Monday, August 15, 2022

ڪرسي جي بک ۾ ڀٽڪيل نوجوان طبقو - هوش محمد ڀٽي

ڪرسي جي بک ۾ ڀٽڪيل نوجوان طبقو

”سستي ٽيبل مهانگي ڪرسي“ ناول جو تنقيدي اڀياس

هوش محمد ڀٽي



ڪي سال اڳ سارتر ادب جي اهميت کان ئي انڪار ڪيو هو ۽ چيائين: ”مون ٻارن کي بک وگهي مرندي ڏٺو آهي؛ ڪوئي ناول ڪنهن مرڻينگ ٻار سان توري نه ٿو سگهجي. ٻار وارو پڙ هميشه ڀاري رهندو. “

ان تي نقاد ڪلاڊي سائمن Claude Simonبي صبريءَ سان چيو هو، ”لاش ۽ ڪتاب ڪڏهن ساڳيءَ تارازيءَ ۾ توريا ويا آهن ڇا؟ آخر لکجي ڇا لاءِ؟ شايع ڪجي ڇا لاءِ؟“

ان تي شيخ اياز چيو آهي ته ”مان ڀانيان ٿو ته سارتري ۽ سائمن ٻئي غلط هئا. ناول به ان محاذ جو حصو ٿي سگهي ٿو، جو ٻارجي بک وگهي موت جي خلاف ٺاهيو ويو هجي.“


مٿيئن تمهيد ٻڌڻ جو مقصد اهو هو ته جتوئي ڪامران جو ناول ”سستي ٽيبل مهانگي ڪرسي“سنڌ ۾ بيڪار ۽ جاهل طبقي جي لاءِ ان محاذ جو حصو آهي جنهن وسيلي هڪ شعور جي ننڍڙي لهر اٿي ٿي، جيڪا وڏي سگهه بڻجي سونامي ٿي سگهي ٿي. هي مڪمل وجودي ناول آهي. وجودي ناول اڪثر پلاٽ ليس هوندا آهن. انهن ۾ ڪردارن جي بجاءِ آئيڊياز ۽ فڪر کي وڌيڪ اهميت هوندي آهي ۽ اهي ان جي چوگرد گهمندا آهن.

اڄ جي زماني ۾ ڪجهه به لڪيل ناهي، سڀ ڪجهه عالم آشڪار ۽ ظاهر ظهور آهي. ادب ۾ به ڪي تمثيلون نه پيون استعمال ٿين خاص ڪري شاعري ته جذبن جو سڌو سنئون اظهار ٿي پئي آهي. ائين سنڌي سماج به سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي اچڻ ڪري ظاهر ٿي پيو آهي ان جا لڇڻ ۽ لحاظ سڀ سامهون ۽ سڀن جي اڳيان آهن.

ناول جي ارپنا نوجوانن کي ڪيل آهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌي نوجوان رڳي خواب ئي ڏسندا آهن؛انهن جي پورائي لاءِ گهٽ ڊڪندا آهن. پر ليکڪ هن ناول ۾ نج پج سنڌي نوجوانن جي نفسيات کي دنيائي سطح تي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هو ڪامياب ويو آهي.

جيئن هو لکي ٿو ته هن کي هن ڌرتيءَ تي موجود هر نسل جي عورت کي چمي ڏيڻ جي خواهش آهي، هن کي دنيا گهمڻ جي خواهش آهي. دنيا جو مهانگو شراب پيئڻ جو خواب، هي ٽئي خواهشون هر ثقافت سان تعلق رکندڙ نوجوانن جون ٿي سگهن ٿيون. پر سنڌي نوجوان ته انهيءَ فريب ۾ گم آهي. اديب شين کي ڪُلي طور ڏسڻ جون اکيون رکي ٿو. آئون فڪشن ۾ فڪر ۽ سوچ کي اهميت ڏيندو آهيان.

هي ناول فڪري طور سگهارو ناول آهي. جنهن ۾ ناولنگار گهري نگاهه رکي ٿو. هن پنهنجي علمي جوهر سان سماجي گندگين ۽ جهالت کي ننديو آهي.

پلاٽ ليس فڪشن ۾ اندروني تضادن، نفسياتي تبديلين يا وري روين يا حقيقت تي گهڻو زور هوندو آهي، بجاءِ ٻاهرين مامرن يا تضادن جي. ان جي ابتڙ هن ناول ۾ اندروني تضادن سان گڏ خارجي تضاد به بحث هيٺ آيا آهن. هي پلاٽ ليس ناول آهي. مٿي اسان پلاٽ ليس فڪشن/ناول جي باري ۾ ٻڌائي آيا آهيون. هنن ناولن ۾ عمل گهڻي شدت سان يا تڪڙا ناهن اڳتي وڌندا. دوستو وئيفسڪي ۽ ٻين کوڙ ليکڪن جا به اهڙي طرز جا ناول لکيل آهن.

محبت هڪ يونيورسل احساس آهي، جنهن بابت ناول نگار جا ويچار هتي ونڊڻ ضروري آهن، جيڪي گهڻا سگهارا آهن: “ڀلا محبت ڪرڻ به ته ذميواري جو ڪم آهي، ڪنهن کي ڪجهه ڏيڻ تمام وڏي ڳالهه آهي، پوءِ ڀلي محبت ڇو نه هجي. ” ص_۰۹

ناول نگار صفحي ۰۷ تي لکيو آهي ته ”هتي قانون آمريڪا جو هلايو وڃي ٿو. “ قانون ته نه پر حڪم آمريڪا جو مڃو وڃي ٿو، باقي قانون پراڻو برطانيا جو لاڳو ٿيل آهي، جيڪو پڙهايو به وڃي ٿو.

ٻيو هڪ احساس جيڪو ناول نگار صفحي ۱۰ تي لکيو آهي: ”۽ ڀاڄائي پٺي ٺپي هجي. “ منهنجي خيال هي احساس به گهرو آهي جنهن ۾ جديد دؤر جي ڀاڄائن جي عڪاسي وئي آهي اها هڪ محرومي آهي نوجوان جي، ۽ پوري سنڌي سماج ۾ ائين وهي واپري پيو، اڄ جون ڀاڄائيون ڏيرن لاءِ جذبن کان خالي ۽ بيزار آهن.

هي ڪيڏو نه شاهي خيال ليکڪ ونڊي ٿو: ”جن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي هوندو، اهي اتساهه ڏيندا آهن. اتساهه ڏيڻ ڪا گهٽ ڳالهه ته ناهي!“ ص_۱۳

ناول ”سستي ٽيبل مهانگي ڪرسي“گهرن خيالن سان ڀريو پيو آهي، جنهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ وڏي ادراڪي قوت رکندي باريڪ بيني سان شين کي ڏسي ٿو ۽ انهن جي اکيل ڪري ٿو.

”ناول جا گهڻا موضوع مشرق ۾ آهن، پر لکڻ جو سليقو ۽ ٽيڪنڪس مغرب ۾ آهي. “ سارتر

ائين ناهي، هاڻي مشرق ۾ به ناول جي ٽيڪنڪس تي نوان تجربا ٿي رهيا آهن ۽ نت نوان تجربا سامهون اچي رهيا آهن، جن تي الڳ لکڻ جي گنجائش آهي، پر هتي چوڻ جو مقصد هي آهي ته سنڌي ۾ هي ٽيڪنيڪلي ۽ فڪري لحاظ کان الڳ قسم جو ناول لکيو ويو آهي.

جن جو ڪم ڪرسي تي ويهي سوچڻ هوندو آهي. اهي ڪڏهن به عملي ڪم ناهن ڪندا. مهانگين ڪرسين تي ويٺل افسر شاهيءَ جي فوج ائين ئي ڪرسين تي ويهي سوچي رهي آهي ته بجيٽ ڪيئن هڙپ ڪجي. ان بابت به ليکڪ مختصر لکي ٿو: ”ڪو مقابلي جو امتحان پاس ڪريان ها. “ ص_۱۸

هي ناول هڪ نوجوان جي ڪٿا آهي، جيڪو امير ٿيڻ چاهي ٿو. مائٽن کان پيسا به وٺڻ چاهي ٿو، پر وٺي نه ٿو،پوءِ هن کي هڪ دوست ملي ٿو. جنهن نانءُ لڇمڻ داس وڪيل آهي، ان کي هو لڇو سڏي ٿو. لڇو هن کي امير ٿيڻ، دنيا گهمڻ، دنيا جي هر عورت کي چمڻ ۽ دنيا جو هر شاندار شراب پيئڻ جا موقعا حاصل ڪرڻ جي لاءِ صلاح ڏئي ٿو.

مون گهڻي وقت کان سنڌي افسانوي ادب پڙهندي، هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته، ناول ۽ ڪهاڻين ۾ مک ڪردار اديب/ليکڪ هوندو آهي. هن ناول ۾ مک ڪردار ليکڪ آهي، يا چوي ٿو ته آئون ڪهاڻيڪار ٿيندس. هر سنڌي ناول جو هيرو ليکڪ آهي، اهو يڪسانيت جي حد آهي. سنڌي ليکڪ پاڻ کان ڇني ڪا ڪهاڻي نه ٿو سرجي سگهي.

ٻي جيڪا ڳالهه مون کي هر ناول يا دنيائي ناول پڙهندي محسوس ڪئي آهي ته ناول نگار ڪٿي نه ڪٿي ڪتي جو ذڪر ڪري ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪتا نالي سان الڳ ناول به اچي چڪو آهي. هن ناول ۾ ناول نگار صفحي ۲۱ تي ڪتي سان ڳنڍي ڪري ڪمال جو لکيو آهي. لکي ٿو: ”ڪتو ته آئون آهيان، حرڪتون تون ڇو پيو ڪرين؟؟“

ڏهون باب انتشاري ذهن ۾ ورتل سنڌي نوجوان جي ذهني ڪيفيتن جي وارتا آهي، سنڌي نوجوان جنهن وٽ ڪو سمجهه ۾ نه ايندڙ دڳ نه آهي، نه ئي ڪا راهه آهي جنهن کي وٺي هو هڪ رخ ۾ هلي سگهي. هُو پور پچائيندو رهي ٿو ته آخر هُو ڇا ڪري؟

ناول نگار ڪٿي غير منطقي مڪالما به ڪردارن کان چورائي ٿو: جيئن

”ڇوڪري: ”آئون مردن کان نفرت ڪندي آهيان. “

مان: ”ڇا پوءِ توهان ”کيري“ جو استعمال ڪندا آهيو؟“ صفحو ۲۵

منهنجي خيال ۾ اهو جواب درست رخ ۾ نه آهي ڇوڪري سان نفرت جي ڪارڻ معلوم ڪرڻ کان بعد ڪو جواب ڏجي ها، جنهن ۾ سنجيدگي جو عنصر هجي ها ڇو ته سموري ناول ۾ سنجيده ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

هر ناول نگار پنهنجي ناول ۾ پوري دنيا يا ڪائنات کي سمائي انهن تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪافي معاملن کي پنهنجي نقطه نظر سان تنقيد به ڪندو آهي. هن ناول ۾ ناول نگار ائين ڪيو آهي پر هو مدلل نموني شين تي تنقيد نه ٿو ڪري نه ئي انهن جا جواز ڇڏي ٿو بس هُو اشارو ڪري ٿو. جيئن قومپرست سياست تي طنزيه اڇل ڏيندي لکي ٿو: ”ڪاڏي؟ ڪا سنڌ ۾ قومپرست پارٽي ٺاهي، مون کي ان جو چيئرمين ڪندين ڇا؟؟“ ص_۲۶

ناول نگار جو زاويه نظر به راويتي سنڌي ناولن جي ڀيٽ ۾ گهڻو مختلف آهي. اها ئي ته ناول جي خوبي هوندي آهي ۽ ان جي نالي جيان نواڻ به.

”شاهه جي شاعري ۾ جڏهن سنڌي وڏيري کي ڏسبو ته ”عمر“ جي چونڊ ڪبي، جنهن ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو. ”وڏيرو تماچي“ ڪنهن کي نظر نه ايندو، جيڪو ڄار ڪلهي تي رکي نوري سان گڏ مڇي ماريندو هو. يا مرد هميشه، اهي نظر ايندا جيڪي زالن کي ڇڏي، سمنڊ ۾ ڏورانهن علائقن تي پئسي ڪمائڻ جي ڪڍ نڪرندا هئا ۽ زالون سالن جا سال انتظار ڪنديون هيون. پر ”چينسر“ ڪنهن کي ڪو نه نظر ايندو، جنهن کي سندس وني هڪ سوني هار جي ڪري ڇڏي وئي. “ صفحو ۲۸

هيءَ سوچ ايڪهين صديءَ جي هڪ نوجوان سنڌي ناول نگار جي آهي، جيڪو شين کي ٻين پاسن/پهلوئن کان جاچي ٿو. ڏٺو وڃي ته عورت جو مظلوم هجڻ يا ڪمزور هجڻ ۾ مرد جو ڪو خاص هٿ ناهي، پر اهو هڪ سماجياتي/تاريخي مرحلو آهي، جنهن ۾ عورت اڄ جتي بيٺي آهي. شين کي ائين به ڏسجي ٿو. يا وليم شيسڪپيئر جئين چوي ٿو ته: Frailty thy name is woman (بيوفائي تنهنجو نالو عورت آهي) هونئن به بيوفائي رڳي عورت جي کاتي ۾ ناهي، نه ئي مان ان کي ڪا خاص انساني نقص ڀانيان ٿو، پر اهو هڪ انساني زندگيءَ جو موڙ آهي؛ جتي هڪ انسان ٻئي انسان کان الڳ ٿئي ٿو، جنهن ۾ هن جو نه پر حالتن ۽ انساني ڪيفتين جو به عمل دخل آهي.

اڳتي هلي ناول نويس مارڪس جي نظريي کي غيرسنڌي چئي رد ڪري ٿو. هونئن ته مارڪس جو نظريو ڪمال آهي ۽ انساني ترقي جي بقا جو ضامن به آهي. پر ناول نگار هتي بجاءِ آهي ته ”هن وطن جي مسئلن سان تعلق ناهي. “ص ۲۹

اها به هڪ زميني حقيقت آهي ته هتي جيستائين قومي سوال/تضاد موجود آهي ته طبقاتي سوال ڪئين اٿارجي. ليکڪ ايڊم سمٿ ۽ مارڪس جي خيالن جي تضاد بيان ته ڪري ٿو پر ان تي کلي پنهنجي راءِ نه ٿو ڏيئي.

هتي سنڌي ناول نگاري جي حوالي سان سوال اهو به ٿئي ٿو ته ناول شاگردن جي ڪهڙن رجحانن کي هٿي ڏيئي يا روڪي ٿو؟ جيئن ڪئمپس ناول پڙهي ورسٽي جا بانولا ڇوڪرا پنهون ضرور ٿيڻ چاهين ٿا يا اڻ سڌي طرح ان سنجها ۽ صبا جي ڳولا ۾ رهن ٿا، ٻيا سڀ مامرا هن جي لاءِ هڪ پاسي ٿي وڃن ٿا. اها هڪ حقيقت آهي ته الهڙ پڻي ۾ رومانس طاري ٿي ويندو آهي پر رڳي رومانس به طبعيت کي هاڃيڪاري اثر وجهي ٿو. سماجي/سياسي/ثقافتي/انسانيقدر مرجهائجي وڃن ٿا. هي ناول هاڪاري ۽ نوان سوال/ رجحان پيدا ڪندڙ ناول به آهي.

هڪ خيال جيڪو سوال به آهي جواب به آهي! ”منهنجو سماج هر مرد کي ”وحشي“ ڪري سڏيندو آهي. “صفحو ۳۰

اهو واقعي الميو ۽ هڪ نفسياتي رجحان ٿي ويو آهي ته مرد وحشي آهي، رڳو زنا جو ئي رشتو جوڙي ٿو عام نفسيات ٿي وئي آهي سنڌي سماج جي، جنهن کي ليکڪ چٽي ٿو. آئون ان نقطي تي ساڻس سمهت آهيان. هر مرد وحشي ناهي هوندو. خاص ڪري پڙهيو ڪڙهيو مرد.

باب سورهون مذهبي حقيقت بياني تي ظاهر ڪري ٿو. ان ۾ هڪ جملو واه جو آهي: ”دنيا جا سڀ مذهب منهنجا آهن. “ص_۳۳

مولانا ابوالڪلام آزاد چيو هو ته: ”هڪ زمين ۽ ٻيو ضميراهي ڪڏهن مذهبي ناهن هوندا. “اهو سچ آهي ته حساب ڪتاب وٺڻ وقت ضمير مذهب سان نه پر پاڻ سان جوابده هوندو آهي. مذهبي فريبي ۽ ٺڳي کان هٽي ضمير جي آواز ڏي ڌيان ڏيڻ جي گھرج آهي ۽ اهائي هن ناول جي ڪردار جي صلاح به آهي.

سومل جيڪا هن ناول جي ڪهاڻي بيان ڪندڙ هيرو جي هيروئن/محبوبا آهن. مون چوندو آهيان، جيئن دنيا جي سڀني انسانن جو رت ڳاڙهو آهي ائين دنيا جي هر نسل/ثقافت سان تعلق رکندڙ محبوبا جي نفسيات به ساڳئي هوندي آهي. توهان وس ڪيو پر ان ۾ عورت جي روايت ايڏي ڀريل هوندي جو اوهان ڪڍي ڪڍي ٿڪي پوندا. وري سنڌي محبوبائون ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن! ائين هن باب سترنهن ۾ ٽين جنس سان تعلق يا ميل جول جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. مون کي ٽين جنس جي انسانن کان نفرت ڪندڙن کان حيوانيت جي ڌپ ايندي آهي. جڏهن هُو پنهنجي محبوبا کي کدڙي سان سنجوڳ جي ڳالهه ڪري ٿي ته هوءَ ان سان تعلق ٽوڙي ڇڏي ٿي. هي اهي ڳالهيون آهن جيڪي TABOO آهن اسان وٽ. ليکڪ انهن تي قلم تلوار جيان وهايو آهي. هڪ ڳالهه وڏي مزيدار لڳي ته کدڙي جو هيرو وري ليکڪ عمران خان ڏيکاريو آهي.

هر نسل جي عورت جي اگهاڙي بدن کي ڇهڻ جو خواب ڏسندڙ هن ناول جي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ سنڌي نوجوان جي سوچ۽ سنڌي ڇوڪري جي سوچ کي بخوبي لکيو آهي جڏهن ڇوڪري هن کي چوي ٿي ته: ”تون پنهنجي گهر کان نڪري ڪيبن تان ڏهه روپين جا سگريٽ وٺڻ جي حيثيت نه ٿو رکين! تون دنيا ڪٿان گهمي سگهندين؟؟“ص_۳۹

سنڌي ڇوڪري ڀلي ڪهڙي به طبقي سان تعلق رکندي هجي، غريب ڇو نه هجي! پر هوءِ پنهنجي عاشق کي ملڪيت جو مهڻو يعني حيثيت ضرور ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ ڇوڪرو وري بنگلي، ڪرپشن، گاڏي ۽ سهڻي ڇوڪري. اهو الميو آهي سنڌي سماج جي ٻن نوجوان نسل جي صنفن جو.

هڪ لاجواب خيال سان هُو سومل کي پنهنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏي ٿو.

“مونکي سڀ کان ويجهو ماڻهو منهنجي خوابن جي پهرين رڪاوٽ آهي. ” صفحو_۳۹

ناول جو مک جيڪو ڪهاڻي جو بيان ڪندڙ به آهي، ڪڏهن سوچي ٿو ته ليکڪ ٿئي، ڪڏهن سوچي ٿو ته ڪيبن کولي، ڪڏهن کيس ملهه پهلوان ٿيڻ جا خيال اچن ٿا، ڪڏهن ڪاروباري هيراڦيري ڪرڻ جو سوچي ٿو، پوءِ آخرڪار پير بابا ٿيڻ جو سڄو منصوبو لڇمڻ عرف لڇو ٺاهي ان تي عمل ڪرائيس ٿو ۽ هُو ڪوڙ بدوڙ هڻي مرشد ڪامل بڻجي وڃي ٿو ۽ وڏا ٺٺ ٿي وڃنس ٿا.

آتم ڪٿائي ناول، ساروڻين ۽ آتم ڪٿا ۾ فرق ڪرڻ ۾ ڪافي پڙهندڙ منجهي پوندا آهن. خاص ڪري ناول سان اها ڪار ٿيندي آهي. هي ناول پڙهندي گهڻن کي اهو لڳندو ته اهي آتم ڪٿائي ناول ٿا پڙهن يا ساروڻيون پر ناول جي اهائي خوبي هوندي آهي ته ان پڙهندي اهو محسوس ٿئي اهو خود پڙهندڙ سان ٿئي پيو. هي “سستي ٽيبل، مهانگي ڪرسي” مڪمل ناول آهي.

ناول نگار لکي ٿو ته: “منهنجو عقيدو آهي ته عشق ٺهيو ئي انسانن لاءِ آهي، عورت ۽ مرد لاءِ. سو منهنجو عشق عورت کان ٻاهر ويو ئي ڪو نه. ” صفحو _۷۵

يوناني فلسفي ديوجانس ٿي گذريو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به سوال کي ٻن پاسن کان جاچڻ ۽ دليل ڏيڻ ۽ بحث مباحثي ڪرڻ جي صلاحيت هئي. هن ناول ۾ به ٻنهي پاسن کان هر سوال/خيال کي ڏٺو/پرکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي. مٿي جيڪا عشق جي ڳالهه ڪئي آهي ڇا ٽين جنس (کدڙي/کدڙو) عشق نه ٿا ڪري سگهن. مون ته انهن جي عشق جون گهڻيون ڪهاڻيون سڻيون آهن.

هن ۾ مولوي جو ڪردار به دلچسپ ۽ سگهاري نموني چٽيو ويو آهي، ان ۾ ليکڪ جي اک جو ڪمال آهي. شروع ۾ جيڪا منظرڪشي ڪئي وئي آهي ته ڪرسي آهي، ٽيبل آهي، دنيا جو نقشو آهي ان مان لڳي ٿو ته ڪو سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ جوان آهي. بعد ۾ ناول نگار اهو به ڏيکاري ٿو ته ڪهاڻي ٻڌائيندڙ جي ماءُ غريب آهي ان جو پيءُ به غريب آهي ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون هڻن ٿا. وري ان ئي ڪردار وٽ بائيڪ به آهي مامو ان کي لک رپيا به ڏئي ٿو، هن وٽ واش روم به آهي. هن وٽ هڪ موبائيل به آهي جنهن تي هو ميان خليفا جي وڊيو ڏسي ٿو. اهي ڳالهيون ابهام پيدا ڪن ٿيون. منظرن کي منجهائي وجهن ٿيون ته آخر جيڪو ڪردار آهي ان جو عڪس يا واسطو ڪهڙي طبقي سان آهي.

هڪ ٻئي ڳالهه جيڪا منجهائيندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي ته ڪردار کي جڏهن لڇو ڪمري ۾ واڙي وڃي ٿو ته تون چاليهه ڏينهن ويهي ڪتاب پڙهجان. ته ڪمري ۾ هن کي گل يعني ٻوٽو به ڏئي وڃي ٿو. گل/ٻوٽي جو ڪمري ۾ سج جي روشني کان سواءِ نسرڻ/ اوسرڻ ناممڪن آهي. پر هُو ته ڪمري ۾ ان جي خوشبو به سنگهي ٿو جيڪو اڻ ٺهڪندڙ آهي.

هڪ ٻئي منظر ۾ ليکڪ ڌراڙ جي منظر ڏيکاري ٿو جيڪو جلال چانڊيي جو ڪلام ڳائيندو اچي ٿو. ليکڪ لکي ٿو ته هن کي ڪلهي ۾ پاڻي جي بوتل هئي. منهنجي خيال ۾ پاڻي جي بوتل جديد طرز ۾ رهندڙن ماڻهن جو فيشن آهي نه ڪي ٻهراڙي ۾ رهندڙ ڌراڙي جو، جيڪو ڪلام به جلال جو ڳائي ٿو، خير اها ننڍڙي چڪ چئي سگهجي ٿي. ناول لکڻ وقت باريڪ بيني سان سڀني شين کي جاچي لکڻو پوي ٿو.

پير ٿي وڃڻ کان پوءِ هو سوچي ٿو: “جنهن دنيا گهمڻ جا مون خواب پئي ڏٺا سا دنيا مون هتي اڏي ڇڏي آهي. ”صفحو_ ۱۰۴

سنڌي سماج، جو اٻوجهه سماج آهي، سنڌ جو سماجي تاڃي پيٽو درگاهي آهي هر ڳوٺ ڳلي ڳلي ۾ درگاهه آهي پير آهن سنڌي ماڻهو ڪيترا ڀورڙا آهن اهو توهان کي هي ناول پڙهي محسوس ٿيندو ۽ سنڌ ۾ پير هڪ قسم جي انڊسٽري آهن جيڪي ارب کرب رپيا ڪمائن ٿا انهن جا نسل کائن ٿا. سنڌي سماج ۾ سانئسي سوچ جا بکيا اڍڙي ڇڏيا آهن. ليکڪ چواڻي: “سائنس دنيا ۾ ديوتائن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ۽ سائنس ديوتائين کي آفريڪا ۽ ايشيا ۾ قيد ڪيو آهي. جتي هو پنهنجي زندگين جا آخري سال گذاريندا. ”صفحو_۱۰۵

وري به ناول نگار جي لفظن ۾ ته “ناڪامي ماڻهو کي ولي ڪريو ڇڏيو. ” هو ولي ٿي يا نه ٿئي، پر ناول نگار ٿي ويو آهي، هن ڀرپور ۽ گهرو ادارڪ رکندڙ ناول لکي ورتو آهي. سنڌي ناولن جي باري ۾ آئون بار بار اهو چوندو رهيو آهيان ته ناول لکي ايڊيٽ ضررو ڪرايو ۽ اهائي کوٽ مون کي هن ناول ۾ به لڳي هي ناول هڪ ايڊيٽر ضرور ڏسي ها ته جيڪي غلطيون رهجي ويون آهن اهي هن جي سونهن کي متاثر نه ڪن ها. جيئن ناول، ناوليٽ ۽ ڊائري ٽن قسمن جا نالا ڏنا ويا آهن هن ڪتاب کي، پر منهنجي نظر ۾ هي ناول آهي. آخري ڳالهه هي ته:

Samuel Johnson said: ‘A writer only begins a book. A reader finishes it.

سو جتوئي ڪامران هي ڪتاب جيڪو ناول آهي شروع ڪيو ۽ مون ان کي وڏو چس وٺي پورو ڪيو.

 

(ھوش ڀٽيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment