Monday, August 15, 2022

جنريشن گيپ - اعجاز - ننگر چنا

جنريشن گيپ

پنجابي ڪھاڻي

ليکڪ: اعجاز

پنجابيءَ مان ترجمو: ننگر چنا



اَسُرَ ويلَ

 _ ڪيڏو چيو اَٿمانءِ، نه ڪر ... ائين نڀاءُ نه ٿيندو. ٿورو سوچي سمجهي پيرُ کَڻُ. مجال آهي جو... هِنَ تي ڪو تِرَ جيترو به اَثر ٿيو هجي. ڀوڳِ ... هاڻ پاڻ ئي سڀ ڪجهه ڀوڳِ. ٻئي هَٿَ جوڙينسِ جان پيرين پَوينسِ. هاڻ ته توکي پاڻ ئي مُنھُن ڏيڻو پوندو.

_  اِهو ڇاهي، جيڪو گند بَلا اَچئي ٿو سو بَڪندو ٿو وڃين. ڪڏهن مامري جي ڳنڀيرتا کي به سمجهڻ جي ڪندو ڪر. اَلائي ڪھڙي مُنھَن سان ٿو چوين، اسان تنھنجي ڪابه سھائتا نه ٿا ڪري سگهون. اسان جي ڌيءَ آهي .... اسان هِنَ کي ڄَڻيو، تاتيو پاليو، پڙهايو لکايو آهي. جي اسان هِنَ جي خوشي غمي ۾ هِنَ جو ساٿ نه ڏينداسين ته ٻيو ڪير ڏيندس؟


_ او ڳَھلِي ٻڌاءِ ته .... مون هِنَ لاءِ بُرو سوچيو هو. چڱو ڀلو سھڻو سيبتو ڇوڪرو هو منھنجي ڀاءُ جو، هڪ ته پنھنجو رَتُ ۽ ٻيو وري سرڪاري نوڪري وارو. پر هِنَ نَنھڪَر ڪري ڇڏي. چئي، بابا! هُنَ جو نَڪُ ڦِٿَل آهي ۽ قَدُ مَنڌرو اٿس. ڏٺئي، پوءِ هِنَ کي هٿ ڇا آيو. نه ماڻهو هُنَ کي ڪجهه چَوڻ جھڙو نه آکِڻ جھڙو. پرائو رَتُ آهي جي سامهون ٿي پوي ته، اڳيون گستاخ ٿي پوي ته اسان جي منھن ۾ ڇا رهندو؟

_ بابا ! مان ته اڳ ئي پئي چيو ته ڀيڻَ! هي ڇوڪرو صحيح ناهي. پر هِنَ منھنجي هڪ به نه ٻُڌي. هيءَ تڏهن چوندي هئي: احمد پڙهيو لکيو آهي. هَڏَ ڪاٺَ جو به ڀلو آهي، ٻيو ڇا کپي توهان کي. هاڻ ڏسوسِ ڪيئن وات ۾ مُڱَ وجهي ويٺي آهي ڄڻ ته هِنَ کي وات ۾ ڪڏهن ڪا زبان ئي نه هئي. هاڻ ڳالهاءِ، ڳالهائين ڇو نه ٿي؟

_ رَبَ جو نانءُ ٿَوَ ماٺ ڪيو ۽ هوش کان ڪم وٺو. مڃيم ته ڇوڪريءَ کان ڀُلَ ٿي آهي. ٻارڙي آهي ويچاري. هيءَ ايڏي سياڻي ڪٿي آهي؟ پر توهان ته سياڻا آهيو، توهان ته ائين نه چئو. گذري ويل ڳالهين کي ڇڏيو، اڳتي جو سوچيو ته هاڻي ڪرڻو ڇاهي؟ ته جيئن منھنجي ٻچڙيءَ جو گهر بچي پوي.

_ نه، امان! نه .... اسان پاران ته کُتو جواب آهي هِنَ کي. هِنَ مامري ۾ اسان سندس ڪا به مدد نه ٿا ڪري سگهون. هِيءَ هاڻ ايڏي به ٻارڙي ڪونهي، پنھنجو چڱو مَٺو پاڻ ويچاري سگهي ٿي. پاڻ ئي وڃي مُنھُن ڏئي.

هَلُ ڙي ڇوڪرا! اُٿي ... ڪجهه دير ۾ اسان کي مَنڊيءَ به وڃڻو آهي.

اِهو چوندي ئي هُو هڪدم کٽ تان اُٿي ٿو ۽ گهران ٻاهر نڪري کيتن ڏي هليو وڃي ٿو.

.....*....

ٽيپھري

_ ڏس منھنجي راڻي ڌيءَ! ... تون پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي ڳالهين کي دل تي نه وٺجانءِ. مان ته چوانءِ ٿي ته تون وڃي پنھنجي گهر واري کان معافي وٺ. سَوَ گرميون سرديون ٿي وينديون آهن گهرن ۾. سَڀ تَتو ٿَڌو سَھڻو پوندو آهي .... تڪڙ ڪرڻ جي ڪري مامرو تھائين وچڙي پوندو آهي.

_ نه، امان! .... اِها ته اَڻَ ٿيڻي آهي ته مان هُنَ کان معافي گهران. مون ڪھڙو ڌاڙو هنيو آهي جان ڪنھن کي قتل ڪيو آهي جو ڪنھن کان معافيون گُهرَندي وتان. هونءَ به اِها ڀلا ڪھڙي وڏي ڳالهه آهي، ٻه ڄڻا گڏ رهندا هئا، نه نڀي سگهي ته ڌار ٿي ويا.

_ نه، ڌيءَ! ائين نه چَئُه .... مرد جي ڪري ئي عزت آهي عورت ذات جي، مرد کان سواءِ زناني ڪَکُ به نه لھي. هُو تنھنجو مڙس آهي، جي گهٽ وڌ ڳالهاءُ ڏنائين به.... ته ڇا ٿي پيو؟ گهر وارو ته رَبَ جي روپ سَمانِ هوندو آهي. جي ڪاوڙ ۾ هُنَ توکي ڪجهه چيو به آهي ته اِنَ جو مطلب اِهو ٿورئي آهي ته تون گهر ڇڏي هلي پوين.

_ امان! مون ڪھڙو ڏوھ ڪيو آهي. مان هُنَ کان ٻين مايُنِ وانگر ڪڏهن ڳَھَ ڳَٺا به نه گهريا هئا. نه ڪڏهن ڪا وڏي فرمائش ڪئي هئم، نه ڪاڏي وڃڻ جو ڪو هَٺُ. اڃا به پنھنجي پگهار تي گذارو ڪندي آهيان. هُو پنھنجي ڪنھن فِيميلِ ڪُليگ سان اَڌَ اَڌَ رات تائين ڪمري ۾ ويھي ٺَڪاءُ هڻندو رهي، مون ته ڪڏهن نرڙ تي گهنج به ناهي پاتو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪاڏي سيرَسَپاٽي تي وڃڻ جو ضد ڪيو اٿم. مان ته آچر واري ڏينھن به .....

_ ڌيئڙي! ڇا ٿي ويو آهي تنھنجي مَتِ کي؟ ڏِسُ منھنجي لاڏي! گهڙي کَنَ لاءِ اَڳلي جي ڪاوڙ سَھِي وَڃبي آهي. اُنَ مھل گهڻا سوال جواب ناهن ڪبا. ٿوري ماٺ ڪرڻ سان ڪجهه گَهٽجي نه ويندو آهي نه. اَڳلو سڄي دنيا سان وڙهندو آهي ۽ جي گهر اچي به هُنَ کي .... (هُوءُ ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏئي ٿي.)

_ مان ته بس ايترو ڄاڻان ٿي ته ڪجهه به ٿي پوي پر منھنجي پنھنجي به ڪا حيثيت آهي. توهان جنھن گهر کي بچائڻ جي ڳالهه ٿا ڪيو.، اهو گهر ڪڏهن منھنجو هيوئي ڪو نه. اتي هُنَ جي ماءُ جان وري سندس وڏي ڀيڻ جو حڪم هلندو آهي.

_ مان ته چوان ٿي! ڇوڪرين کي پڙهايو ئي نه. گهر مرد جو نه گهر واريءَ جو هوندو آهي. اها ڳالهه ته توهان اڄ ڪلهه جون ڇوڪريون سمجهو ئي نه ٿيون

 

(ماھوار امرتا حيدرآباد جي آگسٽ ۲۰۲۲ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment