Monday, August 15, 2022

انور ڪليم جو ڪھاڻي-ڪتاب ”بوءِ“ - خليق ٻگهيو

انور ڪليم جو ڪھاڻي-ڪتاب ”بوءِ“

خاصيتون ۽ خاميون - تجزيو ۽ تنقيد

خليق ٻگهيو



ڪھاڻي سرجڻ وارو ھيءُ دَور جتي انيڪ مُوضوعن جو داعي آھي، اتي نظرياتي روشنيءَ کي پڻ جَهڪو ڪندڙ دَور ثابت ٿيو آھي. انھيءَ ڪري ڪھاڻي سرجڻ يا تخليق ڪرڻ وارو ھيءُ دَور فڪري رھنمائيءَ جي پاڇي کان محروم آھي. پر سماج جو درد ھاڻي ڪھاڻين جي وجود ۾ بينام محسنيءَ جي باوجود پاڻ پسائي رھيو آھي. اھڙي بي پيري دردَ جي ڪَٿا ۽ سماج جي پستين ۾ جيئدان ڳولڻ واري چنتا انور ڪليم جي ڪھاڻين ۾ به آھي. توڙي جو سندس ڪھاڻين ۾ ڪا مخصوص واضح نظرياتي روشني نه آھي، جھڙي روشني ترقي پسند دَور ۾ ھوندي ھئي. پر سندس ڪھاڻيون زندگيءَ جي ادراڪ ۽ خوابن جون امين آھن. انور جون ڪھاڻيون پڙھندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هُو مصنوعي سَطح جو ڪھاڻيڪار نه آھي. پر هُو فطرتي طور تي ڪھاڻي-کڻت ذھن يا ڪھاڻيءَ جي بيانيي وارو ليکڪ آھي. منھنجي خيال ۾ ڪھاڻي سندس ذھن کي تسلي بخشي ٿي ۽ سندس اندر جي نگاھ سماجَ جي ھر رخ ۾ ڪا نه ڪا ڪھاڻي پَسي وٺي ٿي. لقاءَ کي پيش ڪرڻ جو ھُن وٽ ڏانءُ آھي. ھُن وٽ ڪھاڻيءَ جي شوق پٺيان ”آکاڻي کڻت“ جو لاشعور موجود آھي، جنھن کي بنياد بڻائي هُو جديد ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر تائين پھتو آھي. انڪري سندس ڪھاڻين ۾ روايت جي خوشبوءِ آھي. انور ڪليم جي تخليقن جي اتهاس ۾ لوڪ ادب نما تاثير ۽ موجوده دَور جي سماجي ڪردارن جو ادراڪ آھي. ڪھاڻي-ڪتاب ”بوءِ“ سندس اھڙي تخليقي ورتاءُ جو گواھ آھي ۽ اُھو تخليقي ورتاءُ انتقاد جي عمل ۾ نظر انداز ڪرڻ جھڙو نه آھي. ٻه ھزار ايڪيھ ۾ ”مُرڪ پبليڪيشن“ (ڪراچي) پاران شايع ٿيندڙ، سندس ھيءُ بنا مھاڳ وارو ڪھاڻي-ڪتاب ھڪ سَئو سترھن صفحن تي مشتمل آھي. بئڪ پيج عبدالرافع شيخ ۽ پبلشر (مرتضيٰ لغاريءَ) جي لکيل نوٽ کان سواءِ، ڪتاب ۾ ليکڪ جو پنھنجي پاران ڏنل نڪته نظر-بعنوان ”بي ذائقي ڪھاڻيءَ جي صدي“ پڻ ڏنل آھي. ايڪيھ مختصر ڪھاڻين ۽ يارھن مختصر ترين ڪھاڻين تي پڙاءُ ڪندڙ، ھِن ڪتاب جي ارپنا ”گهر جي چُلهه ٻاريندي دُونهين سان جهيڙيندڙ عورتن جي نانءِ“ ڪئي وئي آھي. پيپر جي سادگيءَ باوجود، ھيءُ ڪتابُ پنھنجي ڏيک ويک ۾ پيارو لڳي ٿو. ڪتاب بابت اُھا شروعاتي ڄاڻ ھڪ باشعور تخليقڪار/ ناقد کي شعوري توڙي لاشعوري طور ڪيترا ئي گَس پنڌ ڏِئي ٿي.


مثال طور:

اُن شروعاتي ڄاڻ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪتاب جي اندر مواد جي نوعيت ڪھڙي ھوندي؟ ڪھڙن زاوين کي ھن تخليقي ادب مان اخذ ڪري نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا؟ ڪتاب جي سادگي، فڪري اُڻت، اسلوبي ساڃاه ۽ انفراديت جي خوبصورتي، ھِن ڪتاب مان ڪيترو جمالياتي حِظ ڏَئي سگهي ٿي؟ خوابي سطح تي ھِن ڪتاب جا رُخ ڪھڙن نفسياتي ۽ جمالياتي سطحن کي ڇُھي سگھن ٿا؟ يا ھي ڪھاڻيون موجوده زندگيءَ جي ڪيتري ڪٿَ ڪرڻ جي سگهه رکي سگهن ٿيون؟ ھڪ ڪھاڻيڪار جي تخيلاتي عڪسن ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو ۽ فڪري سطح تي ھي ڪھاڻيون ڪردارن کي دُونھين ۾ پُسڻ جي جستجو رکن ٿيون يا مادي ترقيءَ جي رڪاوٽن کي بي نقاب ڪن ٿيون؟ اھڙا انيڪ سوالَ ڪنھن به تخليقي ڪتاب جي مُھڙ ۾ جلوه افروز ٿين ٿا. پر لڳي ٿو ته ھيءُ ڪھاڻي-ڪتاب به ناقدن جي نگاھن جو منتظر ٿي رھجي ويو آھي. ھيري کي عقابي نگاھ جلد پَسي سگهندي آھي. ڪا به بوءِ خوشبوءِ بيسوادي رھندي آھي، جيستائين اُن بُوءِ کي پاڻ ۾ تحليل ڪرڻ جا حسي ادراڪ رکندڙ ناقد نمودار نٿا ٿين، جيڪي ڪنھن به تخليقيت جي وجود جي محرڪ ۽ ان ۾ سئيءَ جي پاکڙي جيتري باريڪ غلطي به نٿا ڏِسي سگهن. تيستائين اھڙن ڪتابن جو باقاعدي مُلهه ظاھر ٿي نه سگهندو آھي. منھنجي خيالَ ۾ ھِن ڪتاب جي ارپنا مان واضح ٿئي ٿو ته ھيءُ ڪتاب عورت زاد تحريڪ جي ڀر جهلي ٿو. ارپنا ۾ عورت جي چلهه ٻارڻ واري سُور ۽ چُلهه مان نڪرندڙ دُونھين کي ڄڻ ته مفلس عورت جي حياتيءَ سان ڀِيٽيو ويو آھي. ڪتاب ۾ پبلشر نوٽ توڙي جو روايتي نوعيت جو آھي، پر اُن مان ايتري ڄاڻ ميسرضرور ٿئي ته سندس (انور ڪليم) جو پھريون ڪھاڻي ڪتاب بعنوان ”۳۲“ ٻه ھزار پنج ۾ شايع ٿيو ھو. اُن کان پوءِ سندس ناول ”واپسي“ شايع ٿيو، جنھن جو انگريزي ترجمو منير ڊومڪيءَ The return جي نالي سان ڪيو آھي. ھيءُ ڪتاب ”بوءِ“ سندس ٻيون ڪھاڻي-ڪتاب آھي. انھيءَ کان سواءِ ھن وقت سندس ھڪ ٻيو ناول ”رجيم“ پڻ سنڌي تخليقي ادب جو اھم حوالو بڻيل آھي.

انور ڪليم جي ھِن ڪتاب جي موجود نموني ۽ اسلوب Diction or Style طرف ڏِسون ٿا ته سندس ڪھاڻين ۾ ھڪ پُروقار سادگي نظر اچي ٿي. سندس ھي ڪھاڻيون نه صرف پنھنجي اُڻت ۾ مختصر پسندي ۽ سھل پسندي رکن ٿيون، پر لفظياتي مُونجهارن کان ڏُور پنڌ ڏَسائن ٿيون. ڪا سادگي شين جي قدر ۾ گهٽتائي آڻيندي آھي ۽ ڪا سادگي شانائتي ھُوندي آھي. گَھري مُشاھدي سان اُھو ڇيد ڪري فرق واضح ڪري سگهبو آھي. ادب ۾ پُروقار سادگي اُھا آھي ته ادب ۾ ڳورن/ ثقيل تصورن جي برعڪس آسان فھم تصور موجود ھجن. ٻولي سماجي، عوامي ۽ عام فھم ھجي. تخليقي ڪردارن ۾ ڪا جستجو، ڪو سَنيھو ۽ ڪا رَس چَس ڪا تڙپ ھجي. تخليق ھڪ لاشعوري تشنگيءَ جو اظھار ھوندي آھي. منّ جي اُساٽ جو ردِ عمل ھُوندي آھي. تخليق ڇانوُري جي تمنائي ھوندي آھي. نرمي ۽ نرملتا جي داعي ھوندي آھي. جبر خلاف مزاحمت ھوندي آھي. گهڻ معنوي ھوندي آھي. تخليق معنوي لحاظ کان محدوديت جي حامل ھوندي ته سطح پڻي، اشتھار بازيءَ ۽ ”لِکڻ جي عياشيءَ“ کان اڳتي وڌي نه سگهندي. انور جي ھِن ڪتاب جي اڪثر ڪھاڻين ۾ ڪردارَ، پنھنجي زندگيءَ جي مفلسيءَ ۽ بد صورتيءَ باوجود زندگيءَ سان عاشقي رکن ٿا. سندس ڪھاڻين جي ٻوليءَ جو لھجو ايترو ته آسان، سماجي ۽ عوامي آھي، جو ھر طبقي ۽ ھر سطح توڙي نوعيت جو پاٺڪ سندس ڪھاڻين کي سھنجائي ۽ سڦلتا سان سمجهي/ ماڻي سگهي ٿو. سندس ھڪ ڪھاڻي ”زندگيءَ سان پھريون رشتو“ مان حوالو پيش ڪجي ٿو، جنھن مان سندس لفظن جي چونڊ ۽ لھجي جي آسان فھميءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو:

”تو وٽ به تصوير جو ھڪ رخ آھي ۽ ھُن ڇوڪريءَ وٽ به. . . . پر سچ اھو آھي ته انسان جو سڀ کان پھريون ۽ مضبوط رشتو پنھنجي ساھ، پنھنجي زندگيءَ سان ھوندو آھي. . . پوءِ ماءُ، پيءُ يا اولاد سان. . . . . “

ڪردار سازيءَ characterization جي لحاظ کان پرکي ڏِسون ته انورَ جي ھِنن ڪھاڻين جا اڪثر ڪردار ھوٽلن تي ويھي چانھيون پيئندڙ ۽ فلمن جا شوقين دوست آھن. اُھي ڪردار حياتيءَ جي تلخيءَ ۽ ڪُڙائڻُ کي به سيني سان لڳايو جيئڻَ مان مزو/ سواد يا سڀاءُ ڳولي تفريح وٺن ٿا. ھُن وٽ سينمائن جي دَورن جا ڪردارَ آھن، جَن وٽ حقيقي زندگيءَ کي فلمي صورت ۾ ڏِسڻ جو شوق پاليل آھي. اِھڙا ڪردار سندس ڪھاڻين جي مرڪزيت تي غالب نه به ٿين ٿا، پر اُھي ڪردار ئي سندس سرجيل ڪھاڻين جو ”مجموعي تصور“ تخليق ڪندڙ به آھن. مثال طور سندس ڪھاڻي ”تيليءَ جھڙي زندگي“ سينمائن جي رُومانس واري دَور جي ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ھڪ غريب ڇوڪرو فلمن جي شوق ۾ آوره ڏيکاريو وڃي ٿو. غربت، شوق ۽ آوره ھُجڻ ڪري ڪي ماڻهو کيس جنسي طور ڪم آڻين ٿا. جڏھن وڏو ٿئي ٿو ته هُو حقيقي زندگيءَ جي بيگانگيءَ جي سُورن جو زھر پيئڻ شروع ڪري ٿو. ھيءَ ڪھاڻي سنڌي سماج جي پاڪستاني فلمن جي ”شديد جنون واري دَور“ جي ماحول جو حقيقت نما عڪس پيش ڪري ٿي. ڪھاڻيڪار ھِن ڪھاڻيءَ وسيلي سماج ۾ ضايع ٿيل حياتين، سڙي ويل بي معنيٰ وجودن ۽ ڳري ويل زندگيءَ ڏانھن افسوس واري رويي کي منتقل ڪرڻ ۾ جيڪو آرٽ ڏيکاريو آھي، سو قابلِ ساراھ آھي. ٻئي طرف اُھا به ھڪ حقيقت آھي ته ھاڻي نه اُھو سينمائن جو دَور رھيو آھي نه وري اھڙا ڪردار رھيا آھن. انڪري اھو چَئي سگهجي ٿو ته ھيءَ ڪھاڻي پنھنجي تخيلاتي تعمير ۾ ضرور پراڻي آھي. اھڙي تخليقيت فڪري طور صرف ھڪ سماجي عھد کي اتھاس جي ورقن تي اتارڻ جي ھڪ ننڍي تخليقي چَئي سگهجي ٿي.

ڪھاڻين جو آرٽُ خود ھڪ طرح جو تنقيدي زاويو آھي. انور جي ڪي اھم ڪھاڻيون سماج جي اِھڙين حقيقتن کي ڳولي لھڻ ٿيون، جيڪي حقيقتون بظاھر پنھنجي وجودي قد ۾ ننڍڙيون آھن. پر دلين تي گھرو اثر ڇڏيندڙ آھن. اُھي ڪھاڻيون معروضي يا خارجي نوعَ ۾ بنا ڊيگهه جي منظرن جا خوبصورت فليش به پيش ڪن ٿيون ۽ حياتيءَ جي باريڪ بدصورتين کي به ڏيکاري وٺن ٿيون. ڪي اھڙيون مائڪرو اسڪوپ تصور کڻي ايندڙ سندس ڪھاڻيون ماڻهوءَ جي ذوق ۽ شوق جي بصيرت ڏيندڙ پڻ آھن، جيئن سندس ھڪ ڪھاڻي ”محبوبه ۽ گهر واري“ حوالي-لائق ڪھاڻي آھي، جيڪا پاٺڪ جي تجسس کي آخري سِٽن تائين سانڍي رکڻ جو سَت رکي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ٽِي ڪردار ڏيکاريا ويا آھن. جمال، نُور ۽ ناديه. ٽنھي ڪردارن جي وچ ۾ ڪو وڏو فساد Conflict به نه آھي. پر ھنن ڪردارن جا غير امڪاني ۽ غير متوقع رويا پڌاريا ويا آھن. جنھن ڪري پڙھندڙ ڪھاڻي پڙھڻ ۾ دلچسپي وٺندو رھي ٿو. اھم ڳالهه ھيءَ آھي ته ھِن ڪھاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي سولين سادين حقيقتن ۾ ٿوريون پيچيدگيون ڏيڻ جو تجربو نظر اچي ٿو. ائين چَئجي ته زندگيءَ جي رونقن سان گڏ بي رونقيون پڻ عڪس بند ڪيون ويون آھن. موضوعاتي طور غيرت ۽ رازداريءَ جي وچ تي بيھي تخيلاتي سفر ڪندڙ سندس ھيءَ ڪھاڻي ھڪ سنجيده پاٺڪ لاءِ ڪيترائي سماجي سوالَ به پوئتي ڇڏي وڃي ٿي. زال ۽ محبوبه جي فرق کي چِٽو ڪندڙ ھيءَ ڪھاڻي اڄ جي ياري-دوستي جي پتِ پڻ وائکي ڪري ٿي. بيھڪ يا ھيئت کي ڪَٿيندي، اُھو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ڪھاڻيڪار وٽ ڪردارن جي بدلجندڙ روين کي جدلياتي روشنيءَ ۾ پش ڪرڻ جو ھڪ ڏانءُ آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جا ٻئي ڪردار جمال ۽ نُور ھوٽلن تي ويھي ڇوڪرين جون ڳالهيون ڪندڙ سماجي ڪردار آھن. نُور جيڪو پاڙيسري ڇوڪريءَ ناديه کي پنھنجي دوست ”جمال“ جي اک سان ڏسڻ پسند ڪندو ھو، سو شادي بعد جمال کي ”اک ڏيکاري“ ٿو ته ھاڻي ناديه بابت خيال سان ڳالهاءِ، ڇاڪاڻ ته ھاڻي ھوءَ سندس زال بڻجي چُڪي آھي. ائين چَئي جمال سان تلخيءَ سان پيش اچي رسيور رکي ڇڏي ٿو. لھجن ۽ روين جي غير مستقل حالت کي پيش ڪندڙ ھيءَ ڪھاڻي ھڪ حساس ماڻهوءَ کي متاثر ڪرڻ جي بھتر سگهه رکي ٿي.

انور جون ڪي ڪھاڻيون عورت زاد تحريڪ جي روشنيءَ ۾ تخليقي رنگ رکن ٿيون. جنھنڪري سندس اھڙيون ڪھاڻيون به اھم آھن، ڇاڪاڻ ته انھن ڪھاڻين ۾ سماج اندر عورت جي مظلوم-ڪردار کي وڏي ڪرافٽ سان پيش ڪيو ويو آھي.

مثال طور ڪھاڻي ”بوءِ“ ھن مجموعي جي سڀ کان سگهاري ۽ ٽائيٽل-ڪھاڻي آھي، جنھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ مرد جي جنسي ناآسودگيءَ پٺيان مرد شائونزم تان پردو ھٽائي، سندس اندر جي بدصورتيءَ کي وڏي فني ھنر منديءَ سان بي نقاب ڪيو ويو آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ جنسي پورھئي ڪندڙ ھڪ عورت، جنسي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ايندڙ مرد کان نيٺ اھو راز کولي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته ھُو ھُن وٽ جنسي گهرج لاءِ ڇو آيو ھو؟ مرد کيس ٻُڌائي ٿو ته ھُن کي پنھنجي گهر واريءَ مان دُونھين جي بُوءِ اچي رھي ھئي. انڪري ھُو سندس وٽ آيو آھي. اُھا جنسي پورھيو ڪندڙ عورت جواب ۾ ان مرد کي ڏنل نوٽ واپس ڪندي چَئي ٿي ته:

”ھي وٺ. . . . گهر وڃين ته ڪجهه سٺا پرفيومز وٺيو وڃجانءِ، ان لاءِ ته ڪنھن وقت ۾ تو وانگر منھنجي مڙس کي به مون کان دونھين جي بوءِ محسوس ٿيندي ھئي“

ڪسب ڪمائيندڙ اُن عورت جا اُھي مڪالما ڪيترا نه معنيٰ خيز، اصلاحي ۽ پُراثر آھن! ھيءَ ھڪ اھڙي فيمنسٽ ڪھاڻي آھي، جيڪا سماجي جي غير ھضم ٿيندڙ تلخيءَ کي پيش ڪري حياتيءَ جو ھڪ وڏو فلسفو آڇي ٿي. ھڪ مرد جي جنسي بُک مان سندس زندگيءَ جي ڪڙي حقيقت کي صفا آخري نتيجه خيز سِٽن مان ائين واضح ڪيو ويو آھي، ڄڻ ” مکڻ مان وار“ ڪڍيو ويو ھجي. !ٻن صفحن کان به گهٽ لفظن جي اختصار ۾ پيش ٿيندڙ ھن ڪھاڻي ۾ سماج جي زھريلي سچ کي پيش ڪرڻ جو جيڪو آرٽ سمايل آھي، سو قابلِ ساراه آھي.

مجرد/ تجريدي فن رکندڙ ڪھاڻيون پنھنجا پڙھندڙ پاڻ جنمين ۽ پالين ٿيون. انور ڪليم جون ڪي ڪھاڻيون مجرد يا تجريدي نوع جون آھن. جنھن مان سندس فني ڪرافٽ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. سندس ڪھاڻيون پڙھندي ائينءَ محسوس ٿئي ٿو ته سندس مشاھدو ڪافي پختو آھي. ھُو زندگيءَ جي اھم ۽ غير اھم واقعن ۽ احساسن کي ڪھاڻين ۾ تقسيم ڪرڻ جو ھُنر رکي ٿو. سندس اھم ڪھاڻي ” دونھين مان ٺھيل لفظن جي ڪھاڻي“ به ھڪ فيمنسٽ ڪھاڻي آھي. ھيءَ ڪھاڻي به عنوان مان ئي پُر اثر لڳي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي حقيقتن کي نھايت ويجهي کان ڏِٺو ويو آھي. ھيءَ ڪھاڻي پنھنجي سِٽاءَ توڙي نتيجي ۾ مجرد يا تجريدي Abstract ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار وٽ ” دونھون “ ھڪ ايبسٽريڪٽ شيءِ آھي، جنھن لفظ / نشان / علامت Signified مان زندگيءَ جون ڪيتريون ئي معنائون ڳولي سگهجن ٿيون. ايبسٽريڪٽ ڪھاڻيءَ جو سڀاءُ ئي پنھنجو يا الڳ ٿلڳ ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اُن قِسم جي ڪھاڻين ۾ صورتحال جي نمائندگي مقرر ٿيل نه ھوندي آھي ۽ نه وري اِھڙين ڪھاڻين جا نتيجا ڏٺل وائٺل ٿين ٿا. ھِن تخليقيت مان واضح ٿئي ٿو ته ڪھاڻيڪارَ جيڪو ڪجهه ڏيڻ چاھيو آھي، سو نزاڪت ڀريو آھي. مثال طور ڪھاڻي پڙھڻ بعد اُھو تاثر جنم وٺي ٿو ته زندگيءَ جي وڏين حاصلاتن پٺيان ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ کان بھتر آھي ته زندگيءَ جي ننڍڙين حاصلاتن جي سچائي لاءِ سرگردان رھجي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ زيبو ۽ سندس مڙس رڪشي واري جا ڪردارَ آھن. زيبو ھڪ مظلوم ۽ غريب عورت آھي، جيڪا مڙس کان مالڪ پاران رڪشي ڦرجي وڃڻ بعد به پاڙي جي عورتن جا ڪپڙا ۽ رليون سبي گهر جي چُلهه ٻاريندي رھي، جيئن سندس ٻارَ ۽ بيروزگار ٿيل مڙس خوش رھن. نيٺ ڪمائيندي ڪينسر وگهي مري وئي. اڄ سندس مڙس سندس قبر جي مٿان بيھي به کيس جلدي مري وڃڻ جي ميار ڏيئي پيو. پوءِ کيس لڳي ٿو ته زيبوءَ جي زندگي دُونھون ھئي، سندس چھري ۽ ڪردار ۾ به دُونھون ھو ۽ ھُو به دُونھين ۾ مري ويندڙ ڪردار آھي. اُن وقت مُقام تي ھڪ سيٺ اچي ٿو. جنھن جي گهر واري گذاري وئي آھي. سيٺ ھن کي نوٽ ڪڍي ڏِئي ٿو خبر نٿي پوي ته اھي نوٽ قبر جي سودي جا ھئا يا کيس فقير سمجهي ڏنا ويا ھئا؟ پر ھُو وري به زيبوءَ جو ٿورو مڃي ٿو ته ھُن جيئري توڙي مري وڃڻ بعد سندس مدد ڪئي ھئي.

ھن ڪتاب ۾ ڪھاڻيڪار وٽ مڪمل جدت نه آھي. پر روايت ۽ جدت جو سنگم ضرور آھي. سندس ڪن ڪھاڻين ۾ سماجي قدرن جي ڀيٽ آھي، جيڪا ماضي ۽ حال ٻن زمانن ۾ ماپجي ٿي. هُو جدت سان گڏ روايت کي ملائي ٿو، جيئن خيالن جون پاڙون ڌرتيءَ جي سڳنڌ ۽ ڪلچر جي ڏاھپ کان جدا نه ھجن. سندس ڪھاڻي ”پکيءَ جي نئين نسل جي ڪھاڻي“ پکيءَ واري پراڻي ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ جدت جو اينٽي ڪلائميڪس کڻي جدت ۽ روايت جو سنگم ڳنڍي ٿي، جيڪو منفرد تجربو آھي. سندس ڪھاڻي ”نه ٻڌائي سگهيل ڳالھ“ پيار محبت بابت پوئين نسل ۽ نئين نسل جي سماجي قدرن جي مٽاسٽا جي سڌ بخشي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ نوجوان پاران ھوٽل تي ويھي محبوبه ڏي خط لکڻ بعد ۾ عمر رسيده شخص سان ونڊيل ڳالهيون ۽ پوءِ اُن شخص جي ڳوٺ واپسيءَ وقت سڪل وڻ ھيٺ بيھي ڏوھ جو اعتراف ڪرڻ دراصل نسلن جو اعتراف آھي. سماجي قدرن جي حوالي سان ڪھاڻيءَ ۾ نوجوانن وٽ سماجي جدت پسندي ۽ پوڙھي وٽ روايت پسندي ڏيکاريل آھي. ٻنھي جي ڀيٽ ڪندي، ڪھاڻيڪار نوجوانن جي فڪري سطح تي ڀر جهليندي نظر اچي ٿو. پراڻين رسمن کي ڪلاسڪ ۽ خوبصورت تصور ڪيو ويندو آھي. پر ھيءَ ڪھاڻي بيباڪيءَ سان پڌرو ڪري ٿي ته ماضيءَ جي غلط ريتن ۽ رسمن پٺيان ڪيترو نه خاص طور تي عورتن سان جبر ڪيو پئي ويو! رومانيت جو موضوع ھن ڪھاڻي ڪتاب ۾ توڙي جو ٿوري مقدار ۾ موجود آھي. پر اھو پاسو به اھم آھي. رومانس ۾ ھُن وٽ دل جو درد آھي. اندر جا خال آھن. ڦڪي زندگي آھي. سندس رومانوي ڪردار عارضي رونق ماڻي مرجهائي وڃن ٿا. اُھي ڪردار اندر جي سُورن جا وڍيل ۽ خارجيت ۾ پناھ جا طلبگار آھن. جيئن سندس ڪھاڻي”خالي پڃرو “ ۾ اڻ اعلانيل ۽ اڻ ٻڌايل محبت جي وڃائجي وڃڻ جو درد آھي، جنھن جو انجام ڇڳل تسبيح يا ڪٽيل لغڙ جهڙو آھي. ھِن ڪھاڻي جو اسلوب به پيارو آھي. جنھنڪري اھا پڙھڻ ۾ سوادي آھي. پر ٻڌائڻ ۾ اُھا ڪھاڻي ايتري سگھاري نه لڳندي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ منظرن جي بدلاءُ ايترو ته بھترين آھي، جو ڄڻ ته سڀ ڪجهه اکين اڳيان ٿيندو گذرندو وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ کي پڙھندي عارضي يا وقتي طور ائين افسوس ٿئي ٿو ته وجود ڪيئَن نه نااميديءَ جي اوندھ۾ رھجيو وڃن ٿا ۽ ڪيئَن نه پياسي من کي صرف پيار جي بوندن جو آسرو دُونهي To end in smock ۾ ختم ٿي ويندو آھي! ڪھاڻيءَ جي متنيت مان واضح ٿئي ٿو ته قِسمت اڻ ڏٺي جو سودو آھي. خبر نه آھي ڪھڙو پکي ڪيڏانھن اُڏامي وڃي ڪھڙي وڻ تي وڃي بسيرو ڪري ويھي رھي. ڄڻ ته واقعي ماڻهوءَ جي ھٿ ۾ ڪجهه به ڪونهي!

ھِن ڪھاڻيءَ جو ڪلائيمڪس به وڏي ڪرافٽ سان مختصر ۽ پُر اثر لفظن ۾ ڏنو ويو آھي، جيڪو ھِتي ڏيون ٿا :

"دروازو کليل ھيو، پردو ھوا جي زور تي ڀڙڪوکائي رھيو ھيو ۽ اڱڻ ۾ ھڪ طرف خالي پنڃرو لڙڪي رھيو ھو. آءُان وقت سمجهي سگهيس ته ماريا طوطو ڇو اڏاري ڇڏيو ھو. “

انور ڪليم جي ھن ڪھاڻي-مجموعي ۾ ٻيون ننڍيون وڏيون ڪھاڻيون آھن جيئنءَ سندس ھڪ ڪھاڻي ”دائرن ۾ گُم ٿيل ڪھاڻيون“ زندگيءَ ۽ سماج جي ابتڙ تخليقي ادب بابت ڪھاڻي آھي. منفرد موضوع سان سرجيل ھِن ڪھاڻيءَ ۾ منھنجي خيال موجب، اُھو نياپو منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته ” احساساتي ڪھاڻين “ جو دَور ختم ٿي ويو آھي ۽ ھاڻي ادب تحرير ڪرڻ جي موضوعن ۾ عوامي منشا ۽ مارڪيٽ جي قدرن کي سامهون رکڻ جي گهرج آھي. ڪھاڻيءَ ۾ عام پاٺڪ جي سوچ جي فرق جي سُڌ پئي ٿي. روايتي ۽ غير روايتي ڪھاڻين جا فرق ٻڌائيندي. ھيءَ ڪھاڻي ڪلائيمڪس ۾ سوچ يا فڪر جا رخ تبديل ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش ليکي سگهجي ٿي.

سنڌي ڪھاڻيءَ جي ڪائنات ۾ انور جون ڪھاڻيون سندس ئي زندگيءَ جي ننڍن وڏن مشاھدن، تجربن ۽ ادراڪ جو نچوڙ آھن. هُو ڪھاڻين ۾ اھڙي منظر ڪشي ڪري ٿو، جو پاٺڪ جي اڳيان ڪھاڻي پڙھڻ واري ذھني فضا جُڙي پوي ٿي. پڙھندڙ نه صرف سندس ڪھاڻيءَ مان رس چس وٺڻ شروع ڪري وٺي ٿو. پر پاڻ کي به ڪھاڻيءَ جو حصو سمجهڻ لڳي ٿو ۽ پاڻ منشا موجب ڪردارن ۾ سمائجڻ لڳي ٿو. هُو سرمايادارن ۽ اميرن جي شان ۾ نٿو لِکي، پر سندس ڪھاڻيون پورھيت ڪلاس ۽ وچولي ھيٺين طبقي جون ڪھاڻيون آھن ۽ سموري تخليقي عمل ۾ هُو محڪوم پورھيت طبقي جي پاسي بيٺل نظر اچي ٿو. عام ماڻهو سندس مرڪزي ڪردار آھي، جيڪو اڄ معاشي جبر جي چڪيءَ ۾ پيسجي رھيو آھي ۽ جيئڻ Survive ڪرڻ لاءَ ھٿ پير ھڻي رھيو آھي. ھُو اھڙن ماڻهن جي ڏکن جا ورق اُتاري ٿو، جن کي اڄ جي طبقاتي سماج ۾ ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي يا جَن کي اڄڪلهه سماج ۾ عزت ۽ اھميت نٿي ڏني وڃي. انور جي ڪھاڻين ۾ توڙي جو ڪا به رٿابنديءَ واري پيش بندي ڪانهي. سندس ڪھاڻيون ڄڻ ته ھلندي ھلندي ڪنھن منظر نامي جو حصي ٿي شروع ٿي وڃن ٿيون . طئه ٿيل فني شروعات سندس ڪھاڻين ۾ ڳولي نٿي لڀي ۽ نه وري سندس ڪردار فني سطح تي تڪرار Conflict جي عروج تي پھچن ٿا. جتي قاري سچ ۾ پريشان ٿي ويندو آھي ته ھيڏي وڏي بحران ۽ پيچيده حالتن مان ھاڪاري ۽ مرڪزي ڪردار ڪيئَن نجات وٺي سگهندو؟ پر سندس ڪردار سماج جي ھلڪن ڦلڪن مسئلن جي حقيقتن جي پٺيان ڊوڙندي ڪنھن نتيجه خيز ڪلائيمڪس اڪثر پھچي وڃن ٿا. ڪھاڻين جي اُڻت ھن وٽ نھايت تجسس ڀري آھي ۽ آخري ھڪ اڌ سٽ ۾ ڪلائيمڪس ھُو ايئن ڇڏي ٿو وڃي، جو پڙھندڙ حيرانيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اھو سندس ڪرافٽ قابل ساراھ آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪي جملا يا مڪالما زندگيءَ جي گھرائي، عقل پسنديءَ، معنويت ۽ روحاني ٻنڌڻن جي زبردست عڪاسي ڪن ٿا. انهن مان چند جملا وري پڙھون ٿا:

”هُو منڊيلا ناھي، جنهن سان ڪو محبت ڪري، پر هُو ته اُھو ڪارو سُرمو آھي، جنھن کي ھڪ حد تائين ته برداشت ڪري سگهجي ٿو، پر حد کان وڌندي ئي ھر ڪو ڊاھڻ/ مٽائڻ لڳندو آھي.“

”ٻين تي ساھ ڏيڻ وارا صرف ڪتابن ۾ ھوندا آھن.“

”زندگيءَ ۾ مون پھريون ڀيرو مون محسوس ڪيو ته سڃاڻپ جو ھڪ ذريعو ڇھاءُ به آھي.“

”خبر ناھي ڪنھن ۽ ڪڏھن مون کي سمجهايو ھيو ته تنھنجا خواب ٽُٽا نه آھن. پر دُونھين پويان گم ٿي ويا آھن.“

”ان وقت مون کي پنھنجو چھرو دُونھون ٿيندي محسوس ٿيندو ھيو ۽ آخر ھن کي به منھنجي چھري تي دونھون نظر اچي ويو ھو.“

”ٻاھرين جي مدد سان ملندڙ آزادي ھميشه مقروض رھندي آھي.“

”ھي احساس ڀريل ڪھاڻين جو دور نه، پر چچريل لاشن ۽ ناجائز ٻارن جو تماشو ڏسڻ جو دور آھي.“

انور ڪليم جي ھنن ڪھاڻين ۾ رڳو خاصيتون نه پر ڪي فني ۽ فڪري خاميون پڻ آھن، جن جي نشاندھي ڪرڻ جو مقصد سندس فن ۾ وڌيڪ نکار آڻڻ ۽ فڪري طور تخيلاتي ڪُشادگي آھي. جيئن سندس ھِن ڪتاب ۾ ڪھاڻي ”مڱڻيءَ جي منڊي“ ڪا خاص ڪھاڻي نه آھي، ڇاڪاڻ ته ھِن ڪھاڻيءَ ۾ موضوع توڙي واقعي جي نوعيت نھايت ايتري اھم نه آھي. ڪھاڻي صرف ايتري آھي ته ڪنھن ڇوڪريءَ کي پنھنجي مڱڻيءَ جي منڊي جنھن ڇوڪريءَ کي پارائڻي ھوندي آھي، تنھن جي ٻاچ آڱر ڪٽيل ڏسندو آھي. ھيءَ ڪھاڻي خاص اثر ڇڏڻ ۾ ناڪام وئي آِھي. ھر ننڍي، غير اھم يا گهٽ اھميت واري ڳالهه کي افسانوي رنگ ڏيڻ جي ضرورت نه ھئي، انور ڪليم ڪن ڪھاڻين ۾ ڪجهه خاص ڳولي نه سگهيو آھي. جَن ڪھاڻين ۾ به ھُن صفا عام فردي روين کي خاص بڻائڻ جي ڪوشش ورتي آھي، سي سندس ڪھاڻيون معياري ڳاڻياٽي ۾ شمار نٿيون ڪري سگهجن. اھا ڳالهه سندس مجموعي ساک کي متاثر ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته غير اھم ڪڏھن به اھم نه ٿي سگهندو آھي. ٻيو ته جنھن سماج ۾ ظلم بربريت، ظلم، ناانصافي، جبر ڏاڍ عروج تي پھتل ھجي. ڌرتي وڏن قضين ۾ ورتل ھجي . اُتي ماڻهو بيحس ٿي پون ٿا. ڪنھن وڏي سانحي تي به سندن اک نٿي ٻُڏي. اھڙي سماج ۾ صرف غير معمولي ۽ غير امڪاني ڳالهيون ۽ نتيجا اثر پذير ٿي سگهن ٿا. ساڳيءَ طرح ڪرپشن، ننڍا-وڏا معاشي دوکا ۽ حرام خوري، بدعنواني اقربا پروري ڏسون ته سنڌي سماج جي تنزل جون گواھ سماجي بدعتون بڻيل آھن. اھي شيون به افسانويت ۾ ورجاءَ جا حصو پئي رھيون آھن. توڙي جو موضوعاتي پابنديون افسانوي ادب تي مڙھڻ جو تصور به نٿو ڪري سگھجي. پر اھڙن واقعن يا وارداتن کي جيڪڏھن ڪھاڻيءَ جو موضوع ئي بڻائڻو آھي ته اھي پاسا وڌيڪ جدت پسنديءَ ۽ نئين ڪرافٽ سان ڪھاڻين ۾ جذب ڪرڻ گهرجن. انور ڪليم اھڙن موضوعن ۽ وارتائن کي ڪِن ڪھاڻين ۾ غير معمولي انداز ۾ نه کڻي سگھيو آھي، جنھن ڪري سندس اھڙيون ڪھاڻيون پڻ روايتي اثر ڇڏڻ کان اڳتي وڌي نه سگهيون آھن.

مثال طور سندس ھڪ ڪھاڻي ”آدم خور“ ھڪ راشي واپڊا آفيسر جي ڪھاڻي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ راشي واپڊا آفيسر کي حرام کائڻ جي ڪري پنھنجي ڏندن جي وچ ۾ جو گوشت جو ٽڪرو لڳي ٿو، جيڪو ڊاڪٽرن موجب دراصل سندس ڏندن وچ ۾ موجود ئي نه آھي. پر نفسياتي طور ھن کي حرام کائڻ ڪري آخر تائين اھو وھم رھي ٿو. ھيءَ ڪھاڻي اڻ-سڌي طرح حرام حلال جي فرق جي ڳالهه ڪري ٿي، پر ڪھاڻيءَ ۾ ڪجهه اھم ھجڻ( واقعاتي طور) ھجڻ کان محروم آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ واپڊا جي راشي آفيسر جي حرام خوريءَ مان پيدا ٿيندڙ نفسياتي بيماريءَ جي تشخيص صرف سطحي تي رڳو ظاھر ڪرڻ ڪافي عمل نه ھو. اھڙين نفسياتي ڪھاڻين ۾ نفسياتي علميت ۽ گَھرائيءَ جي جنھن سطح ڏيڻ جي ضرورت ھئي، سا سندس ڪھاڻين ۾ موجود نه آھي. انھيءَ ڪري ھيءَ ڪھاڻي ھڪ فردي مونجهاري جي عڪس بندي ڪرڻ کان محروم ٿي بي نتيجه ۽ بي اثر بڻجي وئي آھي. ھن ڪھاڻي مجموعي ۾ ڪھاڻي ”ديويءَ جو ھٿ“ به پنھنجي تخيلاتي ۽ فڪري اُڻت ۾ ھڪ ڪمزور ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ نوجوان پنھنجي ساٿين سان ٽوئر تي وڃي ٿو ۽ ھُو اڳ ئي پنھنجي احمقاڻي ۽ عجيب حرڪتن جي خوار ٿيل آھي. اھو نوجوان ٽوئر دوران مارجي ويل ھڪ عورت جو ڪپيل ھٿ ڏسي ٿو، جيڪو واھ مان ترندو پئي آيو. ڪٽيل ھٿ ڏسي هُو خوش اُنھيءَ ڪري ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس خيال آھي ته اھو ڪٽيل ھٿ يونان جي خوبصورت ديويءَ وينس جو آھي، جنھن کي پاڻ مصور ڪٽي ڇڏيو ھو ۽ جنھن جو ذڪر ھُن ڪتاب ۾ پڙھيو ھو. اُھو ڪٽيل ھٿ کين سنڀالي رکڻ چَئي، ساڳي عورت جو ٻيو ھٿ واھ مان ڳولڻ لاءِ وڃي رھيو آھي. سندس ٽوئر جا ساٿي خوف کائي اھو ڪٽيل ھٿ پري اڇلائي تڪڙ مان اتان نڪري وڃن ٿا. ھيءَ ڪھاڻي عقلي سطح تي عجيب غريب ۽ مصنوعي لڳي ٿي، ڇاڪاڻ ته ھن نفسانفسيءَ ۽ خوفزده معاشري ۾ آفتاب جهڙو معصوم ڪردار غير حقيقي لڳي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ مان ڪھڙو نياپو ڏنو ويو آھي؟ جڏھن ته ٻئي طرف کان ڏسجي ته ڪنهن به ڪتاب پڙھڻ جا ايترا ۽ اھڙا اثر پوڻ به ممڪن نٿا لڳن. جيترا اثر آفتاب جي ڪردار مان ڏيکاريا ويا آھن. ھن ڪھاڻيءَ جو تخيل فئنٽسي رکڻ جي شايد ڪوشش ڪئي وئي آھي. جيڪا ڪوشش ڪاميابي طرف گامزن ٿيڻ کان محروم بڻجي وئي آھي.

افسانويت ۾ عقليت ۽ شعوريت کي پٺي ڏيڻ ڪنھن به دَور جي ادب لاءِ درست نه آھي. ڇاڪاڻ ته ادب انسانن ۽ سندن ماحول توڙي حياتين جي مونجهارن مان نڪرڻ جو سنيھو ھوندو آھي. ادب رڳو فلم جيان مزي ۽ تفريح لاءِ نه آھي. ادب سامراجيت ۽ بربريت خلاف مزاحمت جو نالو آھي. ادب انساني سماج لاءِ آھي. انساني جذبي ۽ امنگ جو پرتوو آھي. ادب رڳو جمالياتي فيض خاطر ڪونهي. ادب سرجڻ وارو عمل به عادتي نه پر مقصديت رکندڙ ھجي. سمورا لطيف فن انساني احساس ۽ جذبي، جمالياتي تسڪين سان گڏوگڏ ڪنھن نه ڪنھن عقلي انساني ڪارج جو محرڪ آھن. انور ڪليم کي پڻ پنھنجي سماجي مقصديت ۾ واضح ٿي بيھڻو آھي، ڇاڪاڻ ته ادب ۽ فن سماجي اوسر جو ھڪ قدم اڳتي واري عمل آھي.

جيتوڻيڪ هُو پنھنجي اڪثر ڪھاڻين ۾ ادب ڏانھن اھڙي جوابدهي ڏيکاري ٿو. پر ڪن اھم آدرشي خواب اڃان سندس تخليقيت جي واٽ نھاريندي نظر اچن ٿا.

مثال طور ادب ۾ وڏن موضوعن ۽ اھم واقعن کي عڪس بند ڪرڻ جي وڌيڪ گهرج ھوندي آھي. انور جون ڪي ڪھاڻيون وڏن موضوعن جي چوڌاري نٿيون ڦرن، پر ھلڪن احساسن ۽ روايتي مثالن تائين محدود آھن. جيئن سندس ڪھاڻي بعنوان ”ھن ڪھاڻيءَ جو ڪو عنوان ناھي“ ۾ بس ايترو ٿئي ٿو ته ھڪ زال پاران مڙس کي محبت جو مثال ھڪ فقير ۽ سندس فقيراڻيءَ زال جي محبت مان ڏياري وٺي ٿي. ھيءَ ڪھاڻي پنھنجي موضوع توڙي واقع نگاريءَ ۾ پڙھندڙ کي خاص متاثر ڪرڻ کان عاجز آھي. اھي سنڌي سماج جا روايتي موضوع آھن. روايتي موضوعن ۾ جيڪڏھن غير امڪاني يا مجرد تصور سموئي وٺجن ته ڪھاڻي لِکڻ وارو ادراڪ يقين سڀاويڪ، سندر ۽ ڪارائتو بڻجي پوندو. پر سندس مذڪوره ڪھاڻي به پنھنجي آزاد وجود واري فضا ۾ ڪا متاثر ڪندڙ اڏام نه ڪري سگهي آھي. سندس ھڪ ٻي ڪھاڻي ”بند لفافو“ ٻن دوستن سھيل ۽ ڪامران جي ڪردارن کي کڻي لِکي وئي آھي. ٽيون ڪردار شازيه جو آھي، جيڪا سھيل جي گهر واري ڏيکاريل آھي. سھيل بنيادي طور ھڪ مزدوري ڪندڙ انسان آھي. سندس پڳ مٽ يار ڪامران سندس ئي گهر واريءَ شازيه سان اکيون ملائي محبت جو جذبو کيس محسوس ڪرائي ٿو. پرديس ۾ وڃڻ کان پوءِ وري سھيل ڏي خط لکي ٿو. سھيل اَڻ-پڙھيل ھجڻ ڪري شازيه کان خط پڙھائي ٿو. خطن ۾ لڪل لفظن ۾ شازيه سان هُو محبت جا معاملا ساڻس ونڊي ٿو، ڇوته انھن خطن ۾ اندروني معنائون ڪجهه اھڙيون نڪرن ٿيون. ھيءَ ڪھاڻي پوئتي ڪيترائي سوال ڇڏي وڃي ٿي، جيڪي سوال ڪھاڻيءَ کي نھايت ڪمزور ثابت ڪن ٿا. مثال طور ڪھاڻي پنھنجي ڪلائيمڪس تائين تخيلاتي طور ھڪ جاءِ تي بيٺل ڇو آھي؟ ڪھاڻي صرف صورتحال کي پيش ڪرڻ جو نالو آھي يا ڪجهه اھم ھجڻ ڪھاڻيءَ ھجڻ جي ضمانت آھي؟ سھيل شاديءَ بعد ھڪ عاليشان گهر ۾ رھندي رڳو آرام سان چانھيون پيئندي. زال مان جمالياتي حظ وٺندي ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن ته ھڪ مزدور ماڻهو ھڪ عاليشان گهر ۾ رھندي ڪيئنءَ ٿو ڏيکاريو وڃي ؟ سندس زال امير عورت آھي ته سندس اھڙي اميراڻي حيثيت جو ڪھاڻيءَ ۾ ذڪر ڇو موجود نه آھي؟ ڪھاڻي مجموعي طور سماجي سطح تي ڪو نياپو پڌري ڪرڻ کان محروم ٿيل آھي. افسانوي ادب ڪنھن به نياپي منتقل ڪرڻ کان سواءِ بي مقصد رھجي وڃي ٿو. تخليقيت جي پٺيان ڪنھن آدرش جي ڪردار کي نظر انداز ڪرڻ زندگيءَ جي بي معنويت کي پيار ڪرڻ برابر آھي. ادب سماج جو گهڻ-رخو فڪري ورثو ھوندو آھي. پڙھڻ جي فڪري بک ۽ سڦل سڀاويڪ، غير معمولي، آدرشي ۽ سماجي سطح تي ڪارائتي ادب سرجڻ ۾ فرق آھي.

انور ڪليم تخليقي ادب جو ھڪ پُرمقصد ڪھاڻيڪار رھيو آھي. ھُن ادب کي ”ادبي موالي-پڻي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھِن مجموعي ۾ به ھُن کي غير اھم ۽ روايتي موضوعن وارين ڪھاڻين کي شامل ڪرڻ نه گهرجي ھا. انور ڪليم جي ڪھاڻي ”ڳاڙھا ڳاڙھا نوٽ“ به ساڳي طرح ھڪ غير اھم ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ جو تتُ ھيءَ آھي ته ھڪ معذور پريشان ماڻهوءَ کي پراڻا دوست پنج لک قرض ملڻ جي ڪوڙي ڳالهه تي پاڻ وٽ ڪچھريءَ لاءِ گهرائي وٺن ٿا. ڪوڙي آسري تي اُن معذور کي وڌيڪ پريشان ڪري وجهن ٿا. ايتري ننڍي ڳالهه کي ستن صفحن تي افسانوي رنگ ڏَئي ڇِڪيو ويو آھي. جڏھن ته اھو پڻ اڄڪلهه سنڌي سماج جو روايتي موضوع آھي، پر انھيءَ موضوعَ ۾ به وڌيڪ جدت آڻن جي ضرورت ھئي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار مرزا منير عرف ايم ايم جي تحرڪ يا عمل دخل جي پڻ ترتيب نه آھي. ڪردار ائينءَ لڳي ٿو ته سندس ڪردار کي خوامخواھ احمق ڪري پيش ڪيو ويو آھي. بھتر ھو ته مذڪوره ڪردار سان ڪو ٽيڪنالاجيءَ سطح تي ويڌن ٿيندي ڏيکاري وڃي ھا. ائين ڪرڻ سان موضوعاتي طور تي نواڻ به جنم وٺي ھا!

ھن ڪھاڻي مجموعي ۾ ٻيون ڪھاڻيون به آھن. ڪھاڻي ”ھُو منڊيلا ناھي“، ھڪ ٽانگي واري ”ڪالوءَ“ جي احساسن تي مشتمل چڱي ڪھاڻي آھي. ڇاڪاڻ ته ھڪ ٽانگي واري جي زندگيءَ جو بھتر ادراڪ ڪھاڻيءَ ۾ سمايل آھي. ڪھاڻيءَ ۾ قول ۽ فعل جو تضاد ڏيکاريل آھي. پر پُڄاڻي روايتي آھي. ھڪ ڇوڪريءَ بيبيءَ کي ڪالو روز ڪرايي سان کڻي ٿو ۽ مٿس موھت ٿي محبت جو اظھار ڪري ٿو. جواب ۾ کيس پنھنجي ڪاري رنگ ۽ غريب ھجڻ جي ڪري مٿس ڪاوڙجي پوي ٿي ۽ ٽانگي مان لهي وڃي ٿو.

ھِن قسم جون ڪھاڻيون ھاڻي دھرايل يا روايتي لڳن ٿيون. ”روح کي گهريل خيرات“، ڪھاڻي به ھڪ نابين جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ نابين جي جنسي خواھش آھي ته ڪنھن ڇوڪريءَ جا نرم ھٿ کيس روڊ ڪراس ڪرائن، ڇاڪاڻ ته انھيءَ ۾ سندس جنسي خواھش کي ڇھاءُ ٿو ملي. ڪھاڻيءَ ۾ ڪجهه اھم عمل واقع نٿو ٿئي. جنھنڪري ڪھاڻي اَڻ-ليکي احساس سان پڙھندڙ وٽان غير-احساساتي نموني گذري وڃي ٿي ۽ سندس ھڪ ٻي ڪھاڻي ”ويران گهٽيءَ جي ٻڌايل ڪھاڻي“ به خاص پر اثر ڪھاڻي نه بڻائي نه وئي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ توڙي جو تجسس ۽ ڪجهه ڪرافٽ آھي. پر انھيءَ ۾ ڪو تڪرار عروج نٿو ماڻي. باقي انور ڪليم جون ڪتاب جي پڇاڙ ۾ مختصر سِٽن تي مختصر ترين ڪھاڻيون آھن، جن مان ڪي چڱيرڙيون آھن. پر اِھڙين ڪھاڻين کي وڌيڪ اثرائتي بڻائڻ جي ضرورت آھي. سنڌي سماج ھاڻي نج پج رڳو جاگيردار يا روايتي وڏيراڻو سماج به ھاڻي نه رھيو آھي. ھاڻي اھو وڌندڙ شھري سماج ۾ نيم سرماياداري سماج واري شڪل ڏانهن به وڌي رھيو آھي. جنھنڪري سماجي موضوعن ۾ پڻ جدت آئي آھي. فطرت ۽ سائنس جي موضوعن ۾ نواڻ آئي آھي. ھيءَ صدي به وڌيڪ سائنسي اوسر ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي صدي آھي. جنھن جا سنڌي سماج تي پڻ اثر پيا آھن. ٽيڪنالاجيءَ جي مثبت توڙي منفي اثرن کي پڻ جديد ڪھاڻيءَ جي اوسر ۾ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي. جڙندڙ اليڪٽرانڪ رشتن جي غير مستقل وجود، غير امڪانيت ۽ سائسي سھولتن جي باوجود، موجوده حياتيءَ جي غير منطقيت، بدلجندڙ ڪلچرل روين، زندگيءَ ۾ آئيڊيولاجيءَ جي خاتمي بعد بي رونقي، کي جديد ڪھاڻيءَ جي موضوعن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ھاڻي جڏھن اسان گلوبل وليج جي ڪري فلسفي پڄاڻان Post - philosophy جديديت پڄاڻان Postmodernism، جديد سائنس پڄاڻان Postmodern science صنعت پڄاڻان Post - industrialism ۽ انسانيت پڄاڻان post - Humanism وغيره جي دَور ۾ پھچي ويا آھيون ته ھڪ نئين صورتحال ۽ نون چئلينجن جو شڪار آھيون. سنڌي ڪھاڻيڪارن کي پڻ انھيءَ منظر Perspective کي مدِ نظر رکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب کي پڻ عالمي ادبي وھڪرن ۾ شامل رھڻو آھي ۽ صورتحال طور اُنھيءَ مان ڪافي ڪجهه حصو اسان جي ادراڪ جو حصو ٿيندو پيو وڃي. اُميد آھي ته انور ڪليم پنھنجي بھترين ناولن ”واپسيءَ“ ۽ ”رجيم“ کان پوءِ وري ڪو نئون اھڙو ڪھاڻي-مجموعو آڻيندو، جنھن سان سندس ڪھاڻين جا رھيل ٿڪَ به لهي ويندا، ڇاڪاڻ ته هُو بنيادي طور دراصل ڪھاڻيڪار آھي.

 

(چاندوڪي ادبي مئگزين جي جولاءِ-آگسٽ ۲۰۲۲ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment