Wednesday, July 13, 2022

هٿ وڍي - دريا خان شنباڻي

هٿ وڍي

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي

 


”اڙي ظلم ته ڏس، ڌاريا اچي هتي قابض ٿي ويا، ڪاروبار ڪن، دهشت ڦھلائن، پلاٽ وٺن، گهر اڏن، ته پوء ڇونه اسان هنن هٿان مار کائون!“

”سچ پيو چئين ڀائو!“

”ڏسين پيو نه حالت هر مهيني ڪٿان نه ڪٿان ڪو پنهنجو مارجڻ واري خبر ٿي اچي!“

”ها بلڪل!؟

”يار ظلم آ ٻيو وري ڇا!؟“

”نسورو ناحق، نه داد نه فرياد!“


”هائو ڙي با، پنهنجا ته پنهنجا پر هاڻ ته ڌارين هٿان پيا موچڙا کائون!“

”قهر آ صفا!!“

”ڏس ته ڪٿي ڪٿي اچي آباد ٿيا آھن!!؟؟؟!“

”هر چونڪ چوراهي تي قبضو، شھر ته شھر هاڻ ڳوٺن ڏي به مُھڙ ڪيائون!!“

”بس ڙي ادا، پنهنجن جون ئي ته مهربانيون آھن جو اچي مٿي تي ويهاريائون!“

”بلڪل!!“

”هل اٿ ڀلا ڪٿي چانھ اڌڙ پي اچون!“

”اٿ، هل ته سنڌڙي هوٽل تي سانوڻ جي هٿن جي چانھ پيئون!!“

”سانوڻ جي چانھ....!!! اهو ته مُئو بغل ٿو ڌوئي ڏئي!“

”ته پوءِ ڪنهن جي هوٽل تي هلون!“

”بولان هوٽل تي گُل خان جي هٿن جي چانھ، واه اه، هيڏانهن چانھ چپن تي رک، هوڏانهن دماغ مان ٺڪاءُ نڪريو وڃن!“

ته پوء هل.......!“

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment