Monday, August 15, 2022

سنڌي ناول جو ارتقائي سفر - محبوب سنڌي

سنڌي ناول جو ارتقائي سفر

محبوب سنڌي



سنڌي ٻوليءَ جي عالمن اهو صاف چٽو چيو آهي ته (ناول) اسان وٽ ترجمي جي روپ ۾ ئي جنم ورتو آهي، جنهن جي هئيت کان متاثر ٿي هتان جي ليکڪن اصلوڪا ناول لکڻ شروع ڪيا. جي ڏٺو وڃي اسان وٽ تخليقي ناولن کان وڌيڪ ترجمو ٿيندڙ ناولن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ رهيو آهي. ان مان اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ڊگهي پکڙيل ڦهليل وڏي قصي جي تسلسل کي بحال رکڻ ۾ اسان کي ڏکيائي لڳي آهي. انهيءَ سبب جي ڪري اسان وٽ آڱرين جي ڳڻپ جيترا چڱا ناول تخليق ٿي سگهيا آهن. باقي ناولن جا مجموعا ناول نالي کي جيئارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن.


اهڙي طرح ڊاڪٽر چندو لعل جئسنگهاڻي! جيڪو خود پنهنجي دور جو هڪ مڃيل ناول نگار آهي ۽ هڪ ماهر وڪيل هوندي به سنڌي ناول جي ڄمڻ ڦٽڻ تي PHD ڪرڻ جو هن وٽ مقصد اضافي ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي، پنهنجي ٿيسز ۾ هن سنڌي ناول جا پنج دور ڏيکاريا آهن. ٽي دور ورهاڱي کان اڳ جا ٻه پوءِ پر اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اهي پنجئي دور ناول جا ارتقائي دور آهن. مان هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل ناول جي پهرين دور تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. هيءُ ڪتاب سنڌي ناول بابت زرخيز ڄاڻ ڏيندڙ بهترين اضافو آهي. هڪ ڳالھ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته ناول جي اوائلي دور ۾ اسان جي اديب وٽ (فن براءِ فن ۽ فن براءِ زندگي) جو مسئلو رهيو آهي، اهڙو پتو به هن ريت پوي ٿو ته (ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته ڪلا ڪلا آهي يعني هو فن براءِ فن جر عقيدي ۾ اعتبار رکن ٿا/ ڪن جو چوڻ آهي ته ساهت زندگيءَ جو عڪس آهي فن براءِ زندگي(ص:۲۶) ۽ خود ڪتاب جو ليکڪ فن براءِ زندگيءَ تي يقين رکندڙ آهي، سندس رايو هنن سٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. (ناول جو مقصد محض هڪ آهي فن براءِ زندگي (ص:۲۶) جي ڏسجي ته سنڌي ناول تي (فن براءِ فن) جو اثر سوايو رهيو آهي، جيڪو تفريح لاءِ ته ٺيڪ آھي پر لاڀائتو ناهي ۽ ڪالھ جيان اڄ به اسان جو ناول نويس ڪلا کي ڪلا ئي سمجهي ٿو، ڪجھ ناول نگار هن خيال جا آهن ته تخليقيت ۾ فني لوازمات سان گڏ فڪر، زندگي ۽ مقصديت جي مظهر کي سامهون رکجي، جنهن سان لکڻيءَ کي سگهارو بنائي سگهجي ٿو. عالمي ادبي تحريڪن ۽ لاڙن کي مختلف زاوين کان ڏسندي سنڌ جي ڌرتي کي ڏسجي ٿو ته اسان وٽ ورهاڱي کانپوءِ هيڪاندن مسئلن ڪر کنيو آهي جنهن سان قومي تشخص بحال رکڻ پڻ هڪ وڏو مسئلو ٿي اڀريو آهي ۽ ٻيا به کوڙ سارا مسئلا به آهن، انهن کي نظر ۾ رکندي سائين جي ايم سيد ”سنڌي ادب ڇو ۽ ڇا جي لاءِ“ جي عنوان سان ۱۹۵۶ع مضمون لکيو هو جنهن ۾ هي ٽي نقطه سنڌي ادب کي سرجڻ لاءِ اهم قرار ڏنا جنهن جو تت اگر ڪڍجي ته اهو وڃي بيهندو ته سنڌي قوميت، ڪلچر ۽ ٻوليءَ کي اهميت ڀريو رکجي ۽ مذهبي عقيدن کان هٽي ڪري سنڌي ادب جي تعمير ٿيڻ گهرجي. ” جي ايم سيد جا ادبي مضمون (ص:۸۴)“

(ناول جو جنم) يورپي سرزمين، ناول کي جنميو ۽ نپائي وڏو ڪيو آهي. اتان جو هيءُ خلقيل قصو سڄي دنيا ۾ پنهنجي جداگانه حيثيت جو حامل ٿي پيو آهي، ليکڪ پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته (يورپ ۾ پهريون ناول ۱۴۰۵ع ۾ شايع ٿيو هو DONQUIOTE ص :۲۵) ليکڪ هتي ناول جو نالو ته ٻڌائي ٿو پر ناول جو ليکڪ ڪير آهي، اهو نه ٻڌائي سگهيو آهي، جيڪو پڻ سندس تحقيق ۾ خامي محسوس ڪرائي ٿو. انگليڊ ۾ ناول نويسيءَ جي دور بابت ٻڌائي ٿو ته (انگليڊ ۾ ناول نويسي ۱۷۴۰ع ۾ زور پڪڙيو) ۽ سنڌي ناول جي شروعات هن ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿي (پهريون ناول جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو سو آهي ”راسيلاس“ جنهنجو اصلوڪو لکندڙ ڊاڪٽر جانسن هو، هن ناول جو ترجمو ۱۸۷۱ع ۾ ساڌو نولراءِ ۽ منشي اُڌارام ٿانور داس گڏجي ڪيو (ص:۲۸/۲۷) تخليقن تي قبضي جو رجحان ان دور ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيندڙ ٻيون ناول (طلسم) ۾ نظر اچي ٿو، ليکڪ سر والٽر اسڪاٽ جي ناول جو اصل ترجمو ڪندڙ ليکڪ مولچند ڪوڏومل هو، ناول ۱۸۹۱ع سرسوتي مخرن ۾ قسطوار (هيرانند) جي نالي سان ڇپيو، جنهن جي وفات کانپوءِ اڌ ۾ رهجي ويل ناول جو ۱۹۲۷ع ۾ ترجمو ڪري ليکڪ ڀيرومل مهرچند هيرانند جي نالي سان ئي ڇپرايو، ليکڪ هن ناول جي اصل حقيقت بابت اهو دليل ڏئي ٿو ته (بزرگ ليکڪ ديوان ديارام درستگي ڪئي ته طلسم جو پهريون حصو مولچند ڪوڏومل جو ترجمو ڪيل آهي. ص:۲۹)

سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين تخليقي ناول جو اعزاز، مرزا قليچ بيگ جي حصي ۾ ئي اچي ٿو. هن جو ناول (دلارام) ۱۸۸۸ شايع ٿيو، ٻيو ناول (زينت) ۱۸۹۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. مرزا صاحب ”دلارام“ کي پنهنجو اصولڪو ناول سڏيو آهي. پر پروفيسر اجواڻي، پروفيسر ملڪاڻي هن ناول کي اردو ناول تان ورتل ترجمو ڪوٺين ٿا. پر ڪهڙو اردو ناول ان بابت ڄاڻ نه ٿا ڏين ۽ مرزا صاحب جي ناول ”زينت“ کي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون تخليقي ناول مڃن ٿا، هن ڪتاب جو ليکڪ پنهنجي راءِ هن ريت ظاهر ڪري ٿو ته ”هيل تائين نه پروفيسر اجواڻي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي اديب اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته (دلارام) ناول ڪهڙي اردو ناول تان ورتل آهي. جيستائين خاطر خواه ثبوت ڪنهن پيش نه ڪيا آهن، تيستائين ليکڪ جو بيان صحيح سمجهڻ گهرجي (ص:۳۲)“ اسان پڻ ليکڪ جي اهڙي راءِ سان سهمت ٿي ڪري مرزا صاحب جي ناول (دلارام) کي اصلوڪو ناول سمجهڻ گهرجي.

اسان جي ناول دانن ٻين ٻولين مان کوڙ سارن ناولن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪيا جيڪي حقيقت نگاريءَ کان هٽيل عياري، ڏند ڪٿائي، جادوئي، جنن ۽ ڀوتن جي چوطرف ڦرندا رهيا. اهڙن ناولن کي جيئارڻ ۾ جيڪي نالا اڳڀرا رهيا سي هن ريت آهن. ماستر پوڪرداس، ماستر هريسنگھ، منشي نهالچند، احمد خان جلباڻي، حاجي امام بخش، مکي سيرومل ساگراڻي، شامل آهن. مکي سيرومل لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي ناول ۾ فارسي ۽ عربي ٻوليءَ جي لفظن کي استعمال ۾ نه آندو، نج سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ کي اپنايو. سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليقي ناولن جو دور مرزا صاحب شروع ڪري چڪو هو. اهو سلسلو اڳتي وڌيو ته ليکڪ ديوان پريتمداس حڪمتراءِ جو ناول (عجيب ڀيٽ ۱۸۹۲ع) ڇپجي پڌرو ٿيو. پوءِ ليکڪ لعل چند هم جنس پرستي HOMO SEX تي ناول (چوٿ جو چنڊ) لکيو، جيڪو ۱۹۰۶/۱۹۰۶ع ۾ سرسوتي مخزن ۾ قسطوار ڇپيو ۽ لعل چند هن ناول کي مڪمل نه ڪري سگهيو. هي اڌورو ناول ۱۹۴۷ع ۾ ڇپيو ته پروفيسر اجواڻي چيو ته اڌوري ناول کي پورو ڪري ڇپايو ويو آهي، ليکڪ پروفيسر اجواڻي تي تنقيد هن ريت ڪندي نظر آيو آهي ته (چنڊ جو چوٿ) ناول اجواڻي صاحب نظر مان ڪو نه ڪڍيو آهي، نظر مان ڪڍيو هجيس ها ته ڇا هو صاحب ناول جو منڍ نه پڙهي ها جنهن ۾ لعلچند صاحب صاف لکيو آهي ته هو ٻيو ڀاڱو لکي ڪو نه سگهيو آهي، پروفيسر اجواڻي اهڙو تهڙو ساهتڪار ڪو نه هو، هڪ اعلي' ساهتڪار ٿي گذريو آهي، پوءِ هن اها غلطي ڪيئن ڪئي (ص ۵۱)

اهڙي طرح جي هاڻوڪي صورتحال جو جائزو وٺجي ته اسان کي اهڙا ليکڪ نقاد کوڙ ملندا جيڪي ڪنهن به تخليق کي بنا پڙهڻ جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ڇڏين ٿا.

ليکڪ ڀيرومل مهرچند سنڌي ناول جي آبياري لاءِ ٻه تخليقي ناول لکيا هن جو ناول (آنند سندريڪا) ۱۹۱۰ع ۽ ناول (موهني ٻائي) ۱۹۱۷ع ۾ ڇپيو. ليکڪ لکي ٿو ته (۱۹۱۵ع ۾ ڇپجندڙ ”نورجهان“ پهريون اصلوڪو ناول نڪتو ص:۵۶) هن ناول جو ليکڪ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي آهي. جنهن (شاھ رسالو) به ترتيب ڏنو ان ناول تي به اها راءِ نقادن ڏني ته هي اصلوڪو ناول ناهي، ناول جي ليکڪ ديباچي ۾ پاڻ به ڄاڻايو آهي ته سردار جوگيندر سنگھ وارو نور جهان نظر مان ڪڍيو آهي. (ص:۶۱).

هن ڪتاب ۾ ناول بابت مختلف پرڏيهي عالمن جا جتي رايا ملن ٿا، اتي پڻ اها به خبر پوي ٿي ته جڏهن اسان جو ناول نسري رهيو هو ته يورپ ۾ هيڪاندن ناول لکندڙن ناول لکڻ ڇڏي آتم ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون انهن جو چوڻ هو ته ”ناول جا ڪردار آخر ۾ خيالي ۽ ڪلپنڪ آهن ۽ آتم ڪهاڻيون پڙهون جن جا ڪردار سچا ۽ زنده آهن“ (ص۲۷) انهيءَ عمل کي هٿي وٺرائيندي ليکڪ، ايڇ اي بيٽس پنهنجي آتم ڪٿا (THE BLOSSOMING WORLD) لکي، هڪٻئي ليکڪ نئول اسٽريٽ فيلڊ (BEYOND THE VICARAGE) لکي ورتي، جڏهن هن ڪتاب جو (سنڌي ناول جو ٽيون دور) ۾ خبر پوي ٿي جڳ مشهور ناول نگار ليئو ٽالسٽاءِ جو پهريون ڪتاب (CHILD HOOD) به آتم ڪهاڻي تي ٻڌل هو (ص:۷۲) بهرحال ڊاڪٽر چندو لعل جئسنگهاڻي نهايت ئي باريڪ بينيءَ سان سنڌي ناول جي ارتقا تي نظر وڌي آهي، جنهن سان ناول تي تحقيق ڪندڙ محققن کي گهڻ پاسائين ڄاڻ ملي پوندي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۴ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment