Wednesday, August 17, 2022

نياپو - غفار سومرو

نياپو

ننڍڙي ڪھاڻي

غفار سومرو

 


هوءَ ڇوڪري ڪهاڻيون وڏي شوق سان پڙھندي هئي. ماهوار هزار داستان جو نئون شمارو هميشه سندس سيرانديءَ کان رکيل هوندو هو.

هوءَ جاڳ ۾ ڪهاڻيون پڙھندي رهندي ھئي ۽ ننڊ ۾ ڪهاڻيءَ جي هيرو سان محبتن جي سفر تي هوا جي کنڀن تي سوار هوندي هئي.


مون کي ڏاڍو وڻندي هئي ائين جيئن هن کي ڪهاڻيون وڻنديون هيون. هن کي آئون ڏاڍو وڻندو هوس. انڪري جو آئون کيس گذريل ڪيترن ئي سالن کان مهيني جي پهرين تاريخن تي هزار داستان آڻي ڏيندو هوس. هوء مرڪي پوندي هئي ۽ آئون سندس مرڪ سهاري جيءُ پوندو هوس.

هوءَ مون لاءِ ڪهاڻيءَ جي هيروئن جيان هئي ۽ آئون هن لاءِ ڪهاڻيءَ جي هيرو جيان.

اڄ هوء پاڻ سچ مچ ڪهاڻيء جي هيروئن ٿي پئي آهي ۽ اڄ آئون خود به ڪهاڻيءَ جو هيرو ٿي پيو آهيان.

اڄ هن جو نياپو مليو آھي؛ “هاڻ اءُ ڪهاڻيون نه تي پڙھي سگهان. هن مهيني مون ڏانهن هزار داستان نه وٺي موڪلج. منهنجو اڻپڙھيو مڙس ڪتاب پڙھڻ واري عورت کي خراب سمجهي ٿو!!”

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment