Sunday, August 7, 2022

ڪهاڻيڪارن لاءِ خاص راءِ - نواب مھدي لغاري

ڪهاڻيڪارن لاءِ خاص راءِ

دوستن جي فرمائش تي

نواب مھدي لغاري



اڄ فقط ڪهاڻيڪارن ۽ ڊراما رائيٽرن لاء ڪجھ تجويزون لکڻ چاهيندس. جيڪي مهربان دوست چاهين پاڻ وٽ لکي رکن. ان قابل ته ناهيان پر هن وقت سڀني کان پراڻو آھيان. ان ڪري ٿورو گهڻو جيڪي ڪجھ سوچان سمجھان ٿو سو خدمت ۾ عرض رکان ٿو. انتظار ڪندا. ٿوري مهلت ڏيندا ته نيرن ڪري وٺان ۽ دوائون کائي وٺان. الله پاڪ خوش رکندئو. آمين.

هڪ افساني جو ڪينواس؛ تمام وسيع هوندو آ. ڪنهن منظر، ڪنهن عام يا عجيب وغريب يا پر اسرار واقعي متعلق. ڪنهن تجربي، ڪنھن ملاقات، ڪنهن ڳالھ ٻولھ يا گفتگو، ڪنهن خيالي صورت گري Fantasy مطلب ڪهڙي شيءِ ناهي جنهن کي لکي ڪو نه ٿو سگهجي؟؟. هن جي ڪينواس ۾ حقيقت پسندي، رومانيت، جنگ وجدل، حب الوطني، علامت پسندي، وجوديت تي مبني ڪهاڻيون. .......


هيءُ ڪهاڻين جا قسم آھن:

..... Horror stories دهشت خيز ڪهاڻيون.

....Supper natural stories ما فوق الفطري ڪهاڻيون.

....Ghost stories گهوسٽ ڪهاڻيون جسم مان نڪتل ارواحن جي متعلق.

...Gothic stories گاٿي انداز جون خوفناڪ ڪهاڻيون.

....Detective stories جاسوسي ڪهاڻيون.

.....Strange mysteries انوکيون ۽ پر اسرار ڪهاڻيون.

.....Myths اساطير جون ڪهاڻيون.

......Legends ليجنڊز اساطير جي قسم جي روايتن تي مبني ڪهاڻيون.

....Tall Tales or tall stories مبالغہ آميزي تي مبني ڪهاڻيون.

.......Shaggy dog stories طويل ۽ بي سر و پا داستانون.

.....Parables سبق آموز حڪايتون. تمثيلي ڪهاڻيون.

.....Fables خيالي يا تهمتن ۽ الزامن تي مبني ڪهاڻيون حيواني ڪردارن کان ڪم وٺڻ واريون سبق آموز حڪايتون.

. ..... Anecdotes مختصر روايتن ۽ دلچسپ قصن تي مبني ڪهاڻيون.

...... yarns طويل داستانون ۽ بي ڍنگا قصا.

......Folklores عوامي داستانون/ لوڪ داستان، جيڪي افساني جي نسلي طور تي ابن ڏاڏن مان هجن.

منشي پريم چند افسانہ نگاري جي شروعات، ويهين صديءَ جي آغاز ۾ ڪئي. هن جو سڀ کان پهريون افسانو ”انمول رتن“ هو، جيڪو سن ۱۹۰۱ع ۾ شايع ٿيو. هي دؤر هر طرح کان انقلابي دؤر هئو. اردو ادب ۾ افسانہ نگاري انگريزي ادب مان آئي. انگريزي تهذيب جا اسان جي افساني تي ايترا ئي اثرات آھن، جيترا اسان جي پوري تهذيب جا اثر موجود آھن.

قصا ۽ ڪهاڻيون هڪ لمحاتي تاثر آھن، جيڪي ڪنهن هڪ جذبي يا تجربي کي پيش ڪن ٿيون. انسان جا ڪردار، حقيقي هوندا آھن. حقيقي مان مراد؛ انهن ۾ اهي خاصيتون حاصل هجن، جيڪي انساني ڪردارن ۾ موجود هجن، يا هونديون آھن....

تمام گهڻا ۽ ڊگها گھرا موضوع آھن ڪيترو به لکجي ڌيان ڇڪائجي. پر ايترو حوصلو ۽ سگھ ڪنهن ۾ ناهي جو دڳ وٺي. ان ڪري خاموشي بهتر ٿو سمجهان. ..

فسانہ عشق، ...مثنوي افسانہ عشق، مثنوي بحر الفت.

اسان جا افسانہ نگار غلام رباني آگرو، امر جليل، جمال ابڙو، علي احمد بروهي، محمد عثمان ڏيپلائي، نسيم کرل، نورالهديٰ شاه، آغا سليم، شيخ اياز، علي بابا، غلام نبي مغل، رسول بخش پليجو، زرينه بلوچ، سراج ميمڻ، شبنم گل، وهاب سهتو، نجم عباسي، الطاف شيخ، ماهتاب محبوب، طارق عالم ابڙو، مدد علي سنڌي، فيروز احمد، موهن ڪلپنا، گوبند مالهي، نصير اعجاز، پوپٽي هيراننداڻي، حميد سنڌي، امر لعل هڱوراڻي، جڳت آڏواڻي، ايشور چندر، طارق اشرف، عبدالقادر جوڻيجو، ولي رام ولڀ، نصير مرزا، قاضي خادم، ظفر حسن، دوست محمد ڀٽي، فضل احمد بچاڻي.

....ڊرامي جون ٽي وحدتون آھن.

وحدت زمان.

وحدت مڪان.

وحدت عمل.

....ڊرامي جو اول، وچ ۽ آخر، سٺا ۽ خراب پهلو لکجن؛ الميه، عشقيه، مزاحيه، نفسياتي ۽ فلسفيانہ عنصر لکجن.

...ڊرامو اصل يوناني لفظ (ڊرائو) آھي. جنهن جي معنيٰ آھي؛ ڪري ڏيکارڻ. ڊرامو، انساني زندگي جي عملي تصوير آھي. ان ۾ زندگيءَ جي اعمال، جذبات ۽ احساسات جو اظھار ٿئي ٿو. ڊرامي جا اهم عنصر؛ ترڪيب، پلاٽ، ڪردار، مڪالمہ، ڪشمڪش، نقطہ عروج ۽ انجام هوندا آھن. ...اگر انهن مان هڪ بہ ڪمزور يا غائب هوندو تہ ڊرامو مڪمل شڪل اختيار نہ ٿو ڪري سگهي. ...طنز ۽ ظرافت بنا ڊرامو، پسند نہ ڪيو ويندو آھي. ..

ڪو به ڪهاڻيڪار، ڪنهن به ڪهاڻي لکڻ يا افساني لکڻ لاءِ قلم کڻي ٿو ته ان جي ذھن ۾ ڪو واقعو يا ڳالھ يا ڪو حادثو يا ڪو مسئلو ذھن ۾ رکي، ان کي لکي ٿو ۽ ڪردارن جي ذريعي ان کي قوت بخشي ٿو. ۽ پنهنجن ڪردارن کي زبان ڏئي ٿو، لهجو ڏئي ٿو. ڪهاڻيڪار، ڪهاڻي لکندي سڀ ڪردار پاڻ تخليق ڪري ٿو. اهو سندس فن ۽ ڪيفيت جو ڪمال آھي جو لکڻ وقت هر ڪردار کي زبان ڏيڻ وقت هو حاضر دماغي ۽ ڪماليت سان احساسات جي ذريعي، سڀني ڪردارن سان انصاف ڪندي، ڪهاڻي ۽ ڊرامي کي اڳتي وڌائي ان کي پڄاڻي تي پهچائي ٿو. ..فنڪار جو ڪمال وري اهو آھي ته ڪهاڻي ۽ ڊرامي لکندڙ ڪهاڻيڪار/ ڊرامہ نگار جي ڪردار کي سمجهي. جيئن ليکڪ لکيو آھي يا هو چاهي ٿو ان کي اهو فنڪار ساڳي طرح نڀائي. ۽ اهو ڪردار سمجهائڻ وري ڊئريڪٽر جو ڪم آھي.

 

(نواب مھدي لغاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment