Wednesday, August 17, 2022

فوجِيءَ جي گُهگِهي - حنيف باوا - ننگرچنا

فوجِيءَ جي گُهگِهي

پنجابي ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: حنيف باوا

سنڌيڪار: ننگرچنا



(حنيف باوا پنجابي ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجي منفرد ڏانءَ جي ڪري الڳ سڃاڻپ رکندڙ ڪھاڻيڪار آهي. هُن جون ڪھاڻيون هڪ پاسي بيانَ جي سولي ۽ سلوڻي هجڻ جي ڪري ته ٻئي پاسي جيون ۾ پيش ايندڙ عام وارتائن کي چِٽڻ جي ڪري ناماچاري رکن ٿيون. سندس ڪھاڻين ۾ قديم آکاڻين جو رنگ ۽ پڙاڏو به موجود هوندو آهي. حنيف باوا جي ڪھاڻين جو ڳٽڪو “چرخي دي موت” پنجابي ادبي بورڊ پاران ڇپجي چڪو آهي. هيءَ ڪھاڻي ساڳي اداري پاران “چُونڊ ڪھاڻي” نالي ڪتاب مان ترجمو ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ۱۹۶۰ع کان ۱۹۸۵ع تائين جون ۳۰ چونڊ ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن. ن. چ)



هُنَ وٽ سواءِ پاڻيءَ جي هڪڙي جِستي گُهگهيءَ جي ٻيو ڪجهه به نه هو. هُو هڪ فوجي هو ۽ پنھنجو پاڻ کي دشمن جي حوالي ڪرڻ وڃي رهيو هو. هُنَ کي واٽَ تي ٻه ٻار کيڏندي ڏسڻ ۾ آيا. اُهي ٻئي ٻار واريءَ جا گهر ٺاهڻ واري راند ۾ رڌل هئا. هُنَ کي ٻارڙا راند ڪندي ڏاڍو وڻيا. هُو اڳتي وڌڻ بدران ٿورو پَرڀَرو ٿي بيھي رهيو. هُو اُتي ويٺي فوج جو سپاهي نه پئي لڳو، ڇو ته هُو پنھنجي رائيفل گهڻو پوئتي اُنَ وڻ هيٺان ڇڏي آيو هو، جيڪو وڻ واريءَ جي هڪڙي وڏي ڀِٽَ جي ڪَڇَ ۾ هو ۽ جتي هُنَ ڪَڪِ ٿي، ڪيتريون ئي مصيبتون سَھِي، ڪيتريون ئي بُکون ڪاٽي، ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون پناهه ورتي هئي ۽ جتي هُنَ انهن ڏُکَن ڏاکِڙَن ۽ اُڃن بُکن کان گهٻرائجي پنھنجو پاڻ کي دشمن جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

هُو جڏهن هُنَ وڻ هيٺان آخري پناهه وٺڻ لاءِ ترسيو هو، تڏهن ڄڻ ته سندس ٻه پُٽَ ۽ هڪڙي ڌيءَ سندس اکين اڳيان اچي بيٺا هئا. انهن ٻارن جي ڪري ئي ته هُو فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو. اُنهن جي سَرءُ بڻجي ويل حياتيءَ ۾ بھار آڻڻ جي لاءِ ئي ته هِنَ جنگ ۾ لٿو هو. هُنَ کي جڏهن دشمن سان وڙهڻ لاءِ اڳين مورچن تي موڪليو ويو، تڏهن هُنَ سوچيو هو:

‘مان آخري هڏڪي تائين دشمن سان وڙهندم. مان لڙائيءَ ۾ اهڙا ڪارناما ڪندي مرندم جو سرڪار انهن کي ڏسندي مون کي وڏو تمغو ڏيندي. انهيءَ جَرڪَندڙ تمغي جي چمڪ منھنجن ٻارن جي اُونداهين جيون ۾ چانڊوڪي پکيڙي ڇڏيندي. ’

‘مان سِرَ جو سَٽُون ڏئي وڙهيم، پر ڇا پئي ٿي سگهيو؟ جنگ بنان ڪنھن فيصلي تي پھچڻ جي ختم ٿي وئي هئي ۽ مان دشمن جي جُوءِ ۾ ڌڪا ٿاٻا کائڻ لاءِ رهجي ويم. ’

‘هاڻي زندگيءَ کي مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ وجهڻ جو ڪھڙو فائدو؟ چڱو آهي ته مان پاڻ کي دشمن جي حوالي ڪريان. شايد ڪنھن ويل پنھنجن ٻچن کي ڏسي سگهان! ڇا ٿي پيو جي مان هنن جي جيون ۾ آيل اُوندهه تڙي نه سگهيم. نيٺ ته منھنجا ٻچا آهن، مون کي ضرور معاف ڪري ڇڏيندا. مون سان مِلي ضرور خوش ٿيندا. ’

هُنَ جڏهن کان پنھنجو پاڻ کي دشمن جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، تڏهن کان سندس سڀ ڀَوَ ڀولا ختم ٿي چڪا هئا. هاڻ هُو ڪنھن کان به مُنھُن لڪائي نه ٿي لنهگيو، ڄڻ ته انهيءَ ڳوٺ جو ئي رهاڪو هجي. نه ته هُو آخري پناهه وٺڻ کان اڳ ماڻهوءَ جي پاڇي کان به ڊڄندو هو. تڏهن ته جنھن ديس جو واسي هو ۽ جنھن جي حڪمرانن لاءِ اِها جنگ وڙهيو هو، اُنَ ديس جي دنگ کي پسڻ لاءِ ۽ پنھنجو ماڳ پسڻ لاءِ هُو وَسَندين کان پري رهي، ڏينھن راتيون گذاريندو رهيو هو. پر اڄ هُو هنن ٻارڙن کان پاسو ڪري نه لنگهي سگهيو، جيڪي وڻ جي گهاٽي ڇانوَ هيٺان کيڏي رهيا هئا. اِهي ٻار ڏسي کيس پنھنجا ٻچا ياد اچي ويا. هُنَ سوچيو، ‘ٿي سگهي ٿو ته اُهي به اِئين هنن وانگر گهرڙا ٺاهي کيڏي رهيا هجن. کيس هنن ٻارن ۽ پنھنجن ٻارن ۾ ڪو به فرق محسوس نه ٿيو. تڏهن ته اُتان لنگهندي سندس پير ڏاڍا ڳورا ٿي ويا. هُو هڪڙي وک به اڳتي کڻي نه سگهيو. هُنَ ٻارن جي راند ۾ ڦيٽاڙو وجهڻ نه ٿي گهريو، بس انهن کي کيڏندي ڏسڻ ٿي گهريائين.

هُو انهن کان ٿورو پَرڀَرو ٿي ويھي رهيو. ٻار جنھن واريءَ سان کيڏي رهيا هئا، هُنَ کي لڳو ته اها واري ته سندس ڳوٺ جي آهي. ڳوٺَ جي اها ٿڌي واري، جيڪا گرمين جي تکين اُسن کي چُوسي، راتين جي ٿڌاڻ وِرهائيندي آهي، سُکُ ۽ شانتي وِرهائيندي آهي. پر اڄ ڌڻيءَ جي مخلوق اُنَ گڏيل واريءَ کي بارود جي باهه سان ساڙي رک ڪري ڇڏيو هوندو. اِهي ٻار جنھن وڻ هيٺان ويٺا هئا، سو وڻ به کيس پنھنجي ڳوٺ جي وَڻَ جھڙو لڳو.

هُنَ ٻارن جي ڦاٽل ڪپڙن کي ڏسي سوچيو، ‘شايد هِنَن جو پيءُ به مون وانگر هِنن جون گُهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ٿيو هجي. شايد هُنَ به ڪو تمغو حاصل ڪرڻ جي لاءِ جنگ ۾ وڏا وڏا ڪارناما ڏيکاريا هجن ۽ شايد لڙائي بند ٿيڻ تي هُو به دشمن جي علائقي ۾ ڦاسي پيو هجي ۽ مون جيئن ڏکن هٿان هارَ مڃي، پنھنجن ٻارن لاءِ، پنھنجو پاڻ کي دشمن جي حوالي ڪيو هجائين.’

هُو ٿورو پري ويٺو ٻارن کي کيڏندي ڏسندو رهيو. ٻارَ سُڪَل واريءَ مان گهرڙا ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئا، پر کين ڪھڙي ڪَلَ ته سُڪي واريءَ سان ڪڏهن به ڪي گهر نه ٺھيا آهن. واريءَ ۾ پاڻي گَڏڻو پوندو آهي. شايد هُنَن وٽ پاڻي ناهي، پر هُنَ وٽ جو پاڻي آهي، هِنَ جِستي گُهگهيءَ ۾، جيڪا سندس ڪُلهي ۾ لڙڪي رهي آهي. هُنَ اِهو پاڻي اُنَ کَڏي مان ڀريو هو، جنھن جي آس پاس پري پري تائين رڳو ويراني ئي ويراني هئي. ها انهيءَ کَڏي کان ٿورو پري هڪڙي ننڍڙي وستي ضرور هئي، جيڪا جنگ هلندي ڊهي مٽيءَ جو ڍير بڻجي چڪي هئي. انهيءَ ڳوٺ جي ڪچن گهرن جي ڀتين جون سِرُون پري پري تائين کنڊڙيون پيون هيون. انهيءَ سڙيل ڊٿل وستيءَ کان ٿورو پري هڪڙي ننڍڙي ٻارَ جو لاش ۽ ان سان گڏ هڪڙو ٻڍڙو مُئو پيو هو. انهن سان گڏ هڪڙو ڇيلو به قيمو ٿيو پيو هو. انهن لاشن کي ڏسي ائين پئي لڳو ڄڻ انهيءَ جنگ جو مقصد رڳو انهن کي ئي مارڻ هو. اُهي مري ويا، جنگ بند ٿي وئي.

اها اُنهاري جي مُندَ هئي، اڌ رات جو وَڳڙو هو. وڏي ٻُوسٽَ ۽ گُهٽَ هئي. هُو گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڪمند جي اندر لڪل هو. هُنَ کي جڏهن اُڃ گهڻو سَتايو، تڏهن هُو ڊڄندو ڊڄندو ڪمند مان ٻاهر نڪتو ۽ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ رلڻ لڳو. گهڻي ڳولا کان پوءِ هُنَ کي جڏهن اهو کڏو نظر آيو، تڏهن ڄڻ ته پَرَ لڳي ويس. هُو ڊوڙي کڏي تائين پھتو، اُتان ڍَوَ تي پاڻي پيتائين ۽ جِستي گُهگهي به ڀري ورتائين. اهو ئي ڪِنو پاڻي هو، جنھن جي اَڄ ٻارن کي گهرج هئي.

هُو سَٽَ پائي اُٿيو، ڪُلهي مان جستي گُهگهي لاٿائين ۽ ٻارن جي ويجهو اچي چوڻ لَڳُنِ؛ “پٽڙا! سُڪِي واريءَ مان گهر نه ٺاهبا آهن. ”

ٻارن ڪَنڌُ مٿي ڪري هُنَ ڏي ڏٺو ۽ اُهي اِئين شرمائجي ويا ڄڻ ته سندن ڪا چوري پڪڙجي پئي هجي يا سندن ڪاريگريءَ تان لٽو لھي چڪو هجي.

هُنَ ٻارن جي انهن مُکڙن ڏي، جيڪي ڪجهه وائڙا لڳي رهيا هئا، ڏسندي سوچيو؛ ‘مان اجايو هنن ڏي آيم. منھنجي اچڻ جي ڪري هنن جي چڱي ڀلي راند ڦٽي وئي. مون هنن سان ڊوهه ڪيو، هنن جي ننڍڙين ننڍڙين خوشين جي ڳچين تي لت ڏني. مون کي هتان وڃڻ گهرجي، هاڻي جو هاڻي هليو وڃڻ کپي. ’

هُنَ جِستي گُهگهي انهن جي ڀرسان رکي ۽ اهو چوندو اڳتي وڌي ويو؛ “منھنجا ٻچڙئو! شال توهان ائين گهر ٺاهيندا رهو، ائين ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون ماڻيندا رهو. شال! هر قسم جي ڪوسي واءَ کان بچيل رهو. ”

هُو پنھنجو پاڻ کي دشمن جي حوالي ڪرڻ وڃي رهيو هو.

(*)

(ڇپيل ٽِماھي “سارنگا” حيدرآباد ۾)

No comments:

Post a Comment