Wednesday, August 17, 2022

ڇانورا پناهون ۽ اُڃ - غفار سومرو

ڇانورا پناهون ۽ اُڃ

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



هوءَ خوبصورت هئي! گڏ کلمک، زنده دل ۽ ٿورڙي چنچل پُڻ! پنهنجي ديس، ويس، ڌرتيءَ، ثقافت ۽ ٻولي سان کيس بي انتها پيار هو.

هوءَ ست رنگي ٽھڪ ڏيڻ جي ماهر ته هئي پر ديس جي مٽي ۽ مسڪين ماروئڙن جي معاملي ۾ بيحد حساس هوندي هئي. سندس نيڻن جا ڇپر تڏھن ڇلڪي پوندا هئا جڏھن ماروئڙن جهانگيئڙن کي ڪکائين جهوپڙين ۾ اڃ بک ۽ بيمارين ۾ ورتل ڏسندي هئي.


هڪڙي ئي پاڙي ۾ رهندي ڪندي ننڍپڻ کان جواني جا سنگ پورا پچڻ تائين اسان جي گهر اچڻ وڃڻ سبب سندس هڙيئي حجاب ختم ٿي ويل هئا. هوء جڏھن به پنهنجي گهر مان بور ٿيندي هئي سڌو اسان جي گهر اچي پير ڇنڊيندي هئي. گاهي به گاهي مان به سندس گهر ويندو رهندو هوس.

پرائمري تعليم گڏ پرائڻ کان پوء وري ٻيهر اچي هڪ ئي ڪاليج ۾ گڏياسين. مون کي اک ٽيٽ ڪري پئي سدائين ڏسندي هئي. ڪڏھن ڪڏھن هلڪو مرڪي نهاريندي هئي. پڙھائي ۾ به هوشيار هئي، ڪاليج اندر قومي ڪاڄ ۽ سوشل ڪمن ۾ به خوب حصو وٺندي هئي.

ٻن ڀائرن جي اڪيلي وڏي ڀيڻ هجڻ ڪري سڀن جي لاڏلي به هئي. گهر وارا سندس سڀ انگل آرا پورا ڪندا هئا. هوء به کين مايوس ڪونه ڪندي هئي.

ڪڏھن ڪڏھن اسان جي گهر هلي ايندي هئي ته پوء واپس وڃڻ لاء کيس ياد ڏيارڻو پوندو هو. امان سان ويٺي سبزيون ڪٽيندي هئي, خبرون حال احوال ڊوڙائيندي هئي. ڪتابن جون ڳالهيون ڪندي هئي. منهنجون چغليون هڻندي هئي. سندس ماءُ کيس سڏڻ ايندي هئي ته چوندي هئي، بس امي هڪڙو منٽ!” سندس اهو هڪڙو منٽ هڪ ڪلاڪ جو هوندو هو. سندس ماءُ کلندي امان کي چوندي هئي؛ ”ادي! ائين لڳي ٿو منهنجي ڇوڪريء اڌ اسان جي آھي اڌ اوهان جي!”

هوء سوچڻ سمجهڻ تي وقت وڃائڻ بدران هڪدم ورندي ڏيندي هئي؛ ”امي هاڻ مون کي اڌو اڌ نه ڪريو پليز! مان سڄي ساري اوهان جي آھيان ۽ سڄي ساري ماسي وارن جي به آھيان!”

امان کلي کيس ڳراٽڙي پائيندي هئي ۽ سندس ماءُ پيار وچان مٿي تي هٿڙو گهمائي کيس گهر وٺي ويندي هئي!

هيل گرمين جون موڪلون ڇا ٿيون هاڻ هوء روز تڪڙو تڪڙو اچڻ لڳي هئي. ڏينهن جو ڳچ حصو منهنجي ننڍڙين ڀيڻن سان رانديون ڪرڻ, امان جو هٿ ونڊائڻ يا وري منهنجو مٿو کپائيندي رهندي هئي.

مان گهر نه هجان ته منهنجي ڪمري ۾ اچي ديرو ڄمائي ويهي. ميگزين رسالا ڪتاب پڙھندي ڏاڍي ڀڙ ٿيندي پئي وئي.

اڄ ويٺي ويٺي هيڪر چيائين؛ ”مون کي سنڌوء تي وٺي هل”

جون جي لڪ, قهر جي گرمي, شهر کان درياھ تائين ڀڳل ٽٽل تباھ حال روڊ جو ڏکيو پنڌ سوچي مون نٽائيندي چيو؛ ”پاڳل ته نه آھين! نٽھڻ اُس ۾ مون کي مارائڻو اٿئي ڇا!?”

ٻانهن ۾ هٿ وجهي کٽ تان اٿاريندي چيائين؛ ”ڪٿي آ نٽھڻ اُس؟ مان جو آهيان ساڻ تنهنجي! منهنجي هوندي اُس ڇا ڪندئي؟ اُٿ جلدي بائيڪ ڪڍ. مان ٻاهر ويٽ ٿي ڪريان”

چيم؛ ”چري! هيٽ اسٽروڪ وارو ماحول آهي. سخت گرمي ۽ موسم صفا بي مزا آهي.“

وڌيل وک روڪي موٽي آئي ۽ مٿان اچي بيٺي. پنهنجو وڏيون گهريون ڪاريون ڪجليون اکيون کولي شور وچان ڏسندي چيائين؛ ”هلين ٿو يا نه؟ صاف ٻڌاء!”

مون کان گرميء سبب گهر جو ٿڌو ڪمرو ڇڏي ٻاهر نڪتو ڪو نه ٿي ٿيو هونئين نه ته مان سندس هلڪي کان هلڪي خواھش به موٽائيندو ڪونه هيس. ويتر اڄ گرمي پنجيتاليھ ڊگري تي بيٺي هئي. ان کان سواء تيز گرم هوا پئي هلي. مون کيس ٻانهن کان پڪڙي ڀر ۾ ويهارڻ جي ڪئي پر هن ٻانهن ورائي پٺيان کڻي ڪئي ۽ منهن سڄايو بيٺي رهي.

چيم “ هن مهل پنهنجو ٻاهر نڪرڻ ٺيڪ ڪونهي. گهر وارا ڇا سمجهندا ته ڏينهن تتي جو ڪاڏي پيا رلڻ وڃن!”

هلڪو جلترنگي ٽھڪ ڏيئي چوڻ لڳي ”تنهنجي گهر وارا ته سڀ پنهنجن ڪمرن ۾ ننڊ ستل آھن پوء هو توکي رلندي ڪٿي ڏسندا!”

چيم “ مان تنهنجي گهر وارن جي ڳالھ پيو ڪريان.!”

“منهنجي گهر وارن جو فڪر تون نه ڪر! ٻڌءِ! مان امي جن کي چئي آئي آھيان ته ماسيء ڏانهن ٿڌي هوا جهٽڻ ٿي وڃان شام جو ورنديس!” ھوءَ اطمينان سان چوڻ لڳي

“پوءِ ٿڌي هوا جو مزو وٺ! وڃ وڃي امي سان اي سي واري ڪمري ۾ ويھ” مون سيراندي کان ويهاڻو ٺيڪ ڪندي آهلندي چيو

هوء ٿوري دير مون کي ڏسندي رهي پوء بيڊ جي پيراندي کان ويهندي گهڙي پل جي خاموشيء کان پوء مون ڏانهن گهور ڪندي چوڻ لڳي “بس اهو ٿئي نه مون سان پيار! هڪڙو چوڻ به منهنجو نه ٿو وٺين”

مون مرڪندي چيو ”اهو هڪڙو چوڻ نه ٿو وٺان نه. باقي ته هميشه تنهنجو چوڻ ڪيو آھي”

“ڌوڙ چوڻ ڪيو اٿئي! بس اڄ کان پوء تون به مون کان ڪا فرمائش نه ڪجانء!” هوء منهن ڦيري ويهي رهي.

ڳچ دير مان به لنوائيندو رهيس منهن تي هٿ رکي ستو رهيس ته من ضد تان لهي وڃي ۽ هن وقت گهر هلي وڃي يا وري امي جي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪري پر ڪونه. هوء روئڻهارڪو منهن ڪيو اداس غمگين ويٺي رهي. رکي رکي مونڏانهن منهن ڪري مون کي ڏسي ٿي ورتائين. هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي چهري تان هٿ پري ڪندي چيائين؛ ”ڏس! مون کي هڪ ڀيرو سنڌو تي وٺي هل. مان پنهنجي سنڌوء کي گجگوڙ ڪري وهندو ڏسڻ ٿي گهران!”

مون سندس نيڻن ۾ نهاريو هتي ڪيتريون ئي آزين نيزارين جا ڳوڙھا تري رهيا هئا. مون کان سندس آليون اکيون ڏٺيون ڪونه ٿي ٿيون. پيار جا پيچ جو اهڙا پختا ڪشيل هئا. نيٺ هار مڃيندي اٿي بيٺس ۽ ٽيبل تان چشمو کڻي, منهن مٿي تي رومال ويڙھي موٽر بائيڪ ڪڍي ٻاهر گهٽيء ۾ اچي اسٽارٽ ڪئي ته جيئن گهر ڀاتين جي ننڊ خراب نه ٿئي. هوء به گهر جو دروازو ورائي پٺيان لڳي آئي ۽ هڪ جهٽ ۾ ڪلهي تي هٿ رکي پٺيان ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي ويٺي.

تيز ساڙيندڙ لڪ ۾ سڙندو کڏن کوٻن واري روڊ تان پاڻ بچائيندو آهستي ڏاڍيان هلندو اچي درياھ مٿان اڏيل پل تي بريڪ ڏنم. هوء ٽپ ڏيئي لهي پئي ۽ مک تي ويڙھيل رئو کولي اُس لڪ ۾ ڳاڙھو ٿي ويل چهرو اگهندي چوڻ لڳي” ڏس ! ڪاٿي آهي گرمي هرڀرو پيو نٽائين”

وراڻيم” جهٽ ترس پاڻهي جڏھن پير سڙيئه ته ان ڀولي جيان جهول ۾ جهليل ٻچڙي متان چڙھي ويندين!”

وڏو ٽھڪ ڏيئي کلي پئي. “مان اُس کان بچڻ لاء تنهنجي جهول ۾ نه پر او هن سنڌو جي سير هيٺ هلي ويندس!” هو ڏور ڪناري پريان سنڌو جي پيٽ ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳي.

پوء هوء درياھ جو پاڻي ڏسڻ لاء پل جي ديوار طرف رواني ٿي وئي. مون به موٽر بائيڪ هڪ سائيڊ بيهاري اکين تان چشمو لاهي رومال جو ٻٽ کوليو ۽ آڱرين سان وار سيٽ ڪرڻ لڳس. سيمنٽ, لوھ جي ٺھيل پل باھ پئي اوڳاڇي. مٿانهين تي هجڻ سبب لڪ لڱ ساڙيندي پئي وئي.

تنهن مهل اوچتو سندس زودار رڙ ٻڌي ڊوڙي وٽس پهتس.

“ڇا ٿيو ڇا ٿيو,,,,,, !?” مون کيس پٺي پاسي ڪلهن ۾ هٿ وجهندي پڇيو

درياھ جي پيٽ ۾ نهاريندي هن منهن ڦيري مون کي ڏسڻ بنا درد ڀري دانهن ڪري چيو؛ ”اڙي! هتي ته رڳو واري پئي اڏامي هي, ھي صدين کان گجگوڙ ڪري وهندڙ سنڌوء جو پاڻي ڪيڏانهن ويو!؟”

مان سندس ڏڪندڙ ڪلهن مان ھٿ ڍرا ڪندي پٺتي هٽي بيٺس. کيس ڪوبه جواب ڏيئي ڪونه سگهيس. درياھ جي پيٽ مان اڏامي ايندڙ واريء کان بچائڻ لاء اکين تي چشمو پائي سنڌوء جا ٻئي ڪنارا نهارڻ لڳس. ڏور ڏور تائين سنڌوء جي پيٽ ۾ رڳو رڃ ئي رڃ رڳو اڃ ئي اڃ هئي.

سپت سنڌوء جي اهڙي اڃ ڏسي مون هڪ ٿڌو ساھ ڀريو. وک وڌاء هن جي ڀر ۾ وڃي بيٺس ۽ پل جي ديوار تي هٿ رکي هيٺ تري ۾ ڏسڻ لڳس. لفظن جي ميڙا چونڊي ڪري کيس ٻڌائڻ چاهيم ته “اسلام ۽ مسلماني جي نانءُ تي اسان جي درياھ کان پاڻي کسيو ويو آھي ۽ اسان جي ڌرتيء کي اُڃ بک بدحالي ۽ ويراني ڏانهن ڌڪيو ويو آھي.“ پر لفظ هئا جي سڪل ٺوٺ نڙيء مان زبان تي اچي ڪونه ٿي سگهيا. مون ڳيت ڏيئي نڙي آلي ڪري ڳالهائڻ لاء خشڪ چپ چوريا ئي مس ته ان پل مون ڏٺو ته هن جي ڪارين ڪجلين اکڙين مان وهندڙ لڙڪن جو بوندون اڃايل سنڌو جي سفيد واريء ۾ جذب ٿينديون ٿي ويون!!

 

(ماهوار هزار داستان حيدرآباد جي جولاء ۲۰۲۲ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment