Wednesday, July 13, 2022

هڪ جُواري ليکڪ جي ڪٿا - دريا خان شنباڻي

هڪ جُواري ليکڪ جي ڪٿا

آڪڙا کيڏي ڪتاب ڇپائيندڙ اديب جي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي

 


بنيادي طور تي هو هڪ غريب اديب آھي، گڏوگڏ طبيعت ۾ به نفيس ۽ نازڪ ۽ سدائين بيمار....

“سائين! ٻه هزار پنج کان هيپاٽائيٽس جو مريض آھيان، گهڻو ڪري دوائون سرڪاري ملي وينديون آھن. پر ڪڏھن ڪڏھن سرڪار کي گهمري ايندي آهي ته دوائون اچڻ بند ٿي وينديون آھن ۽ پوءِ پنهنجن پئسن سان اهي دوائون وٺڻيون پونديون آھن ۽ دوا به هاڻ ڄڻ مانيء جيان زندگيءَ جي ضرورت بڻجي وئي آھي.”


”مان پنجن ٻارن جو پيءُ آھيان، والد گذاري ويو آ ۽ امان جيئري آھي. منهنجا ٻيا ڀائر به آھن ۽ اهي سرنديء وارا آھن. پر امان مون غريب جي حصي منجهان آھي. ۽ مان امان مان ۽ امان مون مان خوش آھي!” هو مُرڪندي ٻڌائي ٿو.

“ٿوري زمين منهنجي حصي ۾ آئي سا به گهر ٺھرائڻ لاءِ وڪڻي ڇڏيم ۽ اڄ ٻچڙا ٻيو نه ته پڪي گهر ۾ ته رهن ٿا.” هو ٻڌائي ٿو.

هو هڪ دوڪان تي ڪم ڪندو آھي ۽ سندس پگهار تمام گهٽ آھي.

“ان پگهار منجهان ته هڪ ماڻهو به پنهنجو پيٽ مشڪل سان پاليندو آھي ۽ تون سمورو گهر هلائي رهيو آھين؟!”

هن هڪ وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ پوءِ چيائين؛ “خبر ناهي منهنجي ان عادت کي اوهان ٺيڪ چوندئو يا غلط پر مان ڪيترن سالن کان آڪڙا پرچي کيڏندو اچان!”

مون کي سندس ان ڳالھ تي تعجب ٿيو ۽ سندس منهن ڏانهن ڏسڻ لڳس ۽ ٿوري دير کان پوءِ چيم؛ “چون ٿا ته آڪڙا پرچيء گهرن جا گهر تباھ ڪيا آھن!” منهنجي ان ڳالھ تي هو مرڪي پيو ۽ چيائين؛ “ٿي سگهي ائين هجي، پر انهيءَ آڪڙا مان هلڪو ڦلڪو منهنجو گهر به هلندو آھي. حالانڪ ٿورو ٿورو پئسو ويندو آھي پر ڪڏھن ڪڏھن ڇڪو به لڳي ويندو آھي. اوهان متان يقين نه ڪريو پر مان ٻڌائيندو هلان ته منهنجا جيڪي ٻه مجموعا مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن، اهي مون آڪڙا پرچيء مان ڪمائي ڇپرايا آھن.”

پوءِ هو پنهنجا ٻئي مجموعا کڻي ڏيکاري ٿو ۽ چئي ٿو؛ “ڀلا منهنجي ايتري اوقات هئي جو ڪتاب ڇپرايان.... نه صرف ڪتاب پر مون پنهنجي ننڍڙي کي سائيڪل به آڪڙا پرچي کيڏي وٺي ڏني ۽ منهنجا ننڍا ننڍا ڪم ان آڪڙا مان ئي ٿيو وڃن.“

مون کي هن جي آڪڙا کيڏڻ تي اهي پرڏيهي اديب ياد آيا جيڪي وڏا وڏا جوئاري رهيا ۽ پبلشرن کان اڳواٽ پئسا وٺي اهي جوا ۽ شراب ۾ اڏائي ڇڏيندا هئا ۽ پبلشر ڪيترائي مهينا سندن مواد لاءِ ڪڍ پيا ڦرندا هئا.

“توکي خبر آ ته پاڻ وٽ آڪڙا کيڏڻ قانوني ڏوھ آھي.” مون چيو ته چيائين؛ “نه صرف قانوني پر اخلاقي ڏوھ به آھي پر ڇا ڪجي. چوريون ته ڪو نه ڪندس، ڌاڙا ته ڪو نه ھڻندس ۽ ٺڳي پاڻ کي اچي ڪو نه!” هو سماج جي ٻين براين ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪائي ٿو.

“ڀلا آڪڙا کيڏڻ لاءِ تو وٽ ڪا ئي مخصوص ڄاڻ آھي ڇا جو ڇڪا ٿا لڳن.”

هو هڪ دفعو ٻيهر وڏو ٽھڪ ڏئي ٿو ۽ پوءِ چئي ٿو؛ “بلڪل ڄاڻ به ضروري آھي پر جيڪي صرف پنهنجي منهن کيڏندا آھن سي ايترو ڪو نه ڪمائيندا آھن، ڪمائيندا اهي آھن جن وٽ ٽچ موبائيل هجي، اهي يوٽيوب ۽ واٽس ايپ هلائي ڄاڻن.”

“انهن شين جو هن ڪم ۾ ڪهڙي ضرورت!” مون چيو ته چيائين؛ “اصل ۾ يوٽيوب ۽ واٽس ايپ تي آڪڙا پرچيءَ جا ايڪسپرٽ رابطي ۾ هوندا آھن، اهي ڪي مخصوص نمبر ٻڌائيندا آھن ۽ کٽڻ واري کان پرسنٽيج جي حساب سان پئسا وٺندا آھن. اهو هڪ آسان طريقو آھي پئسا ڪمائڻ جو. پر ضروري ناهي ته انهن ماهرن جو ٻڌايل نمبر درست به وڃي، نمبر غلط به لڳي ٿا وڃن. پر گهڻو ڪري ڪڏھن ڪڏھن ڌُڪو صحيح لڳي ويندو آھي.”

سچ ته هو هڪ معصوم اديب آھي، هو ڪتابن ۾ گُم هوندو آھي. ادبي پروگرامن کان پري ۽ پنهنجي سرائونڊنگ وارن اديبن جي ڏک سُک ۾ گڏ هوندو آھي. جڏھن ڏس ته يا ته ڪو ناول پڙھي رهيو هوندو آھي يا آڪڙا جا نمبر ملائيندو رهندو آھي.

“ڀلا ڪيترو مطمئن آھين زندگيءَ منجهان؟!“!”

منهنجي ان سوال جو جواب ڏيندي چيائين؛ “زندگي به ته آڪڙا جهڙي ئي آھي. جنهن ۾ انگن سان انگ گڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. ڪڏھن ڪو انگ ٺيڪ لڳندو آھي ته ڪڏھن غلط.... ۽ ان صحيح غلط ۾ هڪ ڏينهن زندگي به پڄاڻيءَ تي پهچندي آھي ۽ باقي وڃي هڪ انگ تي بيهڻو پوندو آھي! اهو انگ آھي موت!”

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۸ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment