Saturday, July 30, 2022

سونهان - غفار سومرو

سونهان

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



هو الرياض هوٽل جي اي سي روم ۾ ويٺو هو. اڳيان رکيل گرم گرم چانھ جو ڪپ کڻي چپن تائين آندائين. هلڪي سپ ڀري ڪپ شيشي واري ٽيبل تي رکي قميص جي اڳين جيب مان پين ۽ ٻٽو ٿيل ڪاغذ ڪڍي ٽيبل مٿان رکي غزل جو مطلع لکيائين ۽ پوء سوچن جي سمونڊ ۾ ٽٻي هڻي هليو ويو.


شاعر هو. شاعر به اهڙو جنهن جي نه رڳو شهر واسين ۾ پر سموري سنڌ جي ادبي حلقن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ هئي. ڪڏھن ڪڏھن نثر به ايترو ئي خوبصورت لکندو هو، جيترو شاعري. صاحب ڪتاب به هو. سال سوا اڳ سندس شاعريء جو مجموعو ڇپيو هو. جنهن عام توڙي خاص بلڪ ادبي حلقي ۾ خاصي مڃتا ماڻي ورتي هئي.

کن پل بعد سوچن جي سمونڊ مان نڪرندي غزل جو اڳيون شعر لکڻ لاء هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ ۾ جهليل پين جي نب پني تي رکيائين، تڏھن هڪ اڻويھ ويھ سالن جو نوجوان ڳڀرو سلام ڪري اچي مليس.

هن ڪاغذ تي رکيل پين مٿي کڻي ورتي ۽ ڪرسيءَ تان ٿورو اٿندي نوجوان سان هٿ ملايو ۽ کيس سامهون ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. نوجوان جيئن ئي ويٺو ته هن پاڻيءَ جو گلاس سوري ويجهو ڪيس. نوجوان پاڻي پِي ورتو ته خوش خير ۽ حال احوال شروع ٿي ويا.

“سائين! مون اوهان جي شاعري پڙھي آھي. اسين نوجوان اوهان مان خاصا انسپائر آھيون. اڄ توهان کي هتي ويٺل ڏٺم ته ملڻ لاء هليو آيس!” نوجوان متاثر ڪن اکين سان ڏانهس نيهاريندي چوڻ لڳو.

“جي جي! مهربانيون. آئون هتي اڪثر ايندو رهندو آھيان.” هن بيري کي ويجهو سڏي نوجوان لاءِ چانھ آڻڻ جو چيو. نوجوان چانھ پيئڻ کان نهڪار ڪندي چيو؛ ”سائين آءُ چانھ ڪو نه پيان بس رهڻ ڏيو.”

“ڀلو ڪندا آھيو. چانھ اوهان نوجوانن لاء چڱي به ڪو نه آھي. ڀلا ٻيو ٻڌايو!” هو پين تي ڍڪ ڏيئي هٿ ۾ گهمائڻ لڳو.

نوجوان ڪرسيءَ تي سولو ٿي ويهندي چوڻ لڳو؛ ”سائين مون وٽ اوهان جي شاعريءَ جو مجموعو به آھي جيڪو مون الاهي ڀيرا پڙھيو آھي!”

هو سرهائي محسوس ڪندي نوجوان سان ٿورو کُلي ڪري ڳالهائڻ لڳو؛ ”ڪيئن ٿي لڳي منهنجي شاعري!؟”

نوجوان شيشي جي ٽيبل تي پنهنجون ٻئي ٺونٺيون رکندي، اڳتي وڌي آيو ۽ چيائين؛ ”ڏاڍي اتم شاعري. اڻ ڇهيل خيال. تمام گهڻي اتساهيندڙ خاص ڪري نوجوانن لاء ته اوهان جي شاعري مشعل راھ آهي. اوهان جي قومي شاعري ته لاجواب آھي. ظلم زيادتي انياءُ ۽ ڌرتيءَ سان ويساھ گهاتي ڪندڙن خلاف اوهان جو قلم ڄڻ ڪهاڙي جو ڪم ڪري رهيو آھي!”

“وڏا وڙ! اهو اوهان جي قابل نگاھ جو ڪمال آھي پاڻ ته بس مرشد لطيف چواڻي مڙيئي رنڊا پيا روڙيون!” هو پنهنجي تعريف ٻڌي اندر ئي اندر ۾ جام خوشي محسوس ڪرڻ لڳو. پنهنجي ادبي پورهئي سبب ملندڙ محبتن مان مزو وٺڻ لڳو.

“پر سائين،،،،!” نوجوان ڪجھ چوندي چوندي رڪجي ويو ۽ جملو پورو ڪرڻ کان اڳ ڄڻ پنهنجي حواسن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.

“پر ڇا نوجوان! بي جهجهڪ ٿي چئو. توهان نوجوان ئي ته اسان جي شاعريءَ جا بهترين سونهان آهيو.”

نوجوان ٿورو هٻڪندي نيٺ همت ڪندي چئي ويو؛ ”سائين! ڪالھ مون اوهان جي شاعريءَ جو مجموعو هڪ ردي واري کي وڪڻي ڇڏيو،،،،!!”

“ڇا،،،!؟” چپن تي آندل ڪپ مان چانھ جي سرڪ سندس نڙي ساڙيندي هيٺ لهندي وئي ۽ هو تڪڙ ۾ ڪپ ٽيبل تي رکي پنهنجن چپن تي زبان ڦيرائڻ لڳو.

نوجوان سندس تعجب ڀري اکين ۾ گهور ڪري ڏٺو ۽ ڪرسيءَ تان اٿندي چوندو ويو؛ ”سائين! ان ڪري جو ڪجھ ڏيهاڙا اڳ اوهان هڪ ظالم، غاصب، منافق ۽ سنڌ دشمن وڏيري جي شان ۾ تعريفي مضمون لکي، پنهنجي ڏات تي تئو گهمائي ڇڏيو آھي!!”

 

(ڏھاڙي “آجيان” شڪارپور ۾ ڇنڇر ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment