Thursday, August 4, 2022

۽ عائشہ اچي وئي - قدرت الله شھاب - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

۽ عائشہ اچي وئي

(مختصر ڪھاڻي)

ليکڪ: قدرت الله شھاب

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



(ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي

ھيءَ ھڪ اھڙي شخص جي ڪھاڻي آھي، جيڪو ورھاڱي ويل، بمبئيءَ کان ڪراچيءَ لڏپلاڻ ڪري ٿو. جتي ھو روزگار طور، ڪيترا ئي ڪم ڪري ٿو، ليڪن کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي ٿئي. پوءِ ڪي ماڻھو کيس دلالي ڪرڻ لاءِ چون ٿا، ليڪن پنھنجي ديندار ڌيءَ جي لاءِ، ھو ان ڌنڌي کان منھن موڙي ٿو ڇڏي. ڌيءَ کي پرڻائڻ لاءِ، ھو ساڳين ڪمن ۾ پوري جو پورو کُپي ٿو وڃي ۽ وڏو امير ٿي ٿو وڃي. پرڻي جي وڏي عرصي پڄاڻان، سندس ڌيءَ ساڻس ملڻ لاءِ اچڻ واري ھوندي آھي ته ھو انھن مڙني ڌنڌن کان توبہ ڪري ڇڏيندو آھي.)

***



کوکراپار جي ھنڌ تي، سرحد ٽپندي ھندستاني ڪسٽم جي پھريدارن، عبدالڪريم ۽ سندس ونيءَ کي ته وڃڻ ڏنو، ليڪن سندن ٽي شيون، وڌيڪ تحقيق لاءِ پاڻ وٽ جھلي ڇڏيون. اھي ٽي شيون؛ سنگر سلائي مشين، ھرڪيولس جي سائيڪل ۽ عبدالڪريم جي نوجوان ڌيءَ عائشہ تي مشتمل ھيون.

ٻن ڏينھن ۽ ھڪ رات جي منٿن ميڙين کان پوءِ به ھزارين ھِچن بعد، جڏھن اھي شيون مليون ته سلائي مشين جا ڪيترا پرزا گم ھيا. سائيڪل جي گدي، ٽائر ۽ ٽيوب اڻ لڀ ھيا ۽ عائشہ....

خير، اھو به غنيمت ھيو، جو الله گھريو ته سلائي مشين جا ڪَل پُرزا نوان وجھائي وٺبا. سائيڪل جي گدي، ٽائر ۽ ٽيوب به ٻيا ملي ويندا ۽ عائشہ...

عائشہ جو به الله مالڪ آ. عبدالڪريم جو ايمان، غيب جي پر اسرار شين تي سرس ھيو. اڄ معمول کان سرس ڪشف جي ڪيفيت ڇُلڪي رھي ھئي.

جڏھن ھو ريلوي ٽيشڻ تي پھتو، ته اتان جي مقامي والنٽيئرن کين گوشت جي ٻوڙ جو پيالو ۽ چار تازا تازا نان، کائڻ ڪاڻ ڏنا. اڇا ڦول، نرم نرم ۽ ھٻڪار ڀريا نان ڏسي، عبدالڪريم پنھنجي ونيءَ جي سَٿَر تي، چوريءَ چھنڊڙي ھنئي ۽ سرٻاٽ ۾ چيائينس؛ ”عائشہ جي ماءُ! ڇا ٿي ڏسين! ڪھڙا نه نجا ۽ جھٻيل نان آھن. ھيل بمبئيءَ ڇا پيو ھيو؟ چئن سالن کان ڪنھن چڱي اٽي جي شڪل ڏسڻ لاءِ سڪي مئا ھياسين. واھ! ڪھڙا نه مکڻ جا چاڻا جوڙيا آھن منھنجي مولا!“

جڏھن ريل گاڏيءَ جي گاڏَي ۾ چڙھيا ته ڪي مسافر پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن ماڻھن سان عليڪ سليڪ ۾ لڳا پيا ھيا. ”اسلام عليڪم“، ”وعليڪم السلام“، ”السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہٗ“. عبدالڪريم، وري پنھنجي ونيءَ کي ٺونٺ ھنئي؛ ”عائشہ جي ماءُ ٻڌين پئي؟ ڇا ته ڌوم ڌام سان سلام پيا ٿين. واھ! اسلام جو ته شان ئي اور آ! ڀيڻسان بمبئيءَ ۾ ته ’بندي ماترم‘، ’بندي ماترم‘ ٻڌي ٻڌي ڪن ئي پچي پيا ھيا. خدا جو قسم، اڄ ته منھنجي ڇاتي به کُلي پئي آھي. واھ! ڇا ته ڳالھ آ منھنجي مولا جي.“ عبدالڪريم، پنھنجي اوس پاس ۾ ويٺل مسافرن سان وڏي جوش خروش منجھئون ھٿ ملائڻ ۽ ھيانءُ ڦاڙي ڦاڙي اسلام عليڪم چوڻ شروع ڪيو. جي سندس وني کيس پڪڙي، واپس وٺي نه ويھاري ھا ته مڄاڻ ھو ان ڪرت ۾ الائي ڪيستائين رُڌل ھجي ھا.

جڏھن ريل گاڏي چُري ته عبدالڪريم، وڏي ڌيان سان ان جي ڦيٿن جي چرڙاٽن کي ٻڌو. ٻاھر، تار جي ٿنڀن جي حساب سان گاڏيءَ جي رفتار جو اندازو ھڻڻ لڳو. ”واھ!“ ھن پنھنجي ونيءَ کي وري ٺونٺ ھنئي؛ ”ھن جي آڏو طوفان ميل ڪھڙي شيءِ آھي؟ اندر ئي ٺري پيو، گاڏيءَ ۾ ويھڻ سان. عائشہ جي ماءُ! تون به پنھنجي تسبيح ڪڍ! ۽ ظاھر پاھر دل کولي، ويھي الله جو نالو وٺ! ڇا مجال آ جو پويان ڪو اچي تنھنجو ڳلو ڪپي.“

ھڪ ٽيشڻ پڄاڻان ٻي ٽيشڻ ايندي وئي. گاڏي بيھندي ۽ ھلندي رھي، مسافر لھندا ۽ چڙھندا رھيا. عبدالڪريم دريءَ مان منھن ٻاھر ڪڍي، پنھنجي ماحول کي پنھنجي دل، سيني ۽ اکين ۾ ڳِھندو رھيو. صاف سُٿرين وردين وارا گارڊ، جن جي مٿي تي جناح ڪئپ، ھٿ ۾ سائي ۽ ڳاڙھي جھنڊيون ۽ وات ۾ سيٽي ھئي. پليٽ فارم تي سرڻين وانگر لامارا ڏيندڙ قلي. ڀون ڀون ڪندڙ مکين سان سٿيل مٺائين ۽ کاڌن جا ٿالھ، ٻاھر اک جي نظر تائين ڦھليل وڏا وڏا ميدان، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪن ڪچن پڪن گھرن منجھئون نڪرندڙ دونھون، تراين ۽ ٽوڀن منجھئون پاڻي ڀريندڙ ۽ ڪپڙا ڌوئندڙ مايون. مٽيءَ ۾ ڀڀوت انگن اگھاڙا ٻارڙا. اُڀ ڏانھن اکيون اڀيون ڪري تڪي ڪيڪاٽ ڪندڙ ڪتا، ٻليون ۽ ڳِجھون. ڪٿي ڪٿي ڪنھن ڍڳيءَ يا ڏاند يا مينھن جو سڙيل ڳريل ڌپيارو لاش...

جڏھن حيدرآباد جي ٽيشڻ آئي ته سڀ کان اڳ عبدالڪريم جي نظر ھڪ رنگين بورڊ تي وڃي پئي، جنھن تي ھڪ دل ڏڪائيندڙ مار ڌاڙ واري فلم جو اشتھار ھيو. اھو ڏسي سندس واڇون ئي وِلليون ٿي ويون. ساڳئي پليٽ فارم تي ڪجھ سپاھي ڏھن ٻارھن ملزمن کي وڪوڙيو بيٺا ھيا ۽ ھڪڙو ماجسٽريٽ ڪرسيءَ تي آڪڙيو، کليل ڪورٽ لڳايو ويٺو ھيو ۽ بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ وارن کي ڌڙا ڌڙ ڏنڊ جون سزائون ڏئي رھيو ھيو. سرڪار جو اھو رعب ۽ داٻو ڏسي، عبدالڪريم ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ وري معمول مطابق پنھنجي ونيءَ جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ خاطر سندس سٿر تي چھنڊي ھنيائين؛

”عائشہ جي ماءُ! انتظام ھجي ته اھڙو. ڀيڻسان بمبئيءَ ۾ ڪنھن ٽڪيٽ چيڪر جي مجال آ جو بنا ٽڪيٽ وارن کي روڪي ٽوڪي سگھي. واھ! حڪومت جو ڍنگ به مسلماني خون ۾ ئي آھي. مان ته اڳي ئي چوندو ھيس ته اھو ھنن لالا لوڪن جي وس جو ناھي.“

عائشہ جي ماءُ، ڏاڍي سڪون سان سيٽ تي اوڪڙو ويٺي ھئي. ان پنھنجي ڳنڍ مان ھزار مڻين واري تسبيح ڪڍي ۽ ھاڻي وڏي ڌيان سان ان تي الله تعاليٰ جي نوانوي نالن جو ورد ڪرڻ ۾ مشغول ھئي.

”عائشہ! ڌيءَ!“ عبدالڪريم پنھنجي ڌيءَ کي سڏيو؛ ”ڏسين ٿي نه پنھنجي ماءُ جا ٺٺَ! واھ! ڇا ته ڳالھ آ پنھنجي وطن جي ڌيءَ! ھن ڪاري صندوق مان منھنجي ٽوپي به ته ڪڍ ڀلا! ھاڻ ھتي ڪھڙي ڪميڻي جو ڀؤ آھي؟!“

عائشہ، مشيني انداز سان صندوق کولي ۽ ٽوپي ڪڍي پنھنجي پيءُ کي ڏنائين. اھا ھڪڙي پراڻي سرمائي رنگ جي جناح ڪيپ ھئي، جيڪا پائي عبدالڪريم ڪنھن وقت ڀنڊي بازار جي جوشيلن جلسن ۾ شامل ٿيندو ھيو. ليڪن ھاڻ چئن سالن کان اھا ٽوپي، انھيءَ صندوق ۾ بند پئي ھئي. ۽ مٿس لڳل، نِڪل جو چنڊ تارو پڻ زنگجي ٽوپيءَ جي رنگ جھڙو ٿي ويو ھيو.

ٽوپي پائي، عبدالڪريم سينو تاڻي، ويھي رھيو ۽ دريءَ کان ٻاھر اڏامندڙ ڌُڌڙ کي تڪيندو رھيو. عائشہ پڻ ٻاھر تڪي رھي ھئي. ھڪ کِٿ ۽ بيزار ڪندڙ نگاھ سان، جنھن جي آڏو ڪنھن منزل جو نشان ئي نه ھجي. ھوءَ وري وري ڪوشش ڪري رھي ھئي ته دل ئي دل ۾ دعآءَ گنج العرش جو ورد ڪڍي. انھيءَ دعا سندس ڪيتريون ئي مشڪلاتون حل ڪيون ھيون. ليڪن اڄ ان دعا جا لفظ، سندس چپن تي اچي چچرجي پئي ويا ۽ زبان تائين پھتا ئي نه پئي. سندس دل به اندر ئي اندر ۾ پڪاري رھي ھئي ته ھاڻي اھا وڏو اثر رکڻ واري دعا به سندس مشڪلات آسان نه ڪري سگھندي. ھاڻ ھوءَ اھڙي ھڪ منزل تي پڄي چڪي ھئي جتان خدا جي خدائي به راھ نه ڪڍي ڏيندي آ. توبہ! اھو ته وڏو ڪفر آ. خدا جي ذات ته قادر مطلق آ. اگر اھو چاھي ته زماني جي ڦيرن جو رخ ئي پوئتي موڙي ڇڏي ۽ زماني کي وري نئين سر ساڳئي لمحي کان شروع ڪري ڇڏي؛ جڏھن عائشہ اڃا کوکرا پار ويجھو ھندستاني ڪسٽم چونڪيءَ تي نه پھتي ھئي...

ڪراچيءَ پھچي، سڀني کان پھريون مسئلو، سر لڪائڻ لاءِ جاءِ جي ڳولا ڪرڻ جو ھيو. ٻين ماڻھن کي ڪندو ڏسي، عبدالڪريم پنھنجو سامان، ٽيشڻ جي ٻاھران ھڪڙي فٽ پاٿ تي اچي سٿيو ۽ عائشہ ۽ سندس ماءُ کي اتي ويھاري، جاءِ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. ڳچ رات گذرئي جڏھن ھو موٽيو، ته سڄي ڏينھن جي ھڻ ھڻان سبب ڏاڍو ٿڪل ھيو. ليڪن سندس چھري تي خوشيءَ ۽ اطمينان جا آثار ٻھڪي رھيا ھيا.

”عائشہ جي ماءُ!“ عبدالڪريم، فٽ پيريءَ ٽي پير ڊيگھاريندي چيو؛ ”پنھنجي ڪراچيءَ جي آڏو، ڀيڻسان بمبئيءَ جي ڪا به حقيقت ئي ڪانھي. تنھنجي سر جو قسم! اھڙا اھڙا عاليشان محل اڏيا پيا آھن، جيڪي نه ڪڏھن ڏٺاسين، نه ٻڌاسين. ھڪ کان اور ٻيو سيٺ به موجود ويٺو آھي. تنھنجو قسم! ھڪڙو ھڪڙو سيٺ، بمبئيءَ جي چئن مارواڙين کي ته کيسي ۾ وجھيون ھلي. ٻيو ته موٽر ڪارون؟! ڀيڻسان انھيءَ بمبئيءَ ڪاٿي اھڙيون ڀانت ڀانت جون موٽرون ڏٺيون ھونديون! ڀر منجھان لنگھي وڃن، سمجھ ته ڄڻ ڪنھن ريشم جو ٿانُّ کولي رستي تي وڇائي ڇڏيو ھجي. ھاڻي رڳو ٿورو ٿانيڪو ٿي ويھون ته تو کي به گھمائي ڦيرائي ايندس. دل خوش ٿي ويندءِ، ڪراچيءَ جي بھاري ڏسي.“

”گھر جو ڪجھ ٿيو؟“ عائشہ جي ماءُ، حقيقت ڏانھن موٽي آئي.

”اڃا ڪھڙي تڪڙ پئي آ. الله گھريو ته سمورا انتظام ٿي ويندا. اڄ مون گھمي ڦري، پڳڙيءَ جا اگھ پار پڇيا آھن. خدا جو قسم. عائشہ جي ماءُ، ڪراچيءَ جي آڏو اھا ڀيڻسان بمبئي ته ڪجھ به ڪونھي. پڳڙيءَ جي اگھن کي جيترو ھتي چاڙھ آ، ايڏو ته بمبئي وارن خواب ۾ ڪو نه ڏٺو ھوندو.“

عبدالڪريم جو ھاڻي اھو معمول ٿي ويو ھيو ته اسر ويل، اونداھڙي وقت ۾ نڪري پوندو ھيو. ڪڏھن بس ۾ چڙھيو، ڪڏھن ٽرام ۾، ڪڏھن رڪشي تي ته ڪڏھن پيرين پنڌ. ڪياماڙي، ڪلفٽن، بندر روڊ، صدر، فريئر پارڪ، اسيمبلي ھال، چيف ڪورٽ، جيل، پير الاھي بخش ڪالوني، خداداد ڪالوني، ناظم آباد، منگھو پير، قائد اعظم جي مزار... ڪو اھڙو ھنڌ نه ڇڏيو ھيائين، جنھن جو پنھنجي غور فڪر واري نظر سان جائزو نه ورتو ھجائين. ۽ ڪو جائزو اھڙو نه ھيو جنھن، سندس خون جي گردش تيز ۽ دل کي شاد نه ڪيو ھجي. ٻيو ته عبدالڪريم کي ڪراچيءَ جا فقير به خاندانُ نظر پئي آيا، جيڪي ماچيس يا باڪس ۽ اخبارون کپائي کپائي، وڏي خوش اسلوبيءَ سان دان گھرندا ھيا. بمبئيءَ وانگر نه، ھڪ ٻئي کان وڌيڪ ٿلھا متارا، لٺ کنيون گھمندا ۽ پن منگ ائين ڪندا ڄڻ ڌمڪي ڏئي، ابي ڏاڏي جو ڏنل قرض اڳاڙيندا ھجن.

ھڪ ڏينھن، جمع جي نماز پڙھڻ لاءِ جامع مسجد ويو. نمازين جو وڏو ھجوم ھيو. مصر، شام، عراق، حجاز ۽ ايران کان وڏا وڏا ماڻھو، ھڪڙي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ آيل ھيا. نماز کان پوءِ، پاڪستان متعلق ڏاڍيون شاندار تقريرون ڪيائون. الله اڪبر جا نعرا گونجيا. ماڻھو، اٿي اٿي سندن ھٿ چمڻ لڳا. ڀاڪر پائڻ لڳا ۽ چؤطرف جوش خروش جو عجيب عالم ڇانيل ھيو. اھو نظارو ڏسي، عبدالڪريم جي اکين مان بي اختيار ڳوڙھا ڳڙڻ لڳا. وري جڏھن سمورا ماڻھو ھليا ويا ته ھن الله تعاليٰ جي حضور ۾ شڪراني جون ٻه رڪعاتون نفل پڻ پڙھيون.

بمبئيءَ ۾ عبدالڪريم وٽ، ڀنڊي بازار جي پويان، ھڪڙي ننڍڙي کولي ھوندي ھئي. ھڪڙو اونداھو ۽ ڀوائتو ڪمرڙو، نه منجھس ورانڊو ۽ نه اڱڻ، نه تازي ھوا ۽ نه اس. ٻيو ته مھينو پورو ٿيو، ساڍا ڏھ روپيا ڪرائي جا ٺيڪ پھرينءَ تي نه ڀريائين ته سيٺ جي گماشتي جي ھنيانءَ-پَٽَ ۽ ڌمڪيون الڳ. ليڪن ان جي ڀيٽ ۾، ڪراچيءَ ۾ زندگي، وڏي مزي سان پئي گذرندي ھيس. جنھن فوٽ پيريءَ تي، ھن پھرئين ڏھاڙي تي کُپ کوڙيا ھيا، ھاڻ تِتي ڪي ٻارھن فوٽ ڊگھي ۽ ڏھ فوٽ ويڪري جاءِ والاري، ٻين ماڻھن کي ائين ڪندو ڏسي، ھن به ڪاٺيءَ جا تختا ڳنڍي ۽ پراڻين ڳوڻين جو پردو ٽنگي، ھڪڙي ننڍڙي جھوپڙي کڻي اڏي وڌي ھئي. کليل ۽ ھوادار، اس ۽ روشني بنا جھل جھڪ جي منجھس پئي اچي. ويجھو ئي بجليءَ جو ٿنڀو ھيو. جنھن جي بلب جي روشني، بلڪل جھڳيءَ تي پِئي پَئي. پاڻيءَ جو نلڪو به ڪو پري نه ھيو. ٻيو ته نه ڪرائي جي جھِڳ جھِڳ، نه ھر مھيني سيٺ جي گماشتي جون رڙيون ڪوڪون. اتفاق سان اوسي پاسي وارا پاڙيسري پڻ شريف ماڻھو ھيا ۽ مڙني جو پاڻ ۾ چڱو وقت پيو گذرندو ھيو.

بمبئيءَ ۾ عبدالڪريم کوڙ ڌنڌا بدلايا ھيا. آخر ۾، جڏھن ڪانگريسي حڪومت، شراب جي ممانعت جو حڪم جاري ڪيو ھيو ته عبدالڪريم جي لاءِ معاش جي ذريعي جي ھڪڙي مستقل صورت پيدا ٿي پئي ھئي. ايڪسائيز جي عملي، ديسي شراب ٺاھڻ وارن ۽ بنا پرمٽ جي شراب پيئڻ وارن سان سندس سٺا تعلقات ھيا ۽ ھيءُ انھن ٽنھي جي مناسب خدمتن عيوض پنھنجي لاءِ ٻه اڍائي سؤ روپيا ماھوار ڪمائي وٺندو ھيو. ڪراچيءَ پھچڻ کان پوءِ، ھن وڏي ڳولھا ڦولھا ڪئي ته خبر پيس ته مملڪت خداداد جي گاديءَ واري ھنڌ ۾ ته حال في الحال شراب جي حرمت جو حڪم نازل نه ٿيو آھي.

اھو ڏسي، سندس دل ۾ گھڻن ئي وسوسن ڪَرُ کنيو. جڏھن ته ھو چور بازار ۾، شراب جو ڪاروبار ڪري وٺندو ھيو پر ھو ان کي حرام شيءِ ضرور سمجھندو ھيو. ٻيو ته ھن پاڻ ڪڏھن ان کي چپن تي به نه آندو ھيو. جڏھن ڪانگريسين، شراب تي پابنديءَ جو قانون مڙھيو ته ھيءُ پنھنجي سنگتين آڏو وڏيون وڏيون ڊاڙون ھڻندو ھيو ته؛ ”ھندن اھا ڪم جي ڳالھ مسلمانن جي مذھب مان سکي آھي.“ ليڪن جڏھن ڪراچيءَ ۾ اھا بگڙيل حالت ڏٺائين ته کيس وڏو ذھني صدمو رسيو. ھن ماڻھن کان ان متعلق کوٽھڙا ڏئي پڇيو به، ليڪن ڪو به کيس دلي طرح مطمئن نه ڪري سگھيو. نيٺ ھڪ ڏينھن، جڏھن ھو حڪيم نجيب الله خان جي شفاخاني تي ڊاڙون ڊش ھڻي رھيو ته ڳالھين ڳالھين ۾ شراب جو مسئلو ڇڙي پيو. حڪيم صاحب، پنھنجي محلي ۾ وڏو جيد عالم تصور ڪيو ويندو ھيو ۽ دوا درمل کان علاوھ مسئلن مسائلن سان به خلق خدا جي خدمت ڪندو ھيو. عورتن ۾ ھسٽريا جي مرض جو بنا دوا جي، محض روحاني وسيلن سان ڇڏرائڻ وارو سندن اھو خيال، پڻ ڪمال ھيو. عبدالڪريم جا شڪ شڪايتون ٻڌي، حڪيم صاحب مرڪيو ۽ عقلي، برھاني ۽ قرآني زاوين سان شراب تي وڏي فصاحت ۽ بلاغت سان روشني وڌائين. ھر امر ۾ نيڪي ۽ بديءَ جون راھون ھونديون آھن. انسان جو ڪمال اھو آھي ته ھو بديءَ کان منھن موڙي ۽ نيڪيءَ کي اختيار ڪري. اھڙيءَ طرح شراب جا به فائدا ۽ گناھ، سندس سامھون آھن. اتي به انسان جي اختيار جي قوتِ جو امتحان آھي. شراب تي قانوني بندش مڙھي، انسان کي انھيءَ امتحان کان محروم ڪرڻ، سراسر مشيت ايزديءَ جي خلاف آھي.

عبدالڪريم تي انھن تفسيرن جو وڏو اثر ٿيو ۽ اسلام، ايمان ۽ قرآن جا نوان نوان راز مٿس کلڻ لڳا. ”عائشہ جي ماءُ!“ ھن چيو؛ ”غلاميءَ جي زندگي به ڪا زندگي آ ڀلا؟ پنجاھ ورھيہ ٿي ويا ڀيڻسان انھيءَ بمبئيءَ ۾ رھندي. نمازون به پڙھيم، قرآن شريف به سکيم. پر ڇا مجال آ جو ڪڏھن سيني ۾ ڪا ايماني چڻنگ به دکي ھجي. ھاڻ ھتي اچي نوان نوان راز کلڻ لڳا آھن. سچ چوندا آھن ته؛ ايمان جو مزو به آزديءَ سان آھي.“

”انھيءَ لاءِ ته حديث شريف ۾ آيو آھي ته؛ غلام ملڪ ۾ جمعي جي نماز تائين به جائز ناھي.“

شراب واري طرف کان مطمئن ٿي، عبدالڪريم ٻين گھڻن ڪاروبارن ڏانھن ڌيان ڌريو. ليڪن کيس چور بازاريءَ وارا تجربا ڪم ۾ آڻڻ جي ڪٿي به ڪا صورت نظر نه آئي. شراب آ ته کليو کلايو پيو وڪامي. اٽو آ ته سر عام چئين آني سير جي حساب سان ڍيرن جا ڍير پيو ملي. ڪپڙي جي به ڪا کوٽي ڪا نه. کنڊ پڻ عام آ. ھاڻ چور بازاري ٿئي ته ڪنھن جي سھاري ٿئي؟ پھرين ھن پان ٻيڙي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ آئس ڪريم ۽ فروٽ جي ٺيلھن تي قسمت آزمايائين. ان کان پوءِ ڪپڙي جو ھڪڙو ننڍڙو ھٽڙو کوليائين. گذر سفر جيترا پئسا ته ھر ھنڌئون نڪري پيا ايندا ھيا. ليڪن زندگيءَ جو پيارو مٺاس ختم ٿي ويو ھيو ۽ سڌو سنئون دڪان تي ويٺي ويٺي عبدالڪريم جي دل بيزار ٿي ويندي ھئي. ھو ڪنھن خطرن سان ڀرپور، ڳجھ ڳوھ ۾ ھلندڙ ڌنڌي جو ڳولائو ھيو، جنھن جو تجربو، ھن زندگيءَ جا بھترين سال وڃائي، حاصل ڪيو ھيو. ليڪن في الحال ان جي ڪا صورت نظر نه پئي آيس. ان ڪري سندس دل ۽ دماغ تي سدائين ھڪ مستقل بيزاريت ڇانيل رھندي ھئي.

بمبئيءَ ۾ جيڪڏھن ڪنھن ڪارڻ مٿس بيزاري ۽ مايوسيءَ جو حملو ٿيندو ھيو ته دل وندرائڻ جي لاءِ .... جي ڪوٺي تي راڳ ٻڌڻ لاءِ ھليو ويندو ھيو.

ڪراچيءَ ۾ آئي کيس ڪيترا ئي مھينا گذري ويا ھيا ۽ ھن ھتان جو چپو چپو ڪري گھميو ھيو. ليڪن ھيستائين کيس ڪٿي به ان بازار جو ڪو نانءُ نشان ئي نظر نه آيو ھيو، جتي ھو گھڙي سوا لاءِ وڃي ڪو دل جو بار ھلڪو ڪري اچي. ھن کوٽ کوٽان ڪئي ته ڄاڻ مليس ته چڪلن تي قانوني بندش لڳل آھي. جيئن بمبئيءَ ۾ شراب بند آھي، تيئن ڪراچيءَ ۾ رنڊين جو پيشو منع آھي. عبدالڪريم، وڏي دل جي صفائيءَ سان اھا خبر عائشہ جي ماءُ کي ٻڌائي ۽ ٻئي گھڻي دير تائين فٽ پيريءَ تي، پنھنجي جھوپڙيءَ آڏو، کٽ تي ويٺي قرآن ۽ ايمان جون روح پرور ڳالھيون ڪندا رھيا.

چڪلن جي سلسلي ۾ جيڪا تحقيقات عبدالڪريم ڪئي ھئي، ان دوران مٿس ھيءَ حقيقت به چٽي ٿي وئي ھئي ته ان ميدان ۾ بليڪ مارڪيٽ جا وڏا امڪان آھن. سندس ڪن اھڙن ماڻھن سان ڄاڻ سڃاڻ به ٿي وئي ھئي جيڪي انھيءَ واپار ۾ وڏي پھچ رکندڙ ھيا. ٻيو ته عبدالڪريم جي جھونن تجربن جي بنياد تي، کيس ٺيڪ ٺاڪ ڪميشن جي عيوض، پنھنجي ڪم ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ آتا ھيا. ھڪڙي ڪاڻي دلال ته شايد عائشہ کي به ڪاٿي ڏسي ورتو ھيو، جنھن تي ان راءِ ڏني ته اگر عبدالڪريم ساڻس ڀائيچارو ڪري ته ھو جلد ھزارن جا نه، بلڪ لکن جا مالڪ ٿي ويندا. جڏھن عبدالڪريم کي سندس نيت جو پتو پيو ته ھن پادر لاھي انھيءَ ڪاڻي کي سر عام ڦيھ ڏني. ان رات مسجد ۾ وڃي، سڄي رات سجدي ۾ ڪري پيو ۽ روئندو رھيو ته سندس دل ۾ اھڙي نيچ ڪم جو خيال به آيو! يا غفور الرحيم! اھا انھيءَ ڪڌي خيال جي سزا آھي جو ھاڻ ماڻھو سندس عائشہ ڏانھن به اک کڻي ڏسڻ لڳا آھن. يا الله توبہ، يا الله توبہ.....

ساري رات، خشوع ۽ خضوع سان استغفار ڪرڻ پڄاڻان عبدالڪريم جي دل گلن وانگر ھلڪي ڦلڪي ٿي وئي. اسر ويل اڃا اوندھڙي ھئي جو ھيءُ واپس گھر موٽيو ته جوڻس انتظار ڪري ڪري تڏي تي ئي سمھي پئي ھئي. عائشہ، فجر جي نماز کان واندي ٿي، قرآن جي تلاوت ڪري رھي ھئي. سندس آواز ۾ وڏو درديلو سوز ھيو. ٻيو ته جڏھن آھستي آھستي قرآت سان خدا جو ڪلام پڙھندي ھئي ته فضا ۾ ھڪ قسم جو عجيب عرفان ڇانئجي ويندو ھيو. عبدالڪريم ماٺ ڪيو ھڪڙيءَ ڪُنڊڙيءَ ۾ ويٺو ٻڌندو رھيو ۽ سوچيندو رھيو ته ڇا اھو معصوميت جو فرشتو آھي، جنھن جي متعلق ھڪڙي بدمعاش دلال، بدڪاريءَ جي ھوس ڪئي ھئي.

عبدالڪريم جي توبہ ۽ استغفار، وڏو اثر ڏيکاريو. ڪپڙي جو دڪان، چڱو ھلي پيو ھيس. ڏسندي ئي ڏسندي پير الاھي بخش ڪالونيءَ ۾ ساڍن چئن ھزار روپين ۾ ٻن ڪمرن وارو پڪو گھر خريد ڪري ورتائين. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ھيو جو عائشہ جي ماءُ کي پنھنجي ملڪيت جو گھر نصيب ٿيو ھيو. ھوءَ ان کي شيشي وانگر چمڪائي رکندي ھئي. ڏينھن ۾ ڪيترا ئي گھمرا ته سيمنٽ جو فرش ڌوپندو ھيو. ڀتيون ڇنڊبيون ھيون ۽ صبح شام اندر ٻاھر فينائيل جو ڇڻڪار ٿيندو ھيو ته جيئن مکيون اندر نه اچي سگھن. اسر ڌاري، اونداھي منھن، عبدالڪريم جي زال ته گھر جي صفائيءَ ۾ کُپي ويندي ھئي ته عائشہ وري ورانڊي ۾ ويھي قرآن پڙھندي ھئي. عبدالڪريم دير تائين پنھنجي بستري جي ماحول جي عرفان ۾ ڳڱ لڳو پيو ھوندو ھيو. آنن، اوڦراٽن ۽ چانھين جي نيرن ڪري، جڏھن ھو دڪان کوليندو ھيو ته سندس ظاھر ۽ باطن، گھڻا مطمئن ۽ سَرھا ھوندا ھيا.

ھلندي ھلندي عائشہ لاءِ نياپا به اچڻ لڳا. جنھن ڏينھن سندس مڱڻو ٿيو، ھوءَ بي اختيار سڄي رات مصلي تي ويٺي روئندي رھي. رخصتيءَ واري ڏھاڙي تي ڪيترا ئي دفعا روئندي روئندي بيھوش ٿي وئي. عبدالڪريم ۽ عائشہ جي ماءُ جو به ساڳيو حال ھيو. عائشہ جو مڙس بجنور جو مھاجر ھيو ۽ ٽنڊو آدم ۾ ڀلاوڻيءَ جو دڪان ھيس. جنھن ڏينھن ھوءَ ساھرين وئي ته ڄڻ عبدالڪريم جو گھر ئي سنسان ٿي ويو. ٻئي ڏينھن، معمول مطابق، سندس اک، منھن آنڌاريءَ جو کلي. ليڪن ويرانڊي ۾ عائشه جو آواز نه ٻڌي، پاسو ورائي سمھي پيو. جڏھن ھو سج چڙھئي اٿيو ته سندس بت ۾ وڏو آرس چڙھيل ھيو. جيئن آفيميءَ جي آفيم جو يا شرابيءَ جي شراب جو ويلو گسي ويو ھجي. بي دليو ھٿ منھن ڌوتائين، نيرن ڪيائين ۽ ڪپڙا لٽا مٽائي، ھٽ تي ھليو ويو. ھٽ تي به سندس دل ڀڳل ڀڳل ھئي. جنھن ڪري ھٽ کي معمول کان اڳ بند ڪري، ھو دل وندرائڻ خاطر، گھمڻ لاءِ نڪري ويو. رات جو ڏاڍو دير سان موٽيو ۽ مانيءَ کان بغير سمھي پيو.

ھاڻ سندس عادت ٿي وئي ھئي؛ صبح جو دير سان اٿڻ، گھڻو دير سان نيرن پاڻي ڪرڻ، ڏينھن پورو ڪري ھٽ تي وڃڻ، وري اڌ اڌ رات ڪري گھر موٽڻ. ھلي ھلي ھن ھٽ ھلائڻ لاءِ نوڪر رکيا ۽ پاڻ سڄو سڄو ڏينھن سمھڻ ۽ سڄي سڄي رات ٻاھر رھڻ لڳو. شام ٿيندي ئي سندس اڱڻ تي گھڻن ئي قسمن جي دلالن جو ميڙو مچي ويندو ھيو. منجھن اھو ڪاڻو دلال به ھيو، جنھن کي عبدالڪريم ھڪ ڏينھن سر عام پادرن سان ڪٽيو ھيو.

ھڪ اڌ دفعو عبدالڪريم جي زال انھن ماڻھن متعلق پڇا ڳاڇا ڪيس ته ڏاڍي صفائيءَ سان ٽاري ويس.

”عائشہ جي ماءُ! ھاڻ مون ھڪ اڌ ٻيو به واپار کوليو آھي. الله گھريو ته وڏي ڪاميابي ٿيندي. تون ٿورو تڪڙ ۾ ھنن مھمانن لاءِ چانھ پاڻي ته موڪل.“

عبدالڪريم جا نوان واپار به چمڪي پيا ھيا. ڇھن ستن مھينن ۾ پير الاھي بخش ڪالونيءَ وارو گھر ڇڏي بندر روڊ تي ھڪڙو ٻه-ماڙ بنگلو وڃي خريد ڪيائين. مُک دروازي تي ”سيٺ عبدالڪريم بمبئي والا“ جو بورڊ به لڳي ويو. سواريءَ لاءِ موٽر ڪار به اچي وئي ۽ گھر ۾ ڪم ڪار لاءِ نوڪر چاڪر به رکجي ويا. ھاڻ عائشہ جي ماءُ کي به وڃي واندڪائي نصيب ٿي ۽ ھوءَ اڌ اڌ رات جو اٿي تھجد پڙھندي ھئي.... ۽ پنھنجي ھڪ ھزار ھڪ مڻين واري تسبيح تي الله جي ھڪ سؤ نوانوي نالن جو ورد ڪري، پنھنجي مڙس جي ڪمائيءَ ۾ برڪت ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعائون گھرندي ھئي.

ھڪڙيءَ رات، جيڏي مھل عبدالڪريم گھر آيو، ته عائشہ جي ماءُ پيرن کي زور ڏيندي چيس؛ ”اڙي ٻڌئي! مون چيو ته ڪجھ ٻڌين ٿو؟!“

”ڇا ڳالھ آ عائشہ جي ماءُ؟!“ عبدالڪريم، بي ڌيانو پڇيس. سڄي ڏينھن جي ھڻ وٺ کئون ھو گھڻو ٿڪل ٽٽل ۽ ھِچِ ھيو.

”خير سان ٽنڊو آدم کان ماڻھو آيو ھيو. الله خير ڪري! تنھنجي ڌيءُ تي خدا جي وڏي رحمت ٿي آھي. ايندڙ مھيني تون به نانو سڏرائيندين.“

”الله تعاليٰ جو شڪر آ. عائشہ جي ماءُ، ايندڙ جمعي رات، يتيم خاني جا ٻار گھرائي، کين کاڌو کارائي ڇڏجانءِ. مون کي ڪم جي ھڻ وٺ ۾ الائي ياد رھي الائي نه رھي. تون ضرور ياد رکجانءِ ۽ ٻيو ته... عائشہ جي ماءُ، ٿورا گھڻا زيور ذرڙا ۽ ڪپڙا لٽا به ٺھرائي رک! جڏھن تون گيھ ۽ کچڙي کڻي ويندينءَ ته خالي ھٿين ته نه ويندينءَ نه! الله جو احسان، ھاڻ ٻه پئسڙا آيا آھن ته تون به پنھنجي ڌيئڙيءَ تي پنھنجون حسرتون ۽ شوق پورا ڪر!“

”اڙي ھان!“ عائشہ جي ماءُ آڪڙجي چيس؛ ”اھي تون ڳالھيون ڪھڙيون ٿو ڪرين. مان ڀلا گيھ ۽ کچڙي کڻي ڪاڏي رلندس. منھنجي ڌيئڙي، الله بچائيس وڌائيس، وڏي الھڙ ۽ اڻڄاڻ آ.... مون کيس ڏينھن پورا ڪرڻ لاءِ، ھتي گھرايو آيو. الله گھريو ته پرينھن ٻپھريءَ واري گاڏيءَ مان اچي لھندي. تون به ڪار ڪاھي ھلجانءِ. اسان عائشہ کي ٽيشڻ تان وٺڻ ھلنداسين.“

اھا خبر ٻڌي، عبدالڪريم پنھنجي بستري تي اٿي ويھي رھيو. سندس اکين تي ڪوريئڙي جون تانيون وڪوڙجي ويون ۽ کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ گھر جا در، دريون ۽ ڀتيون سندس چيٻارا ڪڍي چوندا ھجن؛ ”ھاڻ عائشه اچي پئي. عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي.....“

ھو سڄي رات، ھنڌ تي پاسا ورائيندو رھيو. صبح جو معمول کان اڳي اٿي ويٺو. وھنجي سھنجي، ڪپڙا مٽائي، نيرن ڪيائين ۽ سڌو پنھنجي دڪان تي وڃي ويٺو. سندس نوڪر، جيڪو پوين اٺن مھينن کان، اڪيلي سر ھٽ کي پنھنجي دل گھريي طريقي سان پيو ھلائيندو ھيو، سو ڌڻيءَ کي ايندو ڏسي گھٻرائجي ويو. ليڪن عبدالڪريم، ليکي چوکي جي ڪا ڳالھ ڪيس ئي ڪا نه. ھو سڄو ڏينھن گم سم ويٺو رھيو. سندس گھڻا تڻا دوست، کيس ڳوليندا اچي اتي به پھتا. ليڪن ھو ڪم جو بھانو ڪري، مڙني کي موٽائيندو رھيو. ٽيپھريءَ ڌاري، اھو ڪاڻو دلال به عادت سارو، کيس ڳوليندو، اچي اتي پڳو. سندس شڪل ڏسندي ئي عبدالڪريم آپي کان ٻاھر ٿي ويو. لوھي گز کڻي، چرين وانگر مٿس اُلريو.

”خبردار! اگر منھن جي ھٽ تي چڙھئين ته ٽنگون ڀڃي ڇڏيندوسانءِ! ڀيڻسان حراميءَ سڄي ڪراچيءَ ۾ گند ڦلھوري ڇڏيو آ.... وڃ! ٽر ھتان! ور نه ته پوليس کي ٿو خبر ڪيان. ڀيڻسان دلَّو!.....“

شام ٿيندي ئي ھٽ بند ڪري، عبدالڪريم، سڌو مسجد ۾ ھليو ويو ۽ گھڻي دير تائين سجدي ۾ ڍاڍيون ڏئي روئندو رھيو. دعا جا ڪلما، رڪجي رڪجي سندس زبان تي آيا پئي، ليڪن چپن تي دھلجي بيھي پئي ويا. جيئن ڪو ڪبوتر، پنھنجي آکيري تي وري وري اچي ۽ ان کي ويران ڏسي، ڦڙڪيون ڏئي واپس ھليو وڃي.

شايد عبدالڪريم، سجدي ۾ پِئي پِئي ئي سمھي پيو ھيو. ڇو جو جڏھن ڪنھن کيس سڏ ڪري جاڳايو ته فجر جو وقت ٿي ويو ھيو ۽ ٻانگو ٻانگ ڏئي رھيو ھيو. ننڊ جي کيپن ۾ عبدالڪريم کي ائين محسوس ٿي رھيو ھيو ڄڻ اھو ٻانگ جو آواز نه ھجي، بلڪ ڏور ڪٿان گھڻو پري کان ڪو سڏي چوندو ھجي؛ ”ھاڻ عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي، عائشه اچي پئي.....“


(‏ماھوار آنلائين ھمسري ميگزين حيدرآباد ۾ آگسٽ ۲۰۲۲ع جي پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment