Wednesday, August 17, 2022

مردانگي - غفار سومرو

مردانگي

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



ٻه چار ڏينهن ٿي ويا ها مينهوڳي سبب گهران نڪرڻ محال ٿي پيو هو. ائين به مان ڪهڙو گهرون ٻاهر نڪرندو هيس. مينهن ۽ موڪلن جا مزا وٺندي لکڻ پڙھڻ سان گڏ انٽرنيٽ تي سارو وقت ويٺو موبائيل جي اسڪرين تي آڱوٺو هلائي ساري جڳ جهان جون خبرون چارون ڏسندو ٻڌندو رهندو هوس.


افغاني غنڊن سنڌ ديس جو ڳڀرو پٽ ڪهي وڌو هو. رهندو شهرن ۾ سنڌي وسندين تي ظالم مدد خان جي تاريخ ورجائي اوچتو حملا ڪري سنڌين ۾ هاء گهوڙا مچائي ڇڏي هئي. موٽ ۾ ماٺ ڪري اسان به ڪونه ويٺا هئاسين. سموري سنڌي قوم جو ادبي لڏو ڌاري دشمن سان فيس بڪ تي جهيڙو جوٽيون بيٺو هو. لفظي تيرن تلوارن بڙڇين ڀالن جا قهري وار جاري هئا. هلان هڪلون ۽ حملا ڪندا ٿي رهيا. جنهن سبب ڌارين دشمن جون وايون بتال ٿي ويو هيون. سٿڻيون آليون ٿي ويون هيون ۽ هو وائڙو ٿي پاڻ بچاءُ جا گس ڳولهي رهيو هو. بس ٿوري اڃا وڌيڪ لفظي مزاحمتي جنگ جي ضرورت هئي پوء ته دشمن ٽپڙ گول ڪري ديراموڙ کان ڀڄڻ وارو هو.

مان به شاعر هيس. ڪهاڻيڪار ۽ اديب هيس. مون به ٺاهوڪو لفظي بارود ٺاهي جوڙي فائر ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪري ورتي هئي. بس رڳو سينڊنگ آپشن تي وڃي اوڪي جو بٽڻ دٻائڻو هو. بس پوء ته ڌاريون دشمن ڏھن کي ڏس ڏيندو وتي ها ته هل ڙي سنڌ جا جوڌا جوان!

تڏھن دروازو کليو ۽ مينهوڳي سبب پسيل ڪپڙن سان مون واري مئٽرڪ پاس بيگم اندر داخل ٿي. شام جو سانجهاندو ڇٻيء تي ٻه مانيون ڀاڄيء جي وٽي. پاڻيء جو جستي گلاس اڳيان اچي رکيائين. ڪجھ به ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان سواء واپس وڃڻ لڳي ته روڪيندي چيو مانس؛ “ويھ ته سهي ڪاڏي پئي وڃين. ٿورو آرام به ڪر!”

تيز تکي گهور سان نهاريندي چيائين؛ “آرام! آرام اسان جي نصيب ۾ ڪٿي. آرام جي گهرج ته اوهان کي آھي. موبائل هلائي هلائي ٿڪجي پوندا هوندو! چئو ته مانيء مان گراھ ٺاهي وات ۾ وجهانءُ!؟”

سندس ٽوڪ سمجهندي ڦڪي مرڪ مرڪندي چيم؛ “وڏا وڙ اوهان جا. تڪليف نه ڪريو پاڻ کائي وٺندس. ايترو جڏو به ڪونه آهيان”

“ها الله نه ڪري جڏو ته ڪونه آھين. ڏنڊو ڏاڍو سگهو لڳو پيو آھين. لکڻ پڙھڻ جو به قابل آھين. کائڻ پيئڻ جو به کرو آھين. بس رڳو,,,,,!؛ “هو باقي جملو ڳيهي چپ ٿي وئي.

ڀڳل گراھ ڀاڄيء مان ٻوڙي وات ۾ وجهندي چيم؛ “بس رڳو ڇا!؟ تون چوڻ ڇا ٿي چاهين جيڪو من ۾ اٿئي چئو کڻي!”

“ڇڏينس! توهان ۾ همت ئي ڪونهي اهو ٻڌڻ ڪرڻ جي. ؛ “

مرد سڀ ڪجھ سهي سگهي ٿو پر مردانگي تي وار نه ٿو سهي سگهي. ڪاوڙ وچان ڀڳل گراُھ واپس ڇٻيء تي رکندي چيم؛ “ست سال ٿي ويا آھن پنهنجي شاديء کي, اڃان به منهنجي همت تي شڪ اٿئي! ٺيڪ آ. اڄُ توکي ڏيکاريندس ته مون ۾ ڪيتري همت آھي!”

کٽ تان اٿندي ٽوڪ وچان چوندي دروازو اڪري ٻاهر وڃڻ لڳي؛ “مون کي همت ڏيکارڻ بجاء رڳو ڪمري کان نڪرو. شهر جي چوڪ تي وڃي گو افغاني گو جا ٻه چار سکڻا نعرا هڻي اچو تڏھن به مون لک کٽيو!!”

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment