Tuesday, July 5, 2022

ناول ”نيروليءَ جو ڪُنِ“ جو مختصر جائزو - محبوب سنڌي

ناول ”نيروليءَ جو ڪُنِ“ جو مختصر جائزو

محبوب سنڌي



محمد صفر آگاڻي (ملڪ آگاڻي) سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ دور آهي، ۽ ان دور ۾ ڪهاڻي مٿان پرڏيهي ڪهاڻيڪارن جو اثر هو خاص ڪري ترقي پسند ادب جو تحريڪون ضرور وٺي چڪيون هيون،انهي دور ۾ ملڪ آگاڻي جي ڪهاڻي پنهنجي ڌرتي جي مسئلن سان سلهاڙيل ملي ٿي. هن برجستي ڪهاڻيڪار (ملڪ آگاڻي) جي نالي کان سواءِ سنڌي ڪهاڻي کيتر جو باب پورو نه ٿو ٿي سگهي، هن ٽي وي ڊراما به لکيا، شاعري به ڪئي ته ناول ۽ ناوليٽ به لکيا ته (مائو) هارين بابت لکيل ڪتاب جو سنڌي ۾ پڻ ترجمو ڪيو جيڪو (هارين جي بغاوت) جي عنوان سان ڇپيو، (ملڪ آگاڻي) اهڙو ذڪر ڪرڻ انهي لاءِ لازم هو جيئن نئين نسل کي هن ليکاري بابت ڄاڻ ڏئي سگهجي. ”نيرولي جو ڪُن“ ملڪ آگاڻي جو تخليقي ناول آهي، جيڪو پنهنجي دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي ظاهر ڪري ٿو. هي ناول، هڪ خاندان جي ٻن اهم فردن (ڪيلاش ۽ سيڪنه) جي ڪردارن جي چوطرف ڦرندي ۽ ساھ کڻندي نظر اچي ٿو. سڪينه جيڪا ڪيلاش جي زال جي ڀيڻ ۽ ڪريم جي زال آهي. ليکڪ ڪريم کي سماج جو ڪڌو ڪردار ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪو ڌيءَ جي ڀيٽ ۾ پٽ کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، اهڙي حقيقت کي ليکڪ جهالت واري دور سان ڀيٽيندي هن ريت ظاهر ڪري ٿو ته (ماڻهو پنهنجي جيئرن ڌيئرن کي کڏون کوٽي پوري ڇڏيندا هئا ۽ پٽ ڄمڻ تي اڄ جيان دهل دماما، ناچ نخرا، خوشيون شادمانا ملهائيندا هئا. ”ص:۶۶“) ڪريم جو ڪردارجيڪو بظاهر قومي شعور رکندڙ آهي پر سندس ذهنيت غلامن وارن آهي، جيڪو قومي ڪارج سان گڏ سماج لاءِ به نقصانڪار آهي. ليکڪ هڪ ڳوٺ جي گهر ۾ ٻن ڪردارن (ڪيلاش ۽ سڪينه) کان ڳالهرائيندي ان دور جي حقيقتن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ سنڌ ۾ سياسي ڀنڃ ڊاھ ٿي رهي هئي هڪ پاسي وفاق پرستي جي سياست جو زور هو ته ٻئي پاسي قوم پرستيءَ جو عروج هو ته وڏيرڪو جاگيردارانا نظام مظبوط ٿي چڪو هو ۽ سرمائيدار به پنهنجا پير پختا ڪري چڪا ها ۽ سنڌ جي مفادن کي شديد نقصان رسڻ جا چٽا آثار به ظاهر ٿي چڪا ها، اهڙي صورتحال کي ڏسندي ملڪ آگاڻي هي ناول (نيرولي جو ڪُن) لکي پنهنجي اندر جي ڪيفيت کي اظهاريو آهي. ناول ۾ جتي فني لحاظ کان ڪهاڻي پڻي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، پر ليکڪ فڪري مقصديت طرف لاڙو رکندي خوشحال خودمختيار سنڌ جو تصور هن ريت چٽي ٿو.(ان وقت هن جي آڏو سنڌ جي آئيندي جو تصور اڀري ايندوهو. تصور ئي تصور ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڳچيءَ مان غلامي جا ڳٽ نڪرندي، نيئر ۽ زنجير ٽٽندي ڏسڻ لڳندو هو. ”ص:۷۱“) هيءَ ناول موضوعاتي لحاظ کان سٺو آهي، پر پيشڪش جو انداز متاثر ڪندڙ ناهي ۽ پڻ ڪيهر شوڪت جي لکيل مهاڳ جون هي سٽون ته (سنڌيءَ ۾ مان جن وڏن ناول جي اچڻ جي ضرورت محسوس پئي ڪئي، نيرولي جو ڪُن، اهڙو ئي ناول آهي، هي آگاڻي جو نه پر سنڌيءَ جو به وڏو ناول آهي) جي ڏٺو وڃي ته اسان حاجي ۽ قاضي جي ورد مان جان آجي نه ڪري سگهيا آهيون ۽ اهڙي مرض ۾ اسان اڄ به ورتل آهيون. انهي سبب جي ڪري تخليقن جو معيار پورو سارو سامهون اچي ٿو.


هن ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سڪينه جو مڙس سڪينه ۽ ڪيلاش تي ڪارنهن جي تهمت هڻي کيس مارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، سندس گهر ڀاتي ۽ ڳوٺ وارا سڪينه کي بچائي وٺن ٿا، تنهن کان پوءِ به ليکڪ سڪينه کي ڪيلاش جي گهر ويندي ۽ ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ڪندي ڏيکاريو آهي، جيڪو پڻ تخليقي سگھ کي ڇيهو رسائي ٿو، ناول ۾ افغاني پٺاڻن جي سنڌ ۾ وڌندڙ لوڌ کي به ذڪر هيٺ آندو ويو آهي، ۽ اهو ساڳيو مسئلو اڄ به موجود آهي پٺاڻن سميت وڌندڙ ڌارين جي آباڪاري جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل ڌرتي جي آجپي لاءِ اڄ به ڪنهن کي ڪو الڪو ناهي، اهو ئي سبب آهي جو ڌرتي به اسان جي پيرن هيٺان نڪرندي وڃي پئي. ناول ۾ ليکڪ ٻوليءَ جي حوالي سان به ٿورو لکيو آهي جڏهن ته ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ اسان وٽ ٻولي جو وڏو مسئلو به سامهون آيو ۽ سنڌي ٻولي جي وارثن جون شهادتون به ٿيون، انهي ٻوليِ جي مسئلي کي چڱي طرح ليکڪ کڻي پئي سگهيو پر هن صرف هن طرح سان ٻوليءَ کي پنهنجي ذڪر هيٺ آندو آهي (اسان جڏهن ٻوليءَ وارن هنگامن ۾ سکر جيل وياسين ته جيل ۾ سترهن سئو قيدين مان ڪي چند ڌاريا نه ته هڙئي سنڌي هئا. ”ص:۷۴“) هن ساڳئي صحفي تي ليکڪ صرف ٻولي جي مسئلي بابت نشاندهي ڪئي آهي. جڏهن ته نصاب ۽ ادب جي ٻولي نج پنهنجي آهي جنهن ۾ ئي ليکڪ کي لکڻ گهرجي، جي پنهنجي علائقي جي اثر هيٺ ڪجھ لفظن جو بگاڙ ٿئي ٿو ته ان جو خاص خيال رکي صحيح اُچار سان لفظ استعمال ۾ آڻڻ گهرجن. ليکڪ هنن هيٺين جملن ۾ بگڙيل لفظن جو استعمال ڪجھ هن ريت ڪيو آهي (باقي گهر ۾ سو کٽان ڇني پيا کٽيان ڇنندا) يا لفظ ڪسران جو استعمال ٻولي جو بگاڙ آهي هتي (کٽيان جو جمع کٽون ۽ ڪسران جي جڳھ تي ڪسرون لفظ جو استعمال ٿيڻ گهرجي ها) مون مٿي چيو آهي علائقائي لهجي کان ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ ليکڪ کي صحيح لفظ جو استعمال ڪرڻ گهرجي. هن ناول ۾ ڪجهه (چوڻين) جو به استعمال ڪيو ويو آهي. جئين هن چوڻيءَ کي ڏسون (گدرو ڪريو ڪپ تي تڏي به گدري جو نقصان پر جي ڪپ ڪريو گدري تي تڏي به گدري کي نقصان.”ص:۳۵“) هن جملي جي سٽ ۾ پروف جون ڪيتريون غلطيون آهن انهن کي ڏسي سگهجي ٿو ٻيو ته لفظ (ڪپ جي بدران لفظ ڪاتي ۽ تڏي جي جاءِ تي تڏهن اچڻ گهرجي هان) جملو ائين لکجي هان ته بهتر هو (گدرو ڪريو ڪاتيءَ تي تڏهن به گدري جو نقصان، جي ڪاتي ڪري گدري تي تڏهن به گدري جو نقصان). ٻيو ته ڊراما نگاري ۽ افسانوي ادب جو بيانيا انداز ٿورو الڳ ٿئي ٿو جئين هو چوندو/ چوندي/ کلندو اهو پيشڪش جو طريقو ڊرامي، فلم يا اسڪرپٽ جو آهي جيڪو هن ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي. افساني ادب جي ٻولي ۾ (هن چيو يا چيائينس/ لکڻ لڳو) استعمال ٿيندو آهي.

هن ناول ۾ ليکڪ ادب ۽ اديب تي به ڳالهائيندي نظر اچي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته ادب براءِ ادب بجاءِ ادب زندگي ۽ مقصديت جي ويجهو هجي ته اهو ادب اسان جي ڪم جو آهي، سو ليکڪ پرڏيهي ادبي تحريڪن ۽ لاڙن کان واقف هوندي به پنهنجي ڌرتي سان سلهاڙيل سياسي ۽ سماجي حالتن تي لکڻ کي ترجيح ڏيندي نظر اچي ٿو جئين هن سٽ کي ڏسون. (اهڙو ادب ئي ڇا، جيڪو ڪنهن مجبور جي اوگهڙ نه ڍڪي سگهي؟ اهو ادب ئي ڇا جيڪو ڪنهن معصوم کي سک چين جي ننڊ نه ڏئي سگهي؟ ”ص:۴۵“) جي ڏسجي ته ناول جو ليکڪ انهن اديبن تي به تنقيد ڪري ٿو جيڪي ڪنهن سياسي پارٽي ۾ چنبڙي پاڻ کي هڪ نعري هيٺ قيد ڪري ڇڏيندا آهن، شاعر ۽ اديب ته پنهنجن قومن جا نمائيندا آهن سو ليکڪ ڪنهن ليکاري کي سياسي ڪارڪن ٿيندي ڏسي ٿو ته سمجهي ٿو هن خودڪشي ڪئي آهي ۽ ڪجھ صلاح هن ريت ڏئي ٿو(سچو اديب ۽ شاعر ته مظلوم قوم جي دکي انسان ذات ڏانهن جوابده هوندو آهي، قوم جو ڏک سندس جو ڏک آهي، ان ڪري اديب شاعر کي ڪنهن پارٽيءَ جو پوئلڳ بڻائي، خسيس ڪارڪن جي حيثيت ڏئي، سندس ڪردار کي محدود نه بنايو وڃي ته سٺو ٿيندو. ”ص:۸۰“ هڪ انٽرويو نما باب ۾ هن ناول ۾ سوال جواب جو دور ڏيکاري تصوف، ڪميونزم، سائين جي ايم سيد ۽ ڀٽو خاندان جي سياست تي ليکڪ ڳالهايو آهي، ليکڪ صوفي ازم ۽ ڪميونزم تي هڪ بحث کي ڇيڙي ٿو. ڪميونزم سان ذهني هم خيالي نه رکندڙن جو مذهبي ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿو ته ٻئي پاسي ڪميونسٽن جي اڳواڻ لينن، اسٽالن، مائوزيتونگ، محمد تراهڪي جي طرفداري ڪندي انهن سان ٿيل ناانصافين کي ظاهر به ڪري ٿو. ليکڪ جي هن جملي کي ڏسون (اسان جيڪڏهن اڄ جي سڌريل انقلابن ڪميونزم ۽ سرمائيداري کي ڪلھ جي غلامي واري دور، رومن، اميه، عباسيه ۽ چنگيزي دورن سان ڀيٽ ڪنداسين ته آخر ڪهڙو فرق محسوس ٿيندو؟

ڳالهه فرق جي آهي به ته اهو ڪلھ مذهب جي نالي ۾ رت وهيو، اڄ اسٽيٽ جي نالي ۾ ٿا انسان ڪٺا وڃن ”:ص۸۲“) هن ئي صحفي تي صوفي ازم جي حمايت ۾ ڳالهايل ليکڪ جو هي جملو ئي تصوف جي بلڪل وڪالت ڪري ٿو ته (صوفي ازم ڪلھ جي ملائيت خلاف هڪ سڌريل تحريڪ هئي) پوءِ تصوف بابت مختلف عالمن جا رايا ڏئي ڪري ليکڪ تصوف جي وصف کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سائين جي ايم سيد جي فڪري جدوجهد تي نظر وجهندي قومي تحريڪ ۾ ٿيل ڀڃ ڊاھ جو ذڪر ڪندي رسول بخش پليجي جو ڌار ٿي پنهنجي پارٽي (سنڌي عوامي تحريڪ پارٽي) ٺاهڻ جي ڳالھ ڪري ٿو ته پليجي صاحب ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڄام ساقي تي تنقيد به ڪندي نظر اچي ٿو. ائين سيد کان جدا ٿيندڙ ڊاڪٽر ارباب ۽ حيدر جويي جي ڪردار کي وائکو ڪري ٿو. ليکڪ ناول ۾ حيدر بخش جتوئي جي حوالي سان لکي ٿو ته (ائين ئي حيدر بخش جتوئي جي پٺيان ڇڏيل سنڌي هاري ڪاميٽي به ڪنهن خاص ڪردار جي مالڪ نه رهي ”ص:۸۵“) هاري ڪاميٽي بابت ليکڪ جي هن راءِ سان سهمت نه ٿو ٿي سگهجي. ڇو ته هڪ واحد سنڌي هاري ڪاميٽي هئي جيڪا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اڳواڻي ۾ بهتر ڪم ڪري ڪو لاڀ ڏنو هو. ڀٽي خاندان جي سياست تي نظر وجهندي ليکڪ وفاق جي مظبوطي جو ّذڪر ڪري ٿو.

هن ناول جي مهاڳ ۾ ڪيهر شوڪت جي هنن سٽن سان گڏ بيهندي ته ناول ڳوٺاڻي هڪ گهر ۾ ڪيلاش ۽ سڪينه جي ڪردارن کان ٿيندي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کان ويندي عالمي سطح جي وڏين حقيقتن کي ڇهي وٺي ٿو پر ليکڪ وري به ناول جي پڄاڻي عام روايتي انداز ۾ سڪينه کي ڪارنهن جي الزام هيٺ آڻي ڪري ٿو، جنهن ڪري ڄڻ ته هڪ وڏي فڪري بحث سان انصاف ٿي نه سگهيو آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۵ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment