Wednesday, August 17, 2022

محبت ۽ انتقام - موپاسان - ننگر چنا

محبت ۽ انتقام

فرانسيسي ڪھاڻي

تخليق: موپاسان

ترجمو؛ ننگر چنا



مان هِنَ شھرڙي مان پندرهن سالن کان غيرحاضر رهيو آهيان. مان پَن ڇَڻ جي مُندَ ۾ پنھنجي دوست سروال جي ساٿ ۾ شڪار ڪرڻ آيو هيس، جنھن جي حويليءَ کي جرمنن تباھ ڪري ڇڏيو هو.

مون کي هِنَ علائقي سان ڏاڍو دلي چاھُ آهي، جيئن ڪي ماڻهو چوندا آهن ته مون کي فلاڻو شھرڙو پنھنجي عظمت جي حوالي سان ڏاڍو وڻندو آهي، ائين ئي جيئن ڪا جڳھه پنھنجي آب هوا جي ڪري پسند ڪئي ويندي آهي جان وري سھڻي هجڻ جي ڪري...... جيئن ڪو ماڻهو ڪنھن عورت کي ڪنھن گُڻَ جي ڪري پسند ڪندو آهي پر ڪنھن ٻي عورت کي وري ڪنھن ٻئي گُڻَ جي ڪري چاھَ جي نظر سان ڏسندو آهي. منھنجي نظر ۾ ڪنھن سان چاھُ هجڻ جي پرک جو پيمانو ته وفا ئي آهي. مان سمهندي ته انهيءَ جا سپنا ڏسندو ئي آهيان پر واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ به اِنَ بابت سوچيندو رهندو آهيان. مون کي هتان جي مٽيءَ سان بي انت پريم آهي ۽ هتي وهندڙ ننڍڙي درياءَ سان به ڏاڍو پيار اٿم، جنھن جي ڪَپر تي ويھي ماڻهو مڇيون پڪڙيندا آهن جان وري سانجهيءَ مھل، جان وري سج اُڀرڻ ويلَ انهيءَ ۾ ٽُٻيون هڻندا آهن.



مان ۽ سروال ڏاڍا سَرها سَرها، هڪٻئي سان گڏ وکون کڻندا وڃي رهيا هياسين. اسان جا ٻئي ڪتا ڀونڪندا اسان جي اڳيان ڀڄندا پئي ويا. اسان وڃي سايوڊرس جي ننڍڙي جهنگ ۾ پھتاسين. منھنجيون نگاهون اُمالڪ وڃي سَڙيل جُهوپڙيءَ تي کُتيون ۽ اکين جي اڳيان جنگ کان اڳ واري صاف سٿري، انگور جي ولين سان ڍڪيل اُها جهوپڙي تَري وئي، جنھن جي باغيچي ۾ گلاب جا گُلَ ٽِڙيل هوندا هيا ۽ دَرَ جي لڳولڳ سُھڻا چُوزا ڦرندا رهندا هيا. هِنَ رَنگَ ۽ سُڳَنڌَ جي دنيا ۾ اُجڙيل گهر کان وڌيڪ اداس شئي شايد ئي ڪا هجي.

انهيءَ جُهوپڙيءَ جو بوتو ايترو ته سگهارو هو جو زماني جي حادثن جي باوجود پنھنجي جاءِ تي بيٺو هو.

اها عورت مون کي رکي رکي ياد پئي آئي، جنھن هڪ ڏينھن مون کي اُڃايل ۽ ٿَڪيَلُ هجڻ جي ڪري پنھنجي پيار سان نوازيو هو. هُنَ جو مڙس چڱو وقت ٿيندو جو گذاري ويو هو ۽ سندس پُٽُ.... ڊگهي قد جو، ماٺيڻي طبيعت وارو ، ماڻهن جي چوڻ مطابق وڏو پٿر دل هو.

ٻِن ماڻهن تي آڌاريل اهو گهراڻو سايوويج جي نالي سان سڏيو ويندو هو.

مون هلندي هلندي ڪنڌ ڦيري سَروال کي سَڏُ ڪيو ۽ هُو شڪارين واريون وڏيون ٻِرانگهون هَڻندو جڏهن مون وٽ پھتو، تڏهن مون کائنس پڇيو؛

“هتي جيڪي ماڻهو رهندا هيا، سي ڪاڏي ويا؟”

موٽ ۾ هُو مون کي انهن جي ڪٿا ٻڌائڻ لڳو.

“جيئن ئي جنگ شروع ٿي، ڪُراڙِيءَ جو ٽيھن سالن جو ڳڀرو پُٽُ کيس اڪيلو ڇڏي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو. هُوءَ ڪُراڙِي هَڏَ ڪاٺَ جي ڪري ماڻهن جون همدرديون حاصل نه ڪري سگهي. پُٽَ جي غيرحاضريءَ جو احساس هُنَ جي ذهن مان ڄڻ ته نڪري چڪو هو، تنھنڪري هُنَ هِنَ جهنگ جي پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ سادي جهوپڙيءَ ۾ اچي ديرو دَمايو هو. ڊپ ته هُنَ جي ڀرسان به نه لنگهندو هو. وري هُوءَ به ڪنھن کان هيڻي نه هئي. ها، باقي هُنَ کي ڪنھن ڪڏهن کِلندي نه ڏٺو هو. هُنَ جي چھري تي هَر مَھَل ڏَيا بَکندي رهندي هئي، اِهو ئي ڪارڻ هيو جو ڪنھن کي به هُنَ سان ڪڏهن ڪو ڀوڳ ڪرڻ جي همت نه ٿي. هُنَ جو چوڻ هو ته مرد حالتن سان مھاڏو اٽڪائڻ کان لھرائن ۽ وقت جو زيان ڪن ٿا، جڏهن ته عورتون ڪم ۾ لڳيون پيون هونديون آهن، ايستائين جو انهن کي کيتن ۾ به ڏاڍي محنت ڪرڻي پوندي آهي. انهن کان وقت جو زيان ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟

ڪجهه ڏينھن کان پوءِ برف پوڻ شروع ٿي وئي ۽ برف انهيءَ جهوپڙيءَ کي صفا ڍڪي ڇڏيو. پر تنھن هوندي به مادام سايوويج پنھنجي ڏهاڙي واري ڪرت جاري رکي. آس پاس جيئن ته بگهڙن جي گهڻائي هئي، انهيءَ ڪري هُوءَ بندوق ڪلهي تي کنيون هفتي ۾ هڪ ڏينھن کاڌِ پيتِ جي شين جي خريداري لاءِ شھرڙي ڏي ويندي هئي. پوءِ هڪ ڏينھن جرمن فوج سڄي علائقي تي قبضو ڪري ورتو. ماڻهن کي مجبور ٿي اُنهن کي پنھنجن گهرن ۾ رهائڻو پيو. ڪُراڙيءَ به وڏي خوشيءَ سان چئن سپاهين کي پاڻ وٽ جڳهه ڏني. سو سُھڻن ۽ نيرين اکين وارن چئن نوجوانن هُنَ سان گڏ جُهوپڙيءَ ۾ رهڻ شروع ڪيو. اُهي هِنَ ڪراڙيءَ سان وڏي مھربانيءَ سان پيش ايندا هيا، سندس گهر جو ڪم ڪار به ڪندا هيا ۽ ڪوشش ڪري کيس گهڻي خرچ پکي کان به بچائيندا هيا.

اُهي سڀئي صبح جي اونداهيءَ ۾ نلڪي جي آس پاس صفائي ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا هيا، جڏهن ته ڪُراڙِي هنن جي لاٰءِ نيرن جي تياري ڪندي هئي. اُهي اِنَ کان پوءِ رَڌڻي جون دريون صاف ڪندا هيا جان وري ڪپڙا ڌوئندا هيا، ڄڻ ته اُهي هِنَ جا پنھنجا ڇوڪرا هجن. اِنَ هوندي به کيس گهڻو ڪري پنھنجي ڊگهي، ماٺيڻي ۽ ٿُلهين مُڇُنِ واري پُٽَ جي ياد سَتائيندي هئي. هُوءَ ڏهاڙي صبح جو دشمن سپاهين کان، جيڪي ساڻس گڏ رهندا هيا، پُڇندي هئي؛

“ڇا توهان کي خبر آهي ته ۲۳ فرينچ آرٽلري هِنَ وقت ڪٿي مقرر ٿيل آهي؟.... منھنجو پُٽُ به انهن ماڻهن سان گڏ آهي.”

هُو سدائين کيس اها وَرندي ڏيندا هيا ته کين ڪا به خبر ناهي. پر هُنَن جي لھجي ۾ ڏک جي احساس جي ڪري اَڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ همدردي ۽ نرمي بَکندي هئي، جنھن جي نتيجي ۾ چئني دشمنن سان هُنَ جي چاھَ ۾ اڃا واڌ اچي ويندي هئي.

هارين جو ڀلا حب الوطني سان ڪھڙو ڪم؟ اهو ته مٿئين طبقي جي شھرين جو مَرَڪُ آهي.

جيڪي ماڻهو مصيبتن سان ڀريل زندگي گهاريندا ۽ اجتماعي طور تي موت کي ڳَلِ لائيندا آهن، اُهي ئي هيڻا سمجهيا ويندا آهن ۽ اُهي ئي نقصان کڻندا آهن. اُهي ئي ٻَلِي چاڙهيا ويندا آهن ۽ توپن جي گولن جو نشانو بڻجندا آهن. سياسي ڳَٺَ جوڙَ تي سِڌي سَنئين طريقي سان تنقيد ڪرڻ جي نتيجي ۾ انهن کي وڏو ملهه چڪائڻو پوندو آهي، توڻي جو سندن نظرن ۾ اِنَ قتلِ عام جي ڪا به حيثيت نه هوندي آهي جيڪو ٻنهين پاسن کان ٿي رهيو هوندو آهي.

ڪُراڙِي هڪ ڏينهن صبح جو ڪنھن ڪم سان وڃي رهي هئي جو هُنَ پري ميدان ۾ هڪ ماڻهوءَ کي پنھنجي گهر ڏي ايندي ڏٺو. اِهو ڳڀرو پَيري نالي جوانَ جي جڳھه تي نئون ٽپالي ڀرتي ٿيو هو. هُنَ ويجهو پھچي بند ڪاڳرن جو هڪڙو ٿَھو ڪُراڙِيءَ ڏي وڌايو. ڪُراڙِيءَ تَڙ تَڪڙ ۾ پراڻِي گَٺلَ پيٺل عينڪ اکين تي رکي ۽ پڙهڻ لڳي؛

“مان وڏي ڏک وچان اها نڀاڳي خبر توهان تائين پھچائي رهيو آهيان ته توهان جو پُٽُ وڪٽر ڪالهه ملٽري ايڪشن ۾ پنھنجي زندگي وڃائي ويٺو آهي. مان هُنَ سان گڏ هيس. هُنَ مون کي پابند ڪيو هو ته جيڪڏهن خدا نه ڪري ڪو اهڙو حادثو پيش اچي ته مان انهيءَ جي خبر توهان تائين پھچايان. مون هُنَ جي واچَ پاڻ وٽ رکي آهي، جيڪا جنگ جي پڄاڻيءَ تي توهان وٽ پھچائيندس.”

ڪيسٽر رپورٽ

۲۳ آرٽلري، فرينچ آرمي.

خط تي ٽي هفتا اڳ تي تاريخ پيل هئي.

مادام سايوويج ڪا به دانھَن ڪُوڪَ نه ڪئي ۽ ائين پٿر بڻي بيٺي رهي ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ناهي. هُنَ جي دل جي اندر، اُونداهين ڪُنڊَ ۾ وڪٽر جي موت جو احساس ضرور ڪَرَ کڻي رهيو هو. هُنَ جون اکيون ڀرجي آيون ۽ سندس دماغ ٻُڏي ويو.

سندس هِنيانءَ جي پاڙَ سندس پُٽُ هليو ويو، جنھن کي هاڻ هُوءَ ڪڏهن به ڏسي نه سگهندي...... ڪاش! هنن هُنَ جو لاش سندس حوالي ڪيو هجي ها، هُوءَ آخري ڀيرو کيس ڇُھي سگهي ها ۽ مناسب نموني سان سندس ڪفن دفن ته ڪري سگهي ها.

جَن ماڻهن سندن مٿان جنگ ٿاڦِي هئي، اُنهن نه رڳو سندس پُٽ کسيو هو پر سڀ ڪجهه لُٽي ورتو هيائون. هُو انهيءَ ٻُڏتَر ۾ بيٺي ئي هئي جو چارئي جرمن سپاهي ڳوٺ موٽي آيا. هُنَ تڪڙ ۾ ڪاڳر کيسي ۾ رکي ڇڏيو ۽ مُنھُن ڦيري ڳوڙها اُگهي ورتا ۽ سدائين وانگر هنن کي کِلي ڀليڪار ڪئي.

اُهي چارئي ڏاڍا خوش هيا ۽ ٽَھڪن مٿان ٽَھڪ ڏئي رهيا هيا، ڇو ته اهي ڪٿان هڪ سيھڙ پڪڙي آيا هيا، جيڪو اُنهن ڪراڙيءَ کي ڏيکاريندي چيو ته هِنَ جو سُوپ ڏاڍو ڀلو ٿيندو.

هُوءَ ماني ڪرڻ هلي وئي. اڄ هُنَ کي ڪم ڪندي ڏاڍي ڏکيائي پيش اچي رهي هئي، ڇو ته سيھَڙَ جي ڳچيءَ ۾ گولي لڳل هئي ۽ هُنَ جا هٿ رَتَ ۾ رڱجي ويا. اُمالڪ هُنَ کي جنگ جو خيال آيو، جنھن جي ڪري سندس پُٽ به ائين ئي مئو هو.

هُوءَ جرمن سپاهين سان گڏ ميز تي اچي ويٺي پر هڪ گرھ به کائي نه سگهي. جڏهن ته هُو سيھڙ جي گوشت تي ٽُٽِي پيا ۽ هنن ڪراڙيءَ ڏي ڪو به ڌيان نه ڏنو.

ڪُراڙِي ماءُ ٽيڏين اکين سان هنن ڏي ڏسندي هڪ سوچ ۾ ۾ گم هئي .سندس چھري تي ڪنھن به قسم جا ڪي ڀاوَ نه هيا. هُنَ اوچتو هنن کي چيو، “اسان سڀئي هڪ مھيني کان گڏ رهيا پيا آهيون ۽ مان توهان جي نالن کان به واقف ناهيان.”

سڀني کيس پنھنجو پنھنجو نانءُ ٻڌايو پر هُوءَ مطمئن نه ٿي، کين چوڻ لڳي، “سڀئي پنھنجا پنھنجا نالا، ڪي لقب اَٿو ته اُهي ۽ سڄو ڏس پتو لکي ڏيو.”

هُنَ پاڻ پنھنجي گٺل پراڻي عينڪ اکين تي چاڙهي ۽ وڏي ڳوڙهي ڌيانَ سان هنن کي عجيب غريب لکت ۾ لکندي ڏسندي رهي. اُهو ڪاڳر ويڙهي هُنَ پنھنجي کيسي ۾ انهيءَ ڪاڳر جي مٿان رکي ڇڏيو، جنھن ڪاڳر وسيلي هُو پنھنجي پُٽَ جي مَرکَ کان ڄاڻُو ٿي هئي.

“مان توهان لاءِ ڪم ڪرڻ پئي وڃان.” هُوءَ هنن جي هَنڌن جي هيٺان وجهڻ لاءِ نئون پلال کڻڻ هلي وئي.

موٽي اچڻ تي جڏهن سپاهين کائنس حيرت وچان اِنَ جو ڪارڻ پڇيس ته هُوءَ چوڻ لڳي، “ٿڌ ڏاڍي وڌي رهي آهي، تنھنڪري سيءَ کان بچڻ لاءِ توهان کي وڌيڪ پلال کپندو هو.”

اِهو ٻڌي هُو سڀئي گڏجي ساڻس هٿ همراهي ڪرائڻ لڳا، نيٺ جهوپڙيءَ جو هڪ ڪمرو پلال سان ڀرجي ويو.

سانجهاندي جي مانيءَ مھل انهن مان هڪ سپاهي سندس پويان پئجي ويو ته تون ماني ڇونه ٿي کائين؟

“اڄ شام کان ئي منھنجي طبيعت سَھي ناهي.” ڪراڙيءَ وراڻيو ۽ وري چوڻ لڳي، “مان باھ ٻاري پاڻ کي ڪوسو ڪرڻ پئي وڃان.”

ڪجهه ويرم کان پوءِ چارئي سپاهي ڏاڪڻ چڙهي مٿي هليا ويا ۽ ويندي ئي در بند ڪري ڇڏيائون. هنن جيئن ئي ڳِلو بند ڪيو تيئن ئي ڪُراڙيءَ ڏاڪڻ پري ڪري ڇڏي ۽ هوري هوري هلندي، ٻاهر هَر پاسي وکريل برف تائين وڃي پھتي. هُو ڪجهه گهڙين کان پوءِ جڏهن جهوپڙيءَ تائين پھتي، تڏهن سندس ٻانھُنِ ۾ پلال جي ويڙهي هئي. هُوءَ اها ويڙهي ڌرتيءَ تي رکي سپاهين جا کونگهرا ٻڌڻ لڳي ۽ پوءِ پلال کي باھ ڏئي ڇڏيائين ۽ هڪ ٻئي جي پٺيان پلال کڻندي ان ۾ وجهندي وئي ۽ جڏهن باھ ڀڀڙ ٿي اُٿي تڏهن هُوءَ اتان پري ٿي بيٺي.

ڪجهه پلن جي اندر ئي باھ سڄي جهوپڙيءَ کي وڪوڙي وئي هئي ۽ انهيءَ جو ڳاڙهيون ڄڀيون ڀتين کي چَٽِڻَ لڳيون هيون. اِهي ڄڀيون وڃي مٿين دريءَ تائين پھتيون ۽ مٿيون در سَڙي اندر وڃي ڪريو ۽ باھ جي شعلن ڪکن پنن واري ڇت کي ساڙي ڇڏيو هو . اِنَ وچ ۾ ڪنھن جِي ڀوائتي دانھَن ٻُري اُٿي. پوءِ اهڙي ماٺ ڇانئجي وئي جو بس ڪنھن ڪنھن مھل ڪاٺين جي ٽَڙڪاٽن ۽ ڪکن پنن جي سَڙڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا، باقي نه ته چپ چپات هئي.

سڄي ڇت سَڙي جهوپڙيءَ منجهه اندر ئي ڊَھي پئي ۽ دونھين جي ڪارن ڪڪرن تارن کي به ڍڪي ڇڏيو. ڳاڙهي ڦِڪي باھ آس پاس جي ڄمي ويل برف ۾ اَڇن ڪپڙن ۾ لڳل ڳاڙهي چتيءَ جو ڏيک ڏئي رهي هئي. ڪراڙي بندوق هٿ ۾ جهليون جهوپڙيءَ جو اَڳ وٺيون بيٺي هئي، متان ڪو سپاهين مان ڀڄي نڪري. جڏهن هُنَ اهو ڏٺو ته هر وَٿ سڙي چڪي آهي، تڏهن هُنَ بندوق به باھ جي ڄڀين ۾ اڇلائي ڇڏي، جنھن جي نتيجي ۾ وڏو ڀوائتو ڌماڪو ٿيو ۽ ماڻهو.... هاري ۽ جرمن فوج جا همراھ به ڀڄندا اچي واردات واري هنڌ پھتا. هنن ڏٺو ته ڪراڙي سايوويج ماٺ ڪيون هڪ وڻ جي ٿُڙَ سان ٽيڪ لڳايون ويٺي آهي.

“تو وٽ رهيل چارئي جرمن سپاهي ڪٿي آهن؟” جرمن آفيسر کانئس پڇيو.

هُنَ ٻانھن کڻي اوڏانھن اشارو ڪيو، جتي اڳ سندس جهوپڙي هوندي هئي، “هُتي....!”

۽ پوءِ ماٺ ٿي وئي.

“باھ ڪيئن لڳي؟” جرمن وري کانئس پڇيو.

“مون ڏني.” هُنَ وراڻيو.

مُنڍَ ۾ ته هُنَ جي ڳالهين تي ڪنھن کي به ويساھ نه آيو، ڇو ته هنن سوچيو ته مائيءَ جو مٿو ڦري ويو آهي. پر جڏهن سڀئي ماڻهو سندس چوڌاري ڦري آيا، تڏهن هُنَ انهيءَ خط اچڻ کان وٺي، جنھن ۾ سندس پُٽَ جي مرڻ جي سُڌَ ڏني وئي هئي، انهيءَ پڇاڙڪي دانھَن تائين جيڪا سپاهي ڪئي، سڀ ڪجهه وچور سان بيان ڪري ڇڏيو..... سڀ ڪجهه کين ٻڌايو جيڪو هُنَ سوچيو هو ۽ ڪيو هو. پوءِ پنھنجي کيسي مان هُنَ ٻئي ڪاڳر ڪڍيا ۽ وسامندڙ باھ ۾ انهن تي هڪ نگاھ وجهندي چوڻ لڳي،

“هي هڪڙو وڪٽر جي مرک جي بابت آهي ۽ هِنَ ٻئي تي انهن چئني سپاهين جا نالا ۽ ڏس پتا آهن ته جيئن انهن جي وارثن کي اطلاع ڪري سگهجي ... شايد توهان اهو چئو،” هُوءَ وري چوڻ لڳي، “ته ائين ئي ٿيندو آهي، نه .... ائين چئو ته هڪ عورت ائين ڪيو، هڪ عورت جيڪا ماءُ هئي.”

جرمن آفيسر جي حڪم تي کيس گرفتار ڪري سڙي ويل جهوپڙيءَ جي ڀت سان لڳائي بيھاريو ويو ۽ ٻارنھن ڄڻا هُنَ ڏي مُنھُن ڪري پالَ ٺاهي بيھي رهيا. هُوءَ پنھنجي جاءِ تان تِرَ جيترو به نه لُڏي. هُوءَ شايد سڀ ڪجهه سمجهي وئي هئي ۽ انتظار ڪري رهي هئي. ٻئي حڪم ٿيندي ئي تڪڙ ۾ بندوقن جي مُنھَنِ مان ڄِڀيون نڪتيون .... ڪراڙي ڪِري نه پر گوڏن ڀَرِ ويٺي ۽ پوءِ پُٺيءَ ڀَرِ وڃي ڪِري.

جرمَنَ هُنَ جي ويجهو ويا. هُوءِ پٿر لڳي پئي هئي ۽ سندس هٿ ۾ سندس پُٽ جو مرک نامو هو جيڪو رت ۾ ٻُڏو پيو هو.

“سُڌَ اَٿئي، جرمنن انهيءَ جو بدلو ڪيئن ورتو؟” منھنجي دوست سروال ڀُڻ ڀُڻ ڪئي ۽ وري پاڻ ئي پنھنجي سوال جي وَرندي ڏيندي چوڻ لڳو، “منھنجي حويليءَ کي ڀڙڀانگ ڪري.”

مون هُنَ جا لفظ ڄَڻُ ته ٻُڌائي ڪو نه هيا، ڇو ته مان اُنَ ماءُ جي خيالن ۾ گم هيس، جنھن چئن جرمن سپاهين کي ڪُوئَن وانگر ڀُڃِي ڇَڏيو هو...... مان ائين ئي هُنَ عظيم ماءُ جي خيالن ۾ ٻُڏل هيس جنھن کي ڀت سان بيھاري گوليون هنيون ويون هيون.

انهيءَ واقعي جي يادگار خاطر مون اُتان هڪ ننڍڙو گول پٿر کڻي ورتو، جيڪو باھ ۾ سڙي وڃڻ جي ڪري اڃا تائين ڪارو هو.

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ پيج تان ۱۶ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment