Saturday, September 3, 2022

سنٻنڌ - گلزار- انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سنٻنڌ

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



لالا جي کي ان ڳالھ جي کڻڪ پئجي وئي ته؛ لالائڻ، مٿي جا وار ڪٽرائي ڇڏيا آھن ۽ کانئس پڇيائين به نه.

پوئين مھيني سندن نونھ، پيڪي وئي ھئي ته سس کي به ساڻ وتيون وئي ھئي، دھليءَ. جيئن ٽرين ۾ ھنج واري ٻار کي سنڀالڻ ۾ سھنجائي رھي.

لالا جيءَ کان پاڻ مايا ديويءَ پڇيو ھيو؛ ”نونھ چوي پئي، دھليءَ ھلڻ لاءِ، وڃان؟“



”ھا! ھا! ضرور وڃ! ٽرين جي گڙديءَ ۾ ويچاري نونھ ڪيئن سنڀاليندي ٻارڙي کي؟“

سندن نونھ ”مُنيءَ“ جو پيءُ، رٽائرڊ ڪرنل آھي. منيءَ جا ٻه ڀائر پڻ فوج ۾ وڏن عھدن تي آھن. ڪرنل صاحب جو پارٽين ۾ اچڻ وڃڻ، اڄ به ساڳئي نموني ھلندو پيو اچي. ظاھر آ، سندس زال به، سندس اسٽائل ۾ رھندي آھي. ماڊرن آ، اسٽائلش آ. ان وار ڪٽرائي ڇڏيا آھن. ھن واري ته، مايا ديويءَ جا به ڪٽرائي ڇڏيائين.

ٻن ھفتن پڄاڻان، بمبئيءَ موٽي ته لالا جي ڏسي دنگ رھجي ويو؛ ”ھي وارن جو ڇا ڪيو تو؟“

”سيڻن ڪٽرائي ڇڏيا. پاڻ وانگر ٺھرايائين.“ اھو چئي مايا کلي ضرور، ليڪن ھڪڙو پاڇو جيڪو سندس مڙس جي اک آڏو گذريو، تنھن کان ڊڄي وئي. پنھنجي مڙس جون اکيون سڃاڻندي ھئي. اٺيتاليھن سالن جو رياض ھيو. ڦِڪائيءَ سان چوڻ لڳي؛ ”وري رکندس. وڌي ويندا.“

لالا جي ماٺ ميٺ ۾ اندر ھليو ويو ۽ اوطاق ۾ وڃي ويھي رھيو.

رات جي مانيءَ تي به سندس موڊ مونجھو مونجھو رھيو. منوج پڇيو. منيءَ به بس ڪنڌ ڌوڻيو؛ ”ڪجھ ناھي.“

مايا ديويءَ جڏھن پڇيس... ”طبيعت ته ٺيڪ آ نه؟“ ته جواب ڪجھ ٻيو ڏنائينس؛ ”تنھنجا وار ته ڏاڍا سٺا ھيا. سھڻا ھيا. ڪٽرائي ڇو ڇڏيئي؟“ ڪو به جواب نه مليس ته چيائين؛ ”۽ تو.... مون کان پڇيو نه.“

منوج ٽھڪ ڏيندو ڪمري ۾ گھڙيو؛ ”ابي کي اڃا تائين امڙ جي وارن جي ڳڻتي لڳي پئي آ. ستر ٻاھتر جو ٿي ويو ليڪن مزاج مان عشق نه ويو اٿس.“

مني، وڏي ڇوڪريءَ کي ڦڻي ڏئي رھي ھئي. ٽھڪ ڏئي پڇيائينس؛ ”ابوءَ جي ڇا لو ميريئيج ٿي ھئي؟“

”نه! امڙ جو پرڻو ته منھنجي آڏو ٿيو. سندس ماءُ پيءُ ڪرايو ھيو.“

”مطلب؟...“

”ٻنھي گھرئون ڀڄي، ڪورٽ ۾ شادي ڪئي ھئي. چئن پنجن سالن کان پوءِ مان ڄائس. منھنجي ڄمڻ کان پوءِ ٻنھي جي ماءُ پيءُ معاف ڪيو ۽ ٺاھ ٿي ويو.... امان مون کي وٺي پيرينٽس (پيڪن) سان ملڻ ھلي ته انھن ابي کي گھرئون ڪڍي ڇڏيو، اھو چئي ته ٻچا! وڃ! ھاڻ ڄڃ وٺي آ، تڏھن ڇوڪري ڏينداسين. تڏھن ٻيھر شادي ٿي ھئي، انھن جي. مون کي ياد ته ناھي ليڪن... خبر آھي. تصوير به آ.

لالا ھيم راج کي، ماني کائڻ کان پوءِ، پنڌ جي پراڻي ھير پيل ھئي. جھٽ سوا ٽُلڪڻ لاءِ، ٻاھر ھليو ويندو ھيو. موڙ تئون ھڪڙو پان ٺھرائيندو، پنھنجي طرح جو. عمر سان گڏ سوپاري ضرور گھٽجي وئي ھئي، ليڪن ان ڏھاڙي ھو پان واري جي ھٽ تان اڳڀرو ئي موٽي آيو. ايترڙي ڳالھ خبر ناھي ڇو، ڀنئور وانگر سندس سوچ ۾ اٽڪي پئي ھئي. ... سنٻنڌ ته آھي. ان کي حق کڻي چئو. وارثي چئو.. ڪو مناسب لفظ مليس ڪو نه. ائين لڳي رھيو ھيو، سندس ڪا وڏي قيمتي شيءِ چوري ٿي وئي ھجي.

جڏھن منوج ڄائو ھيو ته پھريون دفعو سندس وارثيءَ کي چھڪ آيو. دل پشوري ڪندي زال کي چيو ھيائين؛ ”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ، پاڻ ئي ڪپڙا ڪڍي پائيندس. تون پنھنجي پٽ کي ويٺي ڏس. ايندي ئي ھنڌ ڌار ڪرائي ڇڏيو آ، ان چپٽڙيءَ جيتري ڇوري!“

”چپٽڙيءَ جيترو نه چوينس! اٺن پائونڊن جو پٽ ڏنو ٿيمانءِ!“

”ليڪن اھو ته ٻڌاءِ ته پايان ڇا؟ ھلٽن صاحب وٽ وڃڻو اٿم!“

”نيڪ ٽائي ته ھرگز نه پائجانءِ! تنھنجي ڳچيءَ ۾ ڄٽڪي ٿي لڳي. اسڪارف پائي وڃجانءِ!“

وري پنڪي ڄائي ته ٿورو چھڪُ اڃا سجيھ آيو، سندس وارثيءَ کي. ماني، نوڪرياڻيءَ جي ھٿ جي ملڻ لڳي. ليڪن دال کي تڙڪو مايا پاڻ ڏيندي ھئي. ڪير ٻيو ڏئي ته کيس ٿڏي تي خبر پئجي ويندي ھئي. مايا ديويءَ کي ان ڳالھ تي ڏاڍو فخر ھيو. ھڪ دفعي دال مان، ڊگھو وار نڪتو. لالا جيءَ نوڪرياڻيءَ کي ئي ڪڍي ڇڏيو. مايا کي چيائين؛ ”تنھنجو وار ھجي ھا ته مان ٻٽونءَ ۾ سانڍي رکان ھا. ليڪن مان ان نوڪرياڻيءَ جو وار سھي نه ٿو سگھان. کيس چئو؛ ڪم ڪرڻو اٿس ته مٿو ڪوڙائي اچي.“

”اڙي! ھي ڇا! سھاڳڻ آ ويچاري! اھا مٿو ڇو ڪوڙائي؟ رنڙ آ ڇا؟“

”ته پوءِ ڪو نوڪر رک!“

تڏھن کان نوڪر ئي گھر ۾ رھيو... ھاڻي سانجڻ ۽ رڌپچاءُ نونھ اچي سنڀاليو ته ھڪ ڏينھن کيس به چئي ڏنائين؛ ’ماني ٻوڙ ڪرڻ وقت، وار کليل نه رکجانءِ ڌيءَ! اکئين ٿا پون!‘“

منيءَ ڇڪي ڳُتَ ڪئي. ليڪن، ڳالھ مايا جي نظر کان بچي نه سگھي. ھوءَ سمجھي وئي ھئي ته اڄ تائين کانئس نوڪرياڻيءَ واري ڳالھ ھن وساري ناھي. ٻه چار ڏيھاڙا ته ڳالھ کل مذاق ۾ ٽرندي رھي. امڙ دل ئي دل ۾ پَڏي پئي ته لالا جي ھن ڪراڙپ ۾ به پنھنجو عشق پيو ڏيکاري. رٺو ٿو رھي، ليڪن ٿورا ڏينھن اڃا گذريا ته سڀني ڏٺو ته ابو ته امڙ سان ڳالھائڻ ئي ڇڏي ويو آھي. مايا پڻ اٻاڻڪي رھڻ لڳي. ڪراڙپ جو روسامو، کين جوانيءَ کان وڌيڪ سر کڻندڙ لڳو. کاڌي جي ميز تي سڀئي ملن، پر لالا جي چپ چاپ ۾ ماني کائي اٿي ۽ پنڌ لاءِ نڪري وڃي. پنڌ به ٿورو ٿيڻ لڳو. مايا پڇيس ته ورندي ڏنائينس؛ ”ھاڻي جلدي ٿڪجي ٿو پوان!“

ھڪڙي ٻُسائپ رھڻ لڳي گھر ۾. ساڻ ھڪ دٻيل دٻيل ڇڪتاڻ پڻ شروع ٿي وئي. کاڌي جي ميز تي ويٺي منوج چيس؛ ”بابا! اوھان عينڪ جو فريم مٽايو. اڄڪلھ نوان نوان ڊزائين پيا ملن...“

”ھيءَ ڊزائين تنھنجي ماءُ جي پاس ڪيل آ، يار!“

”امان جي؟“ منيءَ حيرت مان پڇيو.

”ھا! ان کي گول فريم سٺو نه لڳندو ھيو. مان چورسو ورتو. وري ڪاري فريم تي اعتراض ٿيو کيس، ته مون برائون وٺي ڇڏيو.“

ھڪ ڏينھن مانيءَ تي ويٺي ويٺي ڇرڪي مايا ڏانھن ڏٺائين؛ ”اڄ تڙڪو تو ڏنو آ؟“

مايا جو چھرو، ڳاڙھو ٿي ويو. نونھ پڇيو.. ”اوھان کي ڪيئن خبر پئي؟“

”اڙي ڌيءَ! تو واري سس جي ڏنل تڙڪي ۾ مون کي سدائين سندس ھٿ جي سرھاڻ اچي ويندي آ.“

ليڪن سندس خاموشي، چڪ ھنيو بيٺي رھي. جڏھن دٻيل دٻيل پڇا ڳاڇا جو اثر نه ٿيو ته منيءَ ھڪ ڏينھن چٽائيءَ سان معافي ورتس؛ ”مون کان غلطي ٿي وئي بابا! مان، پنھنجي ماءُ کي روڪي نه سگھيس، ۽ امان به مڃي ته وئي.“ ھوءَ ٻنھي کي امان سڏيندي ھئي. پنھنجي ماءُ کي به، سس کي به.

منوج پرچائيندي چيس؛ ”ڪا ڳالھ ناھي، بابا! وار آھن، وري وڌي ويندا.“

ھڪ دٻيل مرڪ سان بابو جيءَ چيس؛ ”ڳالھيون ڏاڍيون معمولي آھن. نه ٿيڻ سان، ڪا دنيا ھيڏانھن جي ھوڏانھن نه ٿي ٿئي. ليڪن زندھ رھڻ وارو رَسُ، بڻيل رھندو آ. بس. اسان ڪراڙا ٿي ويا آھيون، ھڪٻئي کان ڌاريا ته نه ٿي ويا آھيون....“

سڀان تي بابو جيءَ چيو؛ ”مان ٿورڙن ڏھاڙن لاءِ، پنڪيءَ وٽ رھي ٿو اچان... ٿوري طبيعت-مٽ ٿي ويندي.“

پنڪي، جبل پور ۾ پرڻيل ھئي. ٿورڙي بحث پڄاڻان، سڀئي مڃي به ويا. منوج ته مذاق به ڪيس؛ ”ٺيڪ آ. تيستائين امان جا وار ٿورا اڃا ڊگھا ٿي ويندا.“

امڙ سمجھايس......”ڌيءَ وٽ گھڻا ڏينھن نه ترسجانءِ... جلدي موٽجانءِ!“

ٻئي ڏينھن لالا جي، ٽرين ۾ روانو ٿي ويو.

ٻه ڏينھن، چار ڏينھن، ڇھ ڏينھن، ھفتو گذري ويو. ليڪن لالا جي جبل پور نه پھتو. مڙني کي ڳڻتي وٺي وئي. دوستن يارن ۽ مٽن مائٽن وٽ ڳولا شروع ٿي وئي. خدا نه ڪري ڪو حادثو نه ٿيو ھجي، واٽ تي. ڪجھ ٿئي به ھا ته لالا جي خبر ته ڪري ھا. ڪو مناسب سبب، سندس گم ٿي وڃڻ جو سمجھ ۾ نه آيو. ڏاڍو مايوس ٿيڻ پڄاڻان، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ۽ اخبارن ۾ تصوير ڇپائي وئي... مگر ڪو پتو کُرو نه مليو. پريشاني، ان حد تي وڃي پڳي ته ممڪن يا ناممڪن، ھر طرح جا خيالَ ذھن مان گذرڻ لڳا.

اڍائي مھينا گذري ويا ۽ ھڪ ڏينھن اوچتو ھڪڙو خط مليو. بدري ناٿ جي ڪنھن آشرم مان. لالا ھيم راج سخت بيمار آ. سندس حالت ڏاڍي نازڪ ھئي ۽ آشرم جي ڪنھن پنڊت، سندس ڊائريءَ تان پتو ھٿ ڪري خط لکي ڇڏيو ھيو.

سمورا ماڻھو ستت بدري ناٿ وڃي پھتا.... بس، ٿورڙي دير ٿي چڪي ھئي. ساڳيءَ صبح جو، ان جا پساھ پورا ٿيا ھيا.

ڏاڙھي وڌيل ھئس. وار وڌي، جٽائون ٿي ويا ھيس. تڏيءَ تي پيو ھيو، بلڪل سنياسي لڳي رھيو ھيو.

مايا ديويءَ چوڙيون ڀڃي ڦٽي ڪيون ۽ سندس ڪن جي ويجھو وڃي پڇيائين؛ ”ھاڻ ٻڌاءِ... وار ڪٽرايان؟ ھاڻ ته ٺوڙھ ڪرائڻي پوندي. رنڙ آھيان نه!“

۽ ھن گھمري لالا جيءَ کان پڇي، ڪراڙيءَ مٿو ڪوڙائي ڇڏيو.

 

(ھمسري آنلائين مئگزين حيدرآباد جي سيپٽمبر ۲۰۲۲ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment