Tuesday, July 12, 2022

۽ هو سمهي پيو - دريا خان شنباڻي

۽ هو سمهي پيو!

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



”امي امي، انڪل سجاد هڪ وڏو ڍڳو آندو آھي.

”ها پٽ، قرباني جي عيد آھي، اهو ڍڳو قربان ڪري غريبن ۾ گوشت ورهائيندو.“

”امي اسان کي به گوشت ڏيندو نه انڪل سجاد!“

”ها ها، ڇو نه ڏيندو؟!؟“

”امي پاڻ به ته انڪل سجاد جي ننڍڙي پٽ لاء ماکي ڏني هئي!“

”ها بلڪل ڏني هئي!“


”انڪل سجاد مون کي چيو هيو ته تنهنجي ڏنل ماکيء تي منهنجي پٽ جي کنگھ گهٽجي وئي!“

”بلڪل، ماکيء ۾ شفا آھي!“

”۽ امي جڏهن ماما وڏو ڳوٺان کارڪون کڻي آيو هيو ته پليٽ ڀري انڪل سجاد جي گهر ڏئي آيو هيس.“

”پر تون اهو سڀ ڪجھ ڇو پيو چئين؟“

”امي ان ڪري جو هاڻ انڪل سجاد پاڻ ڏانهن گوشت به ضرور موڪليندو!“

”ها پٽ ضرور موڪليندو، ڀلا قرباني وارو گوشت پاڙي وارن ۾ نه ورهائيندو ته ٻيو ڪٿي ورهائيندو!“

”ٽي ڏينهن گذري ويا انڪل سجاد جي گهران ته گوشت ڪو نه آيو پر ڪنهن ٻئي به کين گوشت نه ڏنو!“

”ننڍڙو روز چئي، امي پاڻ انڪل سجاد کي ماکي...... انڪل سجاد کي کارڪون...... گوشت به ضرور ڏيندو!“

نيٺ خبر پئي ته انڪل سجاد پنهنجو ڍڳو قربان به ڪري ڇڏيو. سو ننڍڙو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين؛ ”امي امي، گليء وارا ٻڌائن پيا ته انڪل سجاد ڍڳو قربان ڪري ڇڏيو آھي!“

”ها پٽ، مون به ٻڌو آھي پر هاڻ پاڻ انهن کي نه ته ماکي ڏينداسين نه کارڪون.“

”نه نه امي، انڪل سجاد ڀلو ماڻھو آھي، ان کان وسري ويو هوندو، هاڻ پاڻ انهن کي اڃان به گھڻي ماکي ۽ گهڻيون کارڪون ڏينداسين ۽ ٻي عيد تي انڪل سجاد پاڻ کي ضرور گوشت ڏيندو......“

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment