضرور ٿيس.

انھن ماڻھن سان منھنجي ھڪ قسم جي  اڻ-لکي وابستگي ٿي وئي ھئي. جڏھن پروھت کي ھڪ ھفتي تائين نه ڏٺم ته مون ھڪ ڏينھن ويجھو کان گذرندي کين سلام ڪيو، جنھن جي جواب ۾ سمورن وعليڪم السلام چيو. مون پروھت جي نه اچڻ جو ڪارڻ پڇين ته ان زميندار افسوس منجھئون جواب ڏنو ته؛ ’اھو انتقال ڪري ويو.‘

”اوھ! مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو!“ جنھن جواب جي توقع ھئي، سو ٻڌي، مون پڻ ڏکاري شڪل ٺاھي چيس؛ ”کيس ڇا ٿيو؟“

”ڪو خاص سبب نه ھيو!“ ڊگھي ھمراھ مشڪندي چيو؛ ”جنھن عمر جي حصي ۾ اسان آھيون، اتان ٻئي جھان ۾ وڃڻ لاءِ ڪنھن خاص وجہ جي ضرورت نه پوندي آھي. ھڪڙو معمولي بھانو ئي ڪافي آھي. جيئن ڪنھن وڻ جو زمين تي ڪريل سڪل پن، ھوا جي ھلڪي جھونڪي تي اڏامي، ڪٿان جو ڪٿي ھليو ويندو آھي. رب مٿس ٻاجھ ڪري.“

مان وک وڌائي، اڳتي نڪري ويس.

ان واقعي کان ٿورڙن ڏھاڙن پڄاڻان، مون کي نوڪريءَ جي سلسلي ۾، ملڪ کان ٽي سال ٻاھر رھڻو پيو. جڏھن موٽيس ته ھڪڙي ھفتي تائين ته ڪي مصروفيتون رھيون ۽ مان پارڪ وڃي نه سگھيس. ان کان پوءِ وري باقاعدگيءَ سان وڃڻ لڳس. پارڪ ۾ گھڙندي ئي، سڀ کان پھريون خيال مون کي انھن ڪراڙن جو آيو. مون کين ڏسڻ ۽ سندن خير خيريت ڄاڻڻ پئي چاھي. ٿوري دير کان پوءِ پري کان ايندي، نظر آيا. معمول مطابق سندن ڊگھو ليڊر، مڙني کان اڳيان ھيو. ويجھو اچڻ تي مون پھريون دفعو بيھي، ساڻن ملڻ چاھيو. ليڊر، پھرين منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکيو. پوءِ سِڪَ مان ڳراٽڙي پاتائين؛ ”اوھان گھڻي وقت کان پوءِ نظر آيا آھيو. مون کي ڳڻتي ٿي پئي ھئي. حالانڪ اڃا تائين مون کي اوھان جي نالي جي به خبر ناھي!“

مون ورندي ڏنس؛ ”مان ملڪئون ئي ٻاھر ھليو ويو ھيس.“ وري کلندي چيومانس؛ ”ھونئن به ھڪ دفعي پنھنجي ساٿيءَ جي وفات تي اوھان چيو ھيو ته ان عمر ۾ مرڻ لاءِ ڪنھن خاص سبب جي ضرورت نه ھوندي آھي ۽ مان اڃا ان عمر ۾ پھتو ناھيان.“ مون واري ان گفتي تي اسان ٻئي مشڪياسين. ان کان پوءِ مون سندس ٻين ساٿين سان ھٿ ملايو. ليڪن منجھن سندن پراڻن ساٿين مان ھڪ به نه ھيو. ھيءُ سمورا ھمراھ، زميندار سان انھن گذريل ٽن سالن ۾ اچي شامل ٿيا ھيا.

گھڻو زمانو ٿي ويو آھي، ان زميندار کي به دنيا ڇڏئي، ليڪن جھونڙن جو ھڪڙو ٽولو اڄ به قائم آھي. ھاڻ سندن اڳواڻ، ھڪڙو بت ۾ ڀريل، وچولي قد ڪاٺ ۽ لڳ ڀڳ ۶۵ سال عمر جو ھمراھ آھي. مان پوين ٿورڙن ڏھاڙن کان محسوس ڪري رھيو ھئس ته اھي مون کي ڪا ڳالھ چوڻ چاھين ٿا ۽ مون کي اندازو ھيو ته ھو مون سان ڇا ٿا ڳالھائڻ چاھين. مڄاڻ مان اھا ڳالھ کانئن ٻڌڻ نه پئي چاھي. ٿورڙا ڏھاڙا ته مان کانئن لنوائيندو رھيس.

ھڪ ڏينھن انھن مون کي روڪي ورتو ۽ چيائون؛ ”سائين منھنجا! ھاڻ اوھان عمر جي جنھن حصي ۾ آھيو، ان ۾ اڪيلو واڪ ڪرڻ، بيزاريءَ جو باعث به آھي ۽ ان ۾ حفاظت به ناھي. ساھ تي ڪو اعتبار ناھي. اگر اوھان اسان سان شامل ٿيڻ مناسب سمجھو ته اسان کي خوشي ٿيندي.“

مون سندن ڳالھ مڃي ورتي.

پگھر ۾ ڇَلِ، مشڪندڙ ۽ چمڪندڙ چھرن وارا نوجوان ڀڄندي، اسان ڏانھن ڏسندي گذري ويندا آھن. جيئن وھندڙ وقت گذري ويو. مان ڪيترا ئي دفعا سوچيندو آھيان: ”انھن جوان ماڻھن جي ذھنن ۾ مون لاءِ تصور ڪھڙو اڀرندو ھوندو؛ مڇي نما ماڻھو يا پروھت!“

 

(”پٿر چھري“ تان ترجمي سان کنيل)

No comments:

Post a Comment