Tuesday, July 5, 2022

دنيا کان اڳتي - وحيدمحسن

دنيا کان اڳتي

نامياري ڪھاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب تي مختصر ويچار.

وحيدمحسن



سنڌي ادب ۾ فليش فڪشن/ مختصر ڪھاڻي کي پڙھندڙن طرفان گهڻي اھميت ملي رهي آهي جنهن ۾ ڪھاڻيڪارن جو به اھم ڪردار آهي. اھي دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کي ڏسي خاص ڪري سنڌي ڪھاڻي جي اندر فليش فڪشن وارو رجحان تيزي سان وڌي رھيو آهي ۽ اھڙو رجحان پھريون اردو ڪھاڻيڪارن اپنايو بعد ۾ سنڌي ڪھاڻيڪارن ان کي وقت جي پڪار سمجهي مختصر ڪھاڻي کي پنهنجو ڪيو آهي. پر ڏٺو وڃي ته ڪھاڻي جيڪا مختصر اڳ ۾ لکي ويندي ھئي اھا پنهنجي سڀاء ۾ اڄ به اوتري اھميت جوڳي آهي. ان دؤر جي ڪھاڻيڪارن جي کيپ تمام گهڻي آهي ۽ موجوده دؤر ۾ ان کي فليش فڪشن جي ذمري ۾ آڻي مختصر ڪھاڻيون لکيون وڃن ٿيون. جنهن ۾ محمد علي پٺاڻ جو شمار گهڻو پر اثر ۽ ذهن کي ڇھندڙ آهي. ان اسان کي فليش فڪشن ۾ وڌيڪ ڪتاب ڏنا آهن.


محمد علي پٺاڻ جون ڪھاڻيون سماج سان ڳنڍيل آهن ۽ انهن جو اھو تعلق تمام گهڻو مضبوط نظر اچي ٿو؛ انهيءَ ڪري ان جي ڪھاڻين کي پھرين مرحلي ۾ روزاني ڪاوش ۾ پڙھيو وڃي ٿو ته بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ميسر ٿين ٿيون. فڪشن ادب پڙهڻ وارا پنهنجي مزاج ۽ ادراڪ سان انهن کي پڙھن ٿا ۽ سمجھن ٿا ۽ تنقيدي نگاھ سان ان جي پرک به ڪن ٿا. مان ۽ نامياري ڪھاڻيڪار عبدالواحد سومري انهيءَ نئين سوچ ۽ لاڙي تي ڪافي دفعا بحث مباحثا به ڪندا رھيا آهيون ته ڇا فليش فڪشن جي اچڻ سان سنڌي ڪھاڻي جو روح متاثر ٿيندو يا انهيءَ جي ترقي ٿيندي؟ بھرحال ھي موضوع تمام گهڻو وسيع آهي. ان تي گهڻو ڪجھ ڳالھائي سگهجي ٿو. پر دنيا جي اندر تبديل ٿيندڙ لاڙن کي به مدنظر رکي ان تي پنهنجا ويچار ونڊي سگھجن ٿا.

محمد علي پٺاڻ جي ڪھاڻين ۾ سماجي شعور اسان کي گهڻو تڻو ملي ٿو. انهن ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون ڀي پنهنجي خوبصورتي جو ڏيک ڏين ٿيون ته ان سان گڏ ڪھاڻي جي گھرج ۽ ٽريٽمينٽ جي حساب سان به اھي ڪارائتيون ٿين ٿيون؛ اھو آهي اسان جو لوڪ وزڊم جنهن کي محمد علي پٺاڻ پنهنجي ڪھاڻين ۾ ڏنو آهي تنهن ڪري اھي ڪھاڻيون متاثر ڪن ٿيون.

ان جون ڪھاڻيون بلڪل پنهنجي فڪر سان ٽمٽار آهن ۽ ڪلائميڪس تائين اھي پڙھندڙ کي گڏ وٺي ھلن ٿيون.

محمد علي پٺاڻ جون ڪھاڻيون زرعي سماج ۽ صنعتي سماج جو گڏيل عڪس آهن جنهن ۾ پنهنجي ديس جي ماڻهن جو درد؛ الميو انھن ۾ نظر اچي ٿو ۽ اھو ان جي ڪھاڻين جو اصل محور آهي. ھن ڪھاڻين ۾ ڪھاڻيڪار پنهنجي ڪردارن کان جيڪو رول ادا ڪرائي ٿو اھو ڏاڍو لاجواب آهي ان ۾ سماجي شعور جون فڪري راھون ملن ۽ ان عمل ۾ اسان جو ڪھاڻيڪار پنهنجي کليل اکين سان ادراڪ سان ماڻهن جو رھنما بنجي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو محمد علي پٺاڻ ان فڪري ڌارا جو اھڙو استاد آهي جيڪو پنهنجي سماج جي تصوير ڪڍي سڀني جي سامهون عيان ڪري ٿو جيڪا وڏي ڳالھ به آهي ته وڏي جرئت به آهي”دنيا کان اڳتي” ڪھاڻين جي مجموعي ۾ اوھان کي اھڙيون شاندار ڪھاڻيون ملنديون جيڪي اسان جي ئي سماج جون ڪھاڻيون آهن.

No comments:

Post a Comment