Wednesday, July 13, 2022

ڪهاڻي نيٺ مري وئي - دريا خان شنباڻي

ڪهاڻي نيٺ مري وئي

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



ڪهاڻي پهريان ته ڪي ڏينهن ليکڪ کي ستائيندي رهي؛ ”مون کي لک، مون ۾ جان وجھ!“

ليکڪ لنوائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو؛ ”تون هاڻي مري چڪي آھين، تنهنجو جنازو پيو آھي، جيئن ماڻھو مري ويندا آھن تيئن ڪهاڻيون به مري وينديون آھن.“

ڪهاڻي وري به منٿون ڪندي رهي؛ ”مون کي لک!“

ليکڪ چيو؛ ”صرف هڪ شرط تي!“

”ڪهڙي شرط تي!؟؟!“


”نقاد رڳو تنهنجي زندھ هجڻ جو ثبوت ڏئي ته تون واقعي جيئري آھين ته مان توکي لکندس!“

هوءَ نقاد وٽ وئي ۽ نقاد کي چيائين؛ ”ڇا مان جيئري آھيان!؟“

نقاد چيس؛ ”مون کان ڇو پئي پڇين؟“

”ان ڪري جو تون ئي مون کي جياري ۽ ماري سگهين ٿو.“

”ائين ناهي، ليکڪ توکي پهريان لکندو ۽ پوء خبر پوندي ته توکي جياريائين يا ماريائين.“

”پر ليکڪ پيو چئي ته اهو فيصلو نقاد ڪندو!“

”ائين ناهي، پهريان تون وڃ ليکڪ ڏي ۽ پوء مون وٽ اچ!“

ڪهاڻي ليکڪ وٽ وئي، ليکڪ نقاد ڏانهن موڪليس، نقاد ليکڪ ڏانهن موڪليس، ڪهاڻي پنڌ ڪندي رهي، ڪهاڻي پنڌ ڪري ڪري نيٺ مري وئي.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment