Monday, August 15, 2022

اعزازي ڪاپي - ڪليم ٻُٽ

اعزازي ڪاپي

ننڍڙي ڪهاڻي

ڪليم ٻُٽ



اف ايڏيون اعزازي ڪاپيون. . . !

گهر ۾ پير رکڻ جي جاء نه آھي!

۽ هي ماڻهو وري روز هڪ اعزازي ڪاپي موڪليو ڇڏين.

هي ماڻهو ڪيترا نه واندا آھن جو روز ڪتاب ڇپرايو ويهو رهن!


اسان ته پنهنجي جواني ۾ ئي ڪو ڪتاب ڪو نه پڙھيو ۽ هاڻي وري هن عمر ۾ ڪتاب پڙھبو. . . . سو به اعزازي ڪاپي. . . .

پر اهو ريگل چوڪ وارو نسواري ڪيڏو نه لاهه آھي، هيڏن ٿلهن ڪتابن جا به رڳو ٽيهه رپيا ئي ڏيندو آھي.

خير! What goes from our house يعني پنهنجي گهران ڇا ٿو وڃي. . . . !

هي آچر ڪڏهن ايندو، جو اهي سڀئي اعزازي ڪاپيون، ريگل چوڪ تي ٽيهه ٽيهه رپين ۾ وڪرو ڪري اچبيون.

اف هي آچر ڪڏهن ايندو جو هي سڀ اعزازي ڪاپيون ڪڍي سگهان ۽ ان باڪس ۾ ٻين ليکڪن کان سندن ڪتابن جي اعزازي ڪاپين جي گهر ڪري سگهان.

سؤ سوا کن ڪتاب ته هوندا مفت ۾، اڍائي ٽي هزار ٺهي پوندا.

هونئن مون کي وري ڪهڙا پڙھڻا آھن. بس چانهه پاڻي جو خرچ ته نڪرڻ گهرجي نه. . . . !

ڪنهن پڇيو ته فتوا ڏئي ڇڏبي ۽ پنهنجي سينئر هجڻ جو فائدو کڻي وٺبو. . . .

اف هي آچر ڪڏهن ايندو. . . . ! ۽ ڪڏهن هنن اعزازي ڪاپين مان جان ڇٽندي. . . !!

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment