Tuesday, July 5, 2022

پکين جي اُڏام - محمد علي پٺاڻ

پکين جي اُڏام

ننڍڙي ڪھاڻي

محمد علي پٺاڻ



خوف... انتھائي خوف... لڱن ۾ ڏڪڻي... ٻئي پاسي عشق جو مست ۽ وڏو آواز... اُٿي... کُھِجَڻَ کانپوء به وک کَڻُ... کَڻُ... منزل اُھائي ويجهي ڪندئي... سوريءَ کي وِهانوَ جي سيجَ سمجهه، چَري... سيخن تي پنهنجو ماسُ پچائڻ سِکُ، جو نِينھَن جو نالو ڳِيَڙو ٿَئيِ... ھي ڪا راند ناھي... سِسيِ نيزي پاند اُڇلڻي آ، ته ڀلي ٻه اَڌَ ٿي وڃي...

“ڪيئن ڪيان، ھَئِه... پاڻَ ۾ ايڏي ھمٿ ڪٿان آڻيان... جيڪر ته سھيليءَ جي شاديءَ جي ڪاڄ ۾ پھريان ئي پاڻُ سنڀاليان ھا... ھُو ڀَلِ ڏسندو رھي ھا... مان اکيون ھيٺ ڪري ڇڏيان ھا... نيڻَ نه ملايانسِ ھا... اُھي مليا، ته ڦاٿسِ...”


ائين ڪوڙڪيءَ ۾ قابو ٿي وَئي... پوءِ جيئن ھَٿُ نِرڙ تي رکي، ماڻهن کان اک بچائي ان سلام ڪيس، ته ويتر وٺجي وئي... موٽ ۾ حجاب جا سڀ پردا ٽوڙي ھن کان به الائي ڪھڙي طاقت ائين ڪرايو...

ھيڏي ھوڏي ڏسي، ٻين کي پنهنجي ڌُنِ ۾ مگن محسوس ڪري، اشاري سان موبائل نمبر گهريائينس... بنا پين کڻڻ ۽ پني تي لکڻ جي چپن کي گول مول بڻائيندي ۽ آواز بنا لفظ ٺاھيندي اوڏي مھل ئي ڏئي ڇڏيائينس...

ان ئي راتِ دير سان موبائل اسڪرين تي اوپرو نمبر ڏسندي دل جو دھڪو وڌي ويس... ڪشمش...“اٽينڊ ڪيان، نه ڪيان...”

نيٺ ڏڪندڙ آڱر ۾ ارادي جي اٽلتا اچي ويس... اٽينڊ ڪيائين، ته ھُو ئي ھو...“جاني!” چئي مخاطب ٿيس، ته گل وانگر ٽِڙيِ پَئيِ...

موٽ ۾ لفظ زبان ۾ نه آيس... کن جي خاموشي... جيڪا ان ئي ٽوڙي...“منهنجي اکين ۾ تنهنجيون اکيون اڃا ٽِڪَ ٻڌي بيٺيون آھن... ننڊ کسي ويون آھن...”

“ھُون...” صرف ايترو اُڪليس...

پوءِ ھن ڪيتريون ڳالهيون ڪيون... ھن جي سونهن جي تعريف ڪئي... ھن جا لفظ “سچ...!”، “سچ...” تائين محدود رھيا...

ٻي رات زبان جا زنجيرَ ٽٽا... ۽ ائين ٽٽندا ئي ويا... نيٺ لفظ “شادي...“ وچ ۾ آيو... مجبور ٿي ٻاهر ٻاڦ ڪڍڻي پيس... ماءُ گوڏي تي ھَٿُ ھَڻي چيو؛ ”ڇوري، قَھَرُ ڪري ڇڏيُئيِ...”

“امان، بيوس آھيان... توکان سواءِ ڪو چارو ڪونھيم... جيجِڙي امان...”

رحم ۽ جهُٻي جي جذبي سان آنڊا مُنھَن ۾ آيا... مھل تاڙي انتھائي ٿڌي لھجي ۾ ڳالهه اصل ڪَنَ تائين ان ذريعي پھتي... پِيئيتيِ زبري ذات جي اَنا باھِ تي پئٽرول جيان ڀڙڪي اُٿي...“نَنھَن” کي لوھَ جا نَوَ ڪوٽَ پئجي ويا... ھڪدم سيل فون کسجي وئي... جنهن سان معصوم دل جو ڦَٿِڪو چوٽ چڙھي ويو...“خودڪشي ڪنديس...”

“اُڪو ئي ڪَرِ...” جواب ۾ ٽانڊا...

چار ئي واھون بند... آٿَتَ ڏيڻ واري اَمڙ به زاري ڪري اھو چئي مُنھُن ڦيري وئي ته، “تو کي سِرُ تَتو آ، ته ڀلي ٽُڪَرَ ٿيءُ...مونکي ساھُ پيارو آ...”

گهر ۾ ھڪ ڏينهن پاڙيسرياڻي پوڙھي مائي آئي... ماءُ ان لاءِ چانھ ٺاھڻ وئي، ته ان وجهه وٺي محبوب جو نياپو پڄايو...

پوءِ ان ئي راتِ جي وڏي اَسُرَ جو لَٽَنِ جي ننڍي ھَڙَ ھٿن ۾ ڪري ٻليءَ پير گهر مان نڪتي... ٻاھران محبوب بيٺل... ڀاڄِ... لِڪَ... ھِڪَ کان پوءِ ٻئي ھنڌ.. آخر سڀ بيزارُ... ھِڪُ ئي عُذِرُ، “اسان ڪچي پنڊي... وڌيڪ توهان کي ترسائي پاڻ تي ڪا مصيبت نٿا وجهي سگهون...“

نيٺ ھڪ ھنڌ وارن جي مدد سان ڪورٽ مئريج ٿي وئي... باھِ پوءِ به جهَڪي نه ٿي... انهن جي گهر جو مھل ڪُمھل ڪو در کڙکائي، ته ساھُ مُٺ ۾... لِڱَ ٿَڌا، جھڙي برف... ننڊَ ۾ به ڇرڪ...

بيزاري ۽ ڪاوڙ ۾ پاڻ ۾ گفتگو “ھي سڀ ڇا ھي... پيارَ پرڻو ڪيو آ... ڪو اھڙو سنگين ڏوهُ ته نه ڪيو آ... جنهن جي ايڏي وڏي سزا... اڙي، ان جي اجازت ته اسان جو مذهب به ڏئي ٿو، ته مُلڪي قانون به...“

اوچتو خبر چار ھوندي به وچ ۾ اغوا جي فرياد اچي وئي... ڪينگر کان اُٻَنگُ ڳؤرو ٿي ويو... مڙس جا ماءُ پيءُ گرفتار ٿي ويا... ٻيا گهر ڀاتي روپوش... دنيا جھانَ چُپِ...

“پيشِ پَئُون...“

“ڇو؟!...“

“مجبوري آ... ماءُ پيءُ جهليل آھن... زمانو چڱو نه چوندو...“

ٻاھر نڪتا... ٿاڻي تي پھچڻ کان اڳ خونخوار، گِگَ ڳاڙيندڙ جانورن مان رَسا نڪتا... انھن جي پويان وَرَ کُنجيلَ ماڻهو... ڊوڙ... سھڪو... ساڻائي... بيوسي... چَڪَ...“اَئيليِ... اَئيليِ...“جا آواز... ڪَڍَ انڌاڌنڌ فائر... چيخون... پکين جو ڀڙڪو ڏئي اُڏام... رت لڪيرون ٺاھي، پھريان ويچارا ڪڍندڙ واھُڙ ٿي وھندو، پوءِ ڏک ۽ افسوس جي ڍنڍَ ۾ تبديل ٿي ويو...!!

No comments:

Post a Comment