Wednesday, July 13, 2022

بُک، هندو نه مسلم - دريا خان شنباڻي

بُک، هندو نه مسلم

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



”صبح لاڪون ننڍڙو نينگر گوشت گوشت ڪندو رهيو پر ڪنهن به هڪ ٿيلهي گوشت جي نه ڏني...”

”نيٺ سج لٿي سندس ماءُ گهران نڪري هڪڙي گيٽ واري گهر جو دروازو کڙڪايائين.“

”ٿوري دير کان پوء اندران آواز آيو، ڪير؟؟“

”اندرا!“

”جيءُ اندرا؟!“

”باجي ٿورو قرباني وارو گوشت کپي، هن مهل تائين ڪنهن به ناهي ڏنو!“

”اندرا، وڏو گوشت پيو آھي، آڻي ڏيانء!“


”هائو باجي!“

”ٿوري دير ۾ باجي گوشت جي ٿيلهي کڻي آئي ۽ هٿ ۾ ڏيندي چيائين اندرا، دل ۾ نه ڪجان، هڪ ڳالھ چوان!“

”جي باجي چئو!“

”اوهان ته هندو آھيو، وڏو گوشت ڪونه کائيندا آھيو!“

هن جون اکيون ڀرجي آيون پر چپن تي خوشيء جي مُرڪ هئي ۽ چيائين؛ ”باجي ٻچڙو صبح کان گوشت گوشت پيو ڪري، ڀلا بُک به هندو مسلم ٿيندي آھي ڇا؟“

”ائين چئي هوء ٿيلهيء سميت پنهنجي گهر ڏانهن وڌڻ لڳي!“

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment