Wednesday, August 17, 2022

زيرو پوائنٽ - غفار سومرو

زيرو پوائنٽ

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو


 

منهنجي گوڏي تي مٿو رکي گهڻي دير سمهڻ کان پوءِ ننڊاکيون اکيون کولي پنهنجي گهاٽن ڪارن وارن ۾ ڦرندڙ منهنجو هٿ هٽائي هوء اٿي ويٺي ۽ پوء منهنجي ڀر مان اٿندي دريء سامهون رکيل ڪرسيء تي وڃي ويٺي. ڪي پل کليل دريء مان ٻاهر آسمان ۾ چوڏسان اڏامندڙ اڇن ڪارن بادلن کي ڏسندي رهي ۽ پوء ڪجھ سوچي ڄڻ پڪو فيصلو ڪندي چوڻ لڳي؛ ”مان تو سان شادي نه ٿي ڪري سگهان!“


”ڇو!!؟؟“ اوچتو سندس واتان، انڪار جي ڇپ پاڻ مٿان ڪرندي، وڍجي ڪٽجي بيحد اتاولو ٿي، پڇيم.

هوءَ ٻنهي هٿن جون پاڻ ۾ جڪڙيل آڱريون کوليندي، وڏي ڪٺورتا سان منهن ٻئي پاسي ڦيريندي چوڻ لڳي؛ ”ان ڪري جو ٻڌو اٿم ته اوهان جي خاندان ۾ مردن کي جواني ۾ ئي شگر جي بيماري ٿي پوندي آھي!“

تڏھن مون ڀانيو ڄڻ هڪدم منهنجي شگر ليول زيرو پوائنٽ تي وڃي بيٺي آھي!!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment