Monday, August 15, 2022

اصغر گُگو - سنڌي ڪهاڻي جي ڪائنات جو ستارو - منظور ڪلهوڙو

اصغر گُگو - سنڌي ڪهاڻي جي ڪائنات جو ستارو

منظور ڪلهوڙو



”هن اڌ سڙيل سگريٽ جهڙي ماڻھو کي پهريون ڀيرو حيدرآباد جي اولڊ مارڪيٽ جي هڪ ويران گهٽيءَ ۾ ڏٺو هئم.“

سنڌ جي نوجوان ڪهاڻيڪار اصغر گُگي جي ڪهاڻي ”سگريٽ دکائڻ کانپوءِ“، جيڪا هن جي ڪهاڻين جي مجموعي ”آڱريون هن جو نالو اُڻين ٿيون“ ۾ ٻين ۱۴ ڪهاڻين سان شامل آهي.


عمر جا چار ڏهاڪا پار ڪندڙ، سگريٽ پيئڻ کان ابتدا ڪري چرس، شراب، عورتن ۽ سيڪس کي وڌيڪ انجواءِ ڪرڻ واسطي هيروئن جي لَت ۾ ڦاسي پنهنجي خوبصورت زال، ٽن ٻارن ۽ پنهنجي خاندان جي نفرت جو شڪار، اسان جي سماج جي جيئري جاڳندڙ اصغر گُگي جي ان ڪردار سان جڏھن هڪ اين جي او ورڪر مخاطب ٿئي ٿو ته زندگي، ماحول ۽ سماج مان بيزار اهو هيروئني ڪردار جيڪو هاڻي HIV ايڊز جو ڊڪلئير مريض آهي. اهو اجهو هن طرح ان اين جي او ورڪر پاران ان سان واقفيت ڪرائڻ کان پوءِ هو نفرت ۽ ڌڪار. . . . . . مان ڳالهائي ٿو؛

”اڇا! تون ان اداري ۾ ڪم ڪندو آهين؟! جيڪو رڳو ڳالهيون ڪندو آهي!! علاج جي نالي تي رڳو آسرا ڏيندا آهن. “ هو هڪ ٻن سٽن ۾ منهنجي پوري اداري ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن بابت سڀ ڪجھ ٻڌائي ويو. هونءَ سچ سج آهي ۽ سج کي آئينو ڪئين ڏيکاربو آهي.

”توهان سڀ ”حرامي“ آهيو. هاڻي تون چوندين اسان جو ادارو ڀلائي جو ادارو آهي، پنهنجي اداري جي وڪالت ڪندين ۽ چوندين اسان ٻين کان مختلف آهيون. پر سچ اهو آهي ته توهان سڀ ”حرامي“ آهيو. خالي اکين ۾ خواب اُڻي پوءِ ڀڄي ويندا آهيو.“

ائين اها ڪھاڻي ”آڳريون هن جو نالو اُڻين ٿيون“ جي مجموعي جي صفحن تي اصغر جي ڪمال مهارت، فني، فڪري اڻت سان سفر ڪندي زندگيءَ جي بار کان بيزار هيروئني جي ”Hard Talk“ ٻڌڻ کان پوءِ اهو اين جي او ورڪر جڏھن هُن بابت پنهنجي اندر ئي اندر ۾ هڪڙو جملو اوري ٿو ته” هو درد جي ان سرحد وٽ بيٺو آهي جتي زندگيءَ کان تمام گهڻي نفرت ٿي پوندي آهي.“ ان نفرت جو شديد اظھار اصغر پنهنجي ان ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس ۾ هن طرح ان ڪردار جي زباني ادا ڪرايو آهي، جيڪو اسان جي اين جي او ڪلچر جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ آهي. هڪ هڪارت ۽ نفرت انگيز چٿر آهي ته

”توهان سڀ حرامي آهيو، خالي اکين ۾ خواب اُڻي پوءِ ڀڄي ويندا آهيو.“ سنڌ اڄ ان اين جي او ڪلچر جي ڪارستانين ڪري ٻيو ته گهڻو ڪجھ ڀوڳيو آهي پر اسان جي سماج ۾ پاڻ ارپڻ ۽ ٻين لاءِ سوچڻ، جاکوڙ جدوجهد ڪرڻ سياسي ۽ نظرياتي طور سنڌ اندر تبديليءَ لاءِ پاڻ ارپڻ ۽ زندگيون وقف ڪندڙ ڪلاس جي تباهي ۽ خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

”سگريٽ دکائڻ کانپوءِ“ ڪهاڻي ۾ اهو Drug Addict، اينگري مين سنڌ جي اين جي او ڪلچر جي هن اختتامي ڊائلاگس ۾ کَلَ لاهي انهن کي ننگو ڪري بيهاري ٿو، ” هو اُٿي بيهي رهيو. . . . . . ، تنهنجي رپورٽ تيار ٿي وئي هوندي، وڃي آفيس ۾ ڪوڙا ڪاڳر فل ڪج ۽ لکجاءِ ته اڄ مون هيترو سارو ورڪ ڪيو ۽ هڪ هيروئني کان ڪوڙي آٿت ذريعي ان جي اندر جي ڳالھ پڇي آيس ۽ هن شھر ۾ هڪ وڌيڪ ايڊز جو مريض آهي. تنهنجي تاريخ ٺھي وئي هاڻي وڃ. “

سنڌي ڪهاڻي سان رومانس ڪندڙ سنڌ جو هي نوجوان ڪهاڻيڪار ٻن ڏهاڪن کان سنڌي ڪهاڻي سان نڀائيندو پيو اچي. اصغر سنڌ جو وراسٽائيل ڪهاڻيڪار ته آهي ئي آهي پر سماج جي جن موضوعن ۽ جن ڪردارن کي هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ اُڻيو آهي انهن سان اصغر هڪ حساس ۽ زيرڪ تخليقڪار جيان خوب نباھ ڪيو آهي. اصغر پنهنجي ڪهاڻين کي رڳو سنڌ جي ٻھراڙين تائين محدود نه رکيو آهي پر هن جي ڪهاڻين ۾ اربن ايرياز جا اشوز ۽ ڪردار وک وک تي اوهان کي پڙھڻ لاءِ ملندا.

ايڪيهن صديءَ جي انفرميشن ايج واري دنيا ۾ سنڌ رڳو ٻھراڙي نه آهي. پر حقيقت اها آهي ته سنڌ جي ٻھراڙي گذريل اڌ صديءَ ۾ سُڪڙي آهي ۽ شھري سنڌ جو بي هنگام ڦهلاءُ ٿيو آهي. اصغر ان شھري سنڌ جو سڄاڻ ڪهاڻيڪار آهي، جنهن وٽ ٻھراڙيءَ جي folk wisdom سان گڏوگڏ شهري سنڌ جي روين، محبت، نفرت، خوشيون، ڏک، درد پيڙائون، اداسين، مايوسين ۽ معاشي تنگ دستي سان گڏوگڏ اميدن جا اولڙا به پسي سگهجن ٿا. اصغر پنهنجي ڪهاڻين، موضوعن ۽ ڪردارن بابت چوي ٿو ته” مون وٽ ڪائنات جو حسين موضوع محبت ۽ عورت گھڻو آهي ۽ ڪن ڪهاڻين جو ڪردار آءُ پاڻ آهيان. “ اصغر جي هن ڪهاڻين جي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي ”آڳريون هن جو نالو اُڻين ٿيون“ کان وٺي ٻين ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ عشق ۽ عورت جا موضوع ۽ ڪردار Central thought طور اوهان کي پڙھڻ لاءِ ملندا.

آڱريون هن جو نالو اُڻين ٿيون جنهن تي اصغر گُگي کي ۲۰۱۵ع ۾ انيس انصاري اڪيڊميءَ طرفان سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ مليو هو. ان ڪهاڻي ۾ اصغر محبت ۽ عورت جي ڪردار بابت پنهنجي اندر جي حسناڪي ۽ تخليقي حسن جو نکار پنهنجي دلفريب جملن ۾ هن طرح سان ڪيو آهي،

”هن جي جهڪيل ڪنڌ، گول چهري تي نرڙ وٽان وارن جي چڳ ڪِريل. . . . . . ائين لڳندو هو ڄڻ وارن جي چڳ هن جي ڳل تي عاشق هجي. “

”زندگي پيار ڪرڻ لاءِ ٿوري آهي، ماڻھو نفرت ڪٿان ٿا آڻين. “

”زندگي ايتري ته مختصر آهي جيتري دير ۾ ڪا ڇوڪري پنهنجي وکريل وارن کي کولي سنواري وري ويڙهيندي آهي. “

”جهرڪيون ۽ ڇوڪريون معصوم ٿينديون آهن. ان ڪري هر ڪنهن کي وڻنديون آهن.“

”ڪجھ ماڻھو خوبصورت خطن وانگر هوندا آهن، هر هر پڙهڻ جي باوجود به دل نه ڀربي آهي، دعائن وانگر هوندا آهن. اڃان سجدي ۾ سر جهڪيل ئي هوندو آهي ته لڙڪن وانگر اکين ۾ تري ايندا آهن. نگاھ وانگر هوندا آهن، جيڪڏهن اهي ساڻ هوندا آهن ته اونداهين ۾ به رستو ملي ويندو آهي.“

”زندگي ڏيڻ تي ايندي آهي ته هڪ پل ۾ سڀ ڪجھ ڏئي ويندي آهي ۽ هڪ پل ۾ ماڻھو سڄي حياتي جيئي وٺندو آهي.“

”دل هن جي نالي جي تسبيح پئي پڙهندي هئي. هن کي ڏسي اکيون رات جي پوئين پهر جيان ٺري پونديون هيون.“

”هن ڪڏهن پنهنجون اکيون پڙھڻ ئي نه ڏنيون آهن.“

اصغر جون اهي ۽ ان جهڙيون ڪهاڻيون پڙهي امين لاکي لکيو هو ته، ”اصغر جون ڪهاڻيون مون کي پليٽ فارم تي بيٺل اڪيلي ناريءَ جھڙيون لڳنديون آهن. اداس ۽ پر اميد، ڪٿي انهن ۾ بي انتها مايوسي هوندي آهي. پر ان مايوسيءَ جي انڌيري ۾ اميد جي هڪڙي ننڍڙي لڪير به. “

امين وڌيڪ لکيو آهي ته، ”مون کي پڪ آهي ته جيڪڏھن اصغر مسلسل اهڙي مشق جاري رکندو آيو ته پوءِ اسان کي سنڌي ڪھاڻي جي دنيا ۾ هڪ وڌيڪ نانءُ ملي ويندو.“

آئون امين لاکي جي ان راءِ سان اتفاق ٿو ڪيان ته اصغر سنڌي ڪهاڻي جي جهول ۾ پنهنجي ڪهاڻين جا گلدستا موڪليندو رهي نه ڪي پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”انتظار“ جيان انتظار ڪرائيندو رهي. پنهنجي ننڍڙي ڄمار ۾ سنڌ جي نئين ٽھي جي ڪهاڻيڪارن ۾ پنهنجي جدا سڃاڻپ رکندڙ اسان جو هي ايوارڊ يافته ڪهاڻيڪار اصغر گُگي جي ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ يوسف سنڌي ان راءِ ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو هو ته” اصغر جون ڪهاڻيون پڙھڻ کان پوءِ پڙهندڙن کي مايوسي ڪا نه ٿيندي ۽ پڙهندڙ اهو ضرور چوندو ته اصغر جي ڪهاڻين ۾ دَم آهي. “

هن جي ڪهاڻين، ڪردارن، پلاٽ، منظر نگاري، مڪالمن bold dialogues ۽ ڪهاڻين جي ڪلائيميڪس جو فني حوالي سان جائزو وٺندي پروفيسر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا اصغر کي ” هڪ منففرد ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. “

جڏهن ته سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ضراب حيدر اصغر گُگي جون ڪهاڻيون پڙهيون هيون ته هو به اصغر جي ڪهاڻين جي اڻتڪاري ۽ دلفريب جملن جي گواهي ڏيندي لکي ٿو ته؛

”اصغر جون سموريون ڪهاڻيون معاشرتي ڪهاڻيون آهن. جن ۾ رومانس واري موضوع کي وڌيڪ فوڪس ڪيو ويو آهي. اصغر جتي سماجي اثرن کان متاثر آھي اُتي هو پنهنجي اندر جي ڳالھ به سمجهائي ٿو ۽ محسوس ڪرائي ٿو پنهنجي ڳالھ ڪرڻ کان هو ڪنهن به چالاڪي يا هوشياريءَ کان ڪم نه ٿو وٺي. پر لاڙ جي لهجي جيان نرمي ۽ سادگيءَ سان واهوندي جيان وهي وڃي ٿو، جنهن جو احساس پڙهندڙن کي ڪنهن به ريت بوجهل نه ٿو ڪري.“

اصغر جي هن مجموعي ۾ ”پڄاڻي کان پهرين، ٽياس تي ٽنگيل وجود، شڪست کان پوءِ، جنم جنم جو پنڌ، سگريٽ دُکائڻ کانپوءِ، پٿرايل وجود، خوف، هينئڙو مون لوڻ ٿيو، منهنجو يار آدم، نئين قبر، اڪيلائي جو درد، رڻ ۽ رُڃ جو سفر، پيڙا جو پڙاڏو، کن پل جو ڀٽڪڻ، آڳريون هن جو نالو اُڻين ٿيون جي لاجواب ۽ پاڻ ڏانهن ڪشش ڪندڙ عنوانن سان ڪهاڻيون شامل آهن جن کي پڙهي سنڌي ڪهاڻي جي ڪائنات جي ستاري اصغر گُگي جي تخليقي، فڪري، فني ۽ مشاهداتي ائپروچ سان گڏوگڏ هر ڪهاڻي اندر نئين جهان جي جمالياتي مانڊاڻ کي ماڻڻ جي احساسن جي آبشارن جي رم جهم سان رتل رنگن کي چوءُ طرف پسي، سوچ ۽ لوچ جو سفر وڌيڪ سگهارو ۽ حسين بڻجي وڃي ٿو.

No comments:

Post a Comment