Wednesday, August 17, 2022

ديسي دلال - غفار سومرو

ديسي دلال

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



سنڌي جهنڊي ۾ پاتل سنهڙي بانس جي ڏنڊيء جو سٽڪو ٿيو. هڪ اڌ ڪوپ ٽڙڪي پيو. ٻه چار ڪيتليون فرش تي رڙھنديون کڙڪنديون ٽيبل ڪرسين هيٺان وڃي ڪريون. ٽھڪندڙ چانھ وارو پتيلو اڌ ٻرندڙ باھ مٿان هارجي باھ وسائيندو ڏولي ڇاڻي سميت چلهي تان لهي ويو.

"ڪيا هوا ماڙا! زبردستي ڪيون ڪر رها هي!?" چانھ ڪاڙھيندڙ نوجوان پٺاڻ گيس بند ڪندي چوڻ لڳو.


ڪاوڙ ڪروڌ ۾ ڀريل ڳاڙھين اکين جي تيز تکي نهار. هلڪي گار. هڪڙي گڏيل هڪل.

"بند ڪر هوٽل! ڌاريا افغاني,,,,,!!"

دخل تي ابتي سنڌي ٽوپي پهري ويٺل افغاني سيٺ گراهڪ کي بقايا پيسا ڏيندي هڪدم اٿي آيو. مڇريل نوجوانن جو ميڙ ڏسي وقت جي وير کي سمجهندي کير جو وڏو پتيلو ڪوپ ساسر جڳ گلاس ڪولر کڻائي اندر رکرائڻ لڳو.

چانھ ڪاڙھيندڙ بورچي کنڊ پتيء جا ڊٻا سوري هڪ پاسي ڪري رکيا. بيرا وٺ سٽ ڪري ٻاهر پڌر تي رکيل ڪرسيون ٽيبلون ڇڪي اندر هال ۾ گڏ ڪرڻ لڳا.

جن گراهڪن کي اڃا چانھ ڪونه ملي هئي سي اٿي پرڀرو هڪ پاسي ٿي بيٺا. جيڪي چانھ پيتيون ويٺا هئا اهي بل ڏيڻ بغير کسڪڻ لڳا. شٽر هيٺ ٿي ويو. هوٽل بند ٿي ويو.

نوجوان ڇوڪرن جو ٽولو هٿن ۾ جهنڊا جهولائيندا گو افغاني گو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندو اڳين منزل ڏانهن وڌندو ويو.

ڪالھ ئي ته ڀر واري شهر ۾ معمولي ڳالھ تان افغاني هوٽل واري هڪ سنڌي ڳڀرو نوجوان کي لوهي شيخون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. قتل جي خبر چوڏسا باھ جيان پکڙجي وئي هئي. هر ڪنهن چوڪ چوراهي, ننڍي وڏي شهر ۾ مقتول نوجوان جا وارث ڄڻ برسات کان پوء کنڀين جيان نڪري آيا هئا.

نوجوان ٻار ٻڍا پڪا پوڙھا ريليون جلسا جلوس ڌرڻا هڻي ۽ روڊ بلاڪ ڪري قاتل افغاني پٺاڻ جي گرفتاري, ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جي گهر ڪري رهيا هئا.

ڪي نوجوان ڏنڊا سوٽا کڻي پنهنجي طاقت ۽ ٻانهن جي ٻل تي افغانين جا هوٽل دڪان ڪاروبار بند ڪرائي رهيا هئا. هر پاسي گوڙ گهمسان ۽ خوف واري صورتحال ٿي پئي هئي. في الحال هرپاسي کان ڌارين افغانين جي ڪاروبار بند ٿيڻ جون خبرون اچي رهيو هيون.

جذباتي نوجوانن جو خيال هو ته ڏنڊي کي تيل لڳائي ڌارين کي پنهنجي ديس مان نيڪالي ڏيئي سگهجي ٿي. سندن خيال هو ته هڻجي هڪلجي ۽ ٻيلي ساري وڙھجي مرجي يا مارجي بس ديس مان ڌارين دهشتگردن کي ڌڪي ڌار ڪجي. اهو ئي مانجهي مردن جو مرڪ آھي!!

ڪن جو وري هي به رايو هو ته قانون هٿ ۾ نه کڻجي. پنهنجو احتجاج ڀرپور نموني ريڪارڊ ڪرائجي. ڌارين سان ڏيتي ليتي بند ڪري سماجي واسطيداري ۽ تعلق ختم ڪجي. حڪومت کان ڌارين جي سندن ڏيھ واپسي جي گهر ڪندي اسيمبليء مان بل پاس ڪرائجي. مارڪيٽ جو رخ ڪجي. وڻج واپار جي واڳن ۾ هٿ وجهجي. تجارت ۾ ڌاري ڪاروباريء کي اسپيس نه ڏجي. مارڪيٽ تي مڪمل ڪنٽرول قائم رکجي.

جيترا وات اوتريون ڳالهيون. جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا. ڇتا بحث. وٺ سوال ڏي جواب. سموري سنڌ ڪنهن به هڪ پيج تي گڏ ڪونه ٿي سگهي هئي. هر ڪنهن وٽ پنهنجا خيال ۽ مضبوط دليل هئا.

بس رڳو هڪ اهو سنوڻ سٺو ٿيو هو جو هن ڀيري سنڌي عوام افغانين ۽ ٻين ڌاري لوڌ جي نيڪاليء جو زوردار مطالبو ڪري رهي هئي.

گهيراءُ جلاءُ ڊپ خوف هراس بي يقيني جي صورتحال ھئي. ڪٿي ڪٿي ڌارين دشمن طرفان به ديس جي اصلوڪن رهاڪن سان مزاحمت جاري هئي. هلڙ بازي هٿيارن جي نمائش آديو وڊيو ڪالس واٽس اپ تي گاريون دهمان دڙڪن جي ڀرمار هئي. تنهن هوندي به في الحال هڪڙي رات پيٽ اندر افغانين جو ڪاروبار ٺپ بند ٿي چڪو هو. گهڻا ته عوامي ردعمل کي ڏسندي ننڍا وڏا ڪاروبار سميٽي ٻار ٻچا وٺي ديراموڙ جو در اڪري پنهنجي ملڪ موٽي رهيا هئا. گڏيل سنڌ جي گڏيل آواز جي سوڀ ٿي رهي هئي.

منهنجي شهر جو ڪوئٽا چمن افغاني هوٽل به بند ٿي ويو هو. ويڪري اڱڻ تان ڪاٺ جا ڦٽا فراس طول ويهاڻا اندر هال ۾ رکجي ويا هئا. دخل تي ڪنهن به بني بشر جي دخل اندازي ڪونه هئي. باورچي خاني مان ٿانو برتن ۽ ٻيو سيڌو سامان اسٽور روم ۾ گڏ ٿي چڪو هو. هاڻ رڳو رڌڻي جون ڀتيون ڪارو منهن ڪريو مالڪ روزي خان پٺاڻ جا ويچارا ڪڍي رهيون هيو. جيڪو هوٽل جي مٿين ماڙ تي ٻارٻچا ورتيون هٿياربند ٿيو ويٺو هو.

صبح جو ڊيوٽيء تي ويندي ڪوئٽا چمن افغاني هوٽل جو ههڙو بچڙو حال ڏسندي مون دل ئي دل ۾ جام خوشي محسوس ڪئي ۽ گو افغاني گو جو نعرو هڻندي موٽر سائيڪل کي چوٿون گيئر ڏيئي اسپيڊ وڌائي ڇڏي هئي.

شام جو واپسيء تي ازخود اکيون ڪوئٽا چمن افغاني هوٽل ڏانهن کڄي ويون. مون هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوئٽا چمن افغاني هوٽل تي سڃ واڪا ڪندي ڏسڻ ٿي چاهي. پر منهنجي نظر هوٽل اڳيان بيٺل ٽن چئن وڏين گاڏين تي کپي وئي. ماڻھن جي هلڪي ميڙ جي وچ ۾ بيهي ڪو ماڻھو هوٽل مالڪ روزي خان پٺاڻ سان ڳالهائي رهيو هو. آءُ به روڊ ڪراس ڪري موٽر سائيڪل هڪ پاسي بيهاري سندس ڳالهيون ٻڌڻ لڳس.

"ڏسو! اسين سڀ مسلمان آھيون ۽ هڪ مسلمان ٻي مسلمان جو ڀاءُ آهي. چڱو مسلمان اهو آھي جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي جان مال ۽ عزت آبرو جي حفاظت ڪري. هي روزي خان پٺاڻ اسان جو مسلمان ڀاءُ آھي. هن جي جان مال عزت آبرو جي حفاظت ڪرڻ اسان تي عين فرض آھي. " وڏو پهراڻ مٿي تي گول ٽوپي اکين ۾ لپ کن سرمو پهريل هڪڙو شخص ميندي رتل وڏي سونهاريء تي هٿ ڦيريندي چئي رهيو هو. ماڻھن جي ميڙ مان گهڻا ڄڻا سيني تي هٿ ٻڌي ادب وچان سبحان الله سبحان الله جو ورد ڪري رهيا هئا.

تنهن کان پوء وائٽ ڪاٽن جي قميص گهير واري سلوار سنڌي جتي ۽ بوسڪيء جو وڏو پٽڪو پهريل هڪ قداور سهڻو اڌڙوٽ جوان مڇن کي تاءُ ڏيندي ٻه قدم اڳتي وڌيو ۽ روزي خان جي ڪلهي تي هٿ رکندي ماڻھن جي ميڙ ڏانهن منهن ڪندي چوڻ لڳو" ياد رکو ته اسان جي راڄ ڀاڳ ۾ ڪنهن به لوسي لپاٽي وات ڳاڙھي ڇوري کي مجال ناهي جو اسان جي پرديسي مهمانن سان کينچل ڪري سگهي!. روزي خان! تون پنهنجو هوٽل کولي ڇڏ. اڄ کان پوء تنهنجي حفاظت اسان جي ذميواري آھي ۽ پهرين به ته اسان ئي اوهان جي سنڀار ڪندا رهيا آھيون!"

روزي خان نهايت شڪرگذار نهار سان واڇون ٽيڙي هن ڏانهن ڏسندو ۽ ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو.

گهڻا ماڻھو ماٺ ڪريو سندن ڳالهيون ٻڌي ها ۾ ها ملائي رهيا هئا. پر پرڀرو بيٺل ڪي اهڙا نوجوان به هئا جيڪي اندر ئي اندر کامي پڄري رهيا هئا.

"دوستو! اسين هڪ وڏي سياسي پارٽيء جا ڪارڪن آھيون اها پارٽي جيڪا ملڪ جي چئني ايڪائن کي گڏ کڻي هلڻ گهري ٿي. اسان جي پارٽيء جا ڪارڪن به روزي خان جي هوٽل مال ملڪيت ۽ ڪاروبار جي حفاظت ڪندا ۽ هر وقت ڪجھ ڄڻا هتي موجود رهي ڪنهن به امڪاني جهيڙي جهڳڙي کي منهن ڏيندا رهندا!" ماڻھن جي ميڙ مان اڳتي وڌي آيل وڏي پيٽ واري وڏي سياسي پارٽي جي ڪارڪن جي تقرير جي موٽ ۾ زوردار نعرا لڳي ويا.

منهنجي ڪنن تي ڀر ۾ بيٺل هڪ نوجوان جو هلڪي سس پس جهڙو آواز اچي ٽڪريو جيڪو چئي رهيو :مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾:

منهنجي من ۾ به هنن ديسي دلالن جي ڪڌن ڪرتوتن لاء ڌڪار جنم وٺي رهي هئي. تنهن وقت هڪ پوليس موبائيل تيزي سان سائرن وڄائيندي ويجهو اچي بريڪ ڏنو. چار سپاهي جن مان ٻن جي هٿن ۾ خودڪار هٿيار ۽ باقي ٻن جي هٿن ۾ بانس جا سوٽا جهليل هئا ۽ هڪڙو صاحب پنهنجي وڏي پيٽ تان کسڪي لهندڙ پينٽ جي پٽي کي مٿي ڪندو پهرين موجود وڏن ماڻھن سان هٿ ملائي روزي خان جي ڀر ۾ اچي بيٺو.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment