Tuesday, October 3, 2023

کڦن - منشي پريم چند - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

کڦن

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: منشي پريم چند

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



جھوپڙيءَ جي ٻنڀي تي ٻئي پيءُ پٽ، اجهاڻل ٽانڊن آڏو، ماٺڙي ڪيو ويٺا ھيا ۽ اندر پٽس جي نوجوان زال ٻڌيا، در سان پنھنجو پاڻُ سٽي رھي ھئي ۽ رکي رکي سندس واتان اھڙي ته ھيانءُ ڏاريندڙ آھ پئي نڪتي جو ٻنھي جون ھيانءَ ۾ مٺيون پئجي پئي ويون. سياري جي رات ھئي. فضا، سانت ۾ ٻڏل ۽ سڄو ڳوٺ اوندھ ۾ وڪوڙيل ھيو.

گھيسوءَ چيو؛ ”خبر نه ٿي پوي، بچندي به الائي نه! سڄو ڏينھن ڦيٽون کائيندي گذريو اٿس. وڃ! ڏسي ته اچينس!“

ماڌوءَ ڏکايل لھجي ۾ چيس؛ ”مرڻو اٿس ته جلدي ڇو نه ٿي مري. ڏسي ڇا اچانس.“

”تون ته وڏو بيدردو آھين ڙي! سڄو سال جنھن مان زندگيءَ جو سک ورتئي، تنھن سان ايڏي بيوڦائي!“

”مون کئون سندس اھو تڙڦڻ ۽ ڄنگهون ٻانھون ھڻڻ ڏٺو نه ٿو ٿئي.“