Monday, August 15, 2022

خليق ٻگهيو جي ڪتاب ”جديد سنڌي ڪهاڻي - تجزياتي تنقيدي جائزو“ جي تفصيلي اپٽار

خليق ٻگهيو جي ڪتاب ”جديد سنڌي ڪهاڻي: تجزياتي تنقيدي جائزو“ جي تفصيلي اپٽار

رياض ابڙو



تنقيد هڪ پاسائين ضرور ٿيندي آ، يا ڪيل تعميري تنقيد تي تبصراتي، تجزياتي يا ڊفينسوِ ٿي منهن به ڏئي سگهجي ٿو جنهن ۾ انڪائونٽرنگ جو خدشو به هوندو آ، ان ڪري زبردست تنقيدن مان رائيٽر کي اهو به اڻڄاتل ڊڄ ۽ اونو هوندو آهي ته ڪٿي ان جي تخليق ۽ ادبي پورهيو ضايع نه ٿي وڃي ڪٿي ان جي سرجيل ڪهاڻي ڊسٽ بن ۾ نه هلي وڃي ۽ پڙهندڙ يا وري اها ڳالھ ٻڌندڙ يا سربستي ڳالھ ڪندڙ ڏاهو ڪٿي نَڪُ گھنجائي اهو ڪتاب يا ڪهاڻي يا تخليق ڪنهن پاسي تي اڇلائي نه ڇڏي ته پوءِ ليکاري جو پورهيو ئي پاڻي ۾، پر ڪجھ تعميري تنقيدون عالم آشڪار به ٿينديون آهن يا سيني سان لائي به سگهجن ٿيون جن تنقيدن ۾ ڪرٽيڪل ڊووشن، اُنس يا سچائي به ٿيندي آ، جن جي پڙهڻ سان لڳندو آهي ته تنقيدنگار ٽائيم ضايع ناهي ڪيو يا ان تنقيد ڪري وقت ناهي ٽپايو پر تنقيدنگار جس لهڻي جنهن محنت سان تخليقن تي لَهي گُڏيو آ، معني دل سان محنت ڪري شين جي اُڊيڙ ڪئي اٿائين يا وري ٽاڪا ٽُڪا هڻي سبڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين جنهن ۾ تخليقڪار به ان ڳالھ کي مَن ۽ عَن تسليم ٿو ڪري ته هن تنقيدنگار سندس جي تخليقن تي والينٽيئرلي تبصرا ڪيا آهن يا کڻي ڪجھ يا گھڻي ڀاڱي تخليقن جي سڀني زاوين ۽ ڊائنامڪس تي ڳالهايو به اٿائين ۽ تنقيدنگار جي اهڙي سيبتي صلاح سان سمهت ٿي سگهجي ٿو.


تخليق به توليدي شيءِ هوندي آ جنهن کي ليکاري جنمي ٿو ۽ پاٻوھ سان رکي ۽ سانڍي ٿو، پر ساڳي جاءِ تي ڪجھ ڪچيون تخليقون ڀڙُ تنقيدون به ناهن لهنديون يا ڪجھ تحريرن کي تنقيدن جي لوڙھ به ناهي هوندي، پر اسان وٽ ڳالھ ته حاجي صاحب ۽ قاضي صاحب کان به چڙهيل آ، ان ڪري ته اسان وٽ تعريف براءِ تعريف جو وڏو رجحان به آهي (دنيا ۾ کڻي هجي به) ان ڪري سچي تنقيد ڪير به نه ٿو ڪري يا تنقيد جي پختي ڪاريگري يا ڪرافٽنگ ڪنهن کي نه ٿي اچي يا جي اچي ٿي ته به اهي ڪن نه ٿا يا اسان وٽ فنگرٽپس تي ڳڻڻ جيترا تنقيدنگار مس هوندا جن وٽ اهو ڪرافٽ، ڏانءُ يا ڍنگ هوندو، جنهن کي ”ڪرٽيڪل اينالائيسز“ يا پختي ۽ تُز تنقيدنگاري ايندي به هجي، ۽ انهن جي ڪيل تنقيدن کي تخليقڪار به تعميري تنقيد مڃي ۽ سمجهي ۽ اهو به مڃي ته تنقيدنگار صحيح ٿو چئي يا تخليقڪار فورن ڊفينسوِ نه ٿئي، يا ائين به آهي ته تخليقڪار بچاءَ جي لاءِ ڪنفلڪٽنگ راءِ جوڙي وجهي يا ٽڪراءَ جي فضا ٺاهي وجهي يا مورڳو ئي نه مڃي، پر تنقيدي برين اسٽارمنگ جي ذريعي شين کي بهتر ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ خيالن جي ڏي وٺ ممڪن ٿئي ٿي، خليق ٻگهيو ان ڳالھ ۾ به گھڻو پختو آهي ته هو ڪهاڻين ۾ چيل ڳالھ يا پيغام رسائي کي پرکي ٿو وٺي، ۽ شين جي گهرائي ڳولهي ٿو وٺي جنهن مان اها شيءِ سمجهڻ جهڙي آ ته خليق ٻگهيي وٽ اهو ڏانءُ زبردست آ.

انهن سڀني تنقيدي تخليقن جي پيشمنظرن ۽ پسمنظرن کي آرسي ۾ ڏسجي يا ايمانداري سان فلٽر ڪجي ته سمجھ ۾ ايندو ته خليق ٻگهيي وٽ تنقيدنگاري جو فن اعلي پائي جو آ يا هو ايتري ته پختائي ۽ ڪرافٽنگ سان شين تي تنقيد ميڙي سهيڙي راءِ قائم ٿو ڪري، ايڏو زبردست تاڃي پيٽو ٿو اُڻي جو ڪڏهن ڪڏهن پڙهندي مون کي به حيرت وٺندي آ ته خليق ٻگهيي وٽ لفظن، جملن ۽ سٽن جو هڪ اڻ کٽ خزانو آ جنهن ۾ هو شين جي اڻ ڳڻين پاسن کي سوشل سائنٽسٽ ٿي پرکي ٿو، مثال هو ڪهاڻي جي تخليقي، تعميراتي، تشبيهاتي، علاماتي، ترڪيباتي، مڪالماتي، ڪرداراتي، ڪنڪريٽوِ يا ابسٽريڪٽ (تجريدي) ۽ ڪنسٽرڪٽوِ پاسن تي ايترو ته پختو ٿي ٿو ڳالهائي جو ليکاري پاڻ پريشان هوندو ته انهن جي تخليق تي ڄڻ خليق ٻگهي ڪا رسرچ ڪئي هجي يا لکڻ واري (خليق ٻگهيي) پنهنجي علم جي زور تي انهن شين کي ايترو ته پچايو، پرکيو يا ولوڙيو آ جو پڙهندڙ ان ڳالھ جي خوشنصيبي سمجهي ته هن جي تخليق کي خليق ٻگهيي پنهنجي ”تخليقي آويءَ“ مان پچائي گذاريو آ، يا خليق ٻگهيي جي ڪاريگري اها به آهي ته هو ڪهاڻين جي تخليقي ۽ پيغام رسائي وارن پاسن تي حقيقي ۽ ايپليڪبلٽي واري ايسپيڪٽ به ڏسي ٿو هو ڪهاڻي جي تقريبن سڀني زاوين ۽ پاسن تي به نهايت عمدو ٿو ڳالهائي ۽ ان کانپوءِ جيڪو به ليکاري ان شيءِ کي پڙهي پرکي يا سوچي سمجهي يا غور فڪر ڪري وري جڏهن نئون ادب سرجي ته اها سرجيل ادب ڪا زبردست شيءِ نڪري يا اهڙي ڪا املھ تخليق جڙي جو هو سڀني اڳ ڪيل تخيلقن کي مات ڏئي وجهي.

خليق ٻگهيو کي انٽرنل ۽ ايڪسٽرنل ادبن جي سرجڻ يا اسرڻ يا انهن جي زاوين ۽ ٽرينڊس جي به خاشي ڄاڻ آهي، ڪتاب جي هڪ صفحي تي هڪ هنڌ پڙهيم جنهن ۾ خليق ٻگهيي جمن احمداڻيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعي ”ڦاھي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ“ تي زبردست ويچاريو آ ته ”جاپان ۾ ڪيئن هائيڪو ۽ نثر کي گڏي وري نوان تجربا ڪيا ويا“ خليق ٻگهيي اتي ايڏي زبردست واٽ جو ڏَسُ ڏنو آ، حقيقت ۾ تنقيدنگار (خليق ٻگهيو) شين جي پرک مهل عالمي ادبن جي سرجڻ جون ڳالهيون به من اندر سانڍي ٿو رکي ۽ وقتائتي نموني انهن ليکن کي هڪ ”مينٽور“ طور ڏسي به ٿو وٺي، حلانڪي ائين گھٽ ٿيندو جو ليکاري جي ادب جون ڀيٽائون ۽ ”ڪمپيريسن“ ۾ ڪا اهڙي ڳالھ ڪجي جنهن ۾ عالمي ادب کي به جهلڪائجي، ۽ اهو ڏانءُ خليق ٻگهيي وٽ تمام اعلي پائي جو آ، پر رائيٽر به ان ڳالھ جو ڌيان رکي ته شيون اهڙيون هجن يا ڪهاڻي جي هيئت، ڪنسٽرڪٽ، ڪرافٽ، ماپو، انداز، ميپنگ ۽ نمونا ڪيئن هجن يا ڪيئن ايڪسيپشنل ڪجن يا ڪهاڻي ڪيترين لفظن تي محيط هجي يا اها ۱۰۰۰ کان ۳۰۰۰ لفظن جي وچ ۾ هجي، پر مختصر ڪهاڻين جي ڳالھ ائين به ناهي ته انگريزي ادب جي پيشمنظر ۾ ائين چئون ته ڪهاڻي مختصر آ ته پوءِ مضمون به مختصر آ، يا ادبن جون صنفون به مختصر ڪجن انهن جا اختصار پيش ڪرڻ شروع ڪجن يا گھٽ لکجي يا دنيا جا جيڪي به ادب سرجن ٿا اهي به مختصر ۽ اختصارن تي محيط هجن، پر ڳالھ جتي پوري ڪجي يا جتي ڳالھ جو مقصد پورو هجي يا ڪجي اها تخليق پوءِ اتي ئي پوري ڪجي يا ڪلائيميڪس ڏجي، ان ۾ ڊيگھ يا طوالت نه ڪجي پر ان تخليق ۾ شين جو پورائو يا ان تخليق جون گهرجون پوريون ڪجن، پر مختصر ڳالھ اها به آهي ته رائيٽر اها ڳالھ ڪهاڻي ۾ بهترين ۽ ٽيڪنيڪل پورائو ڪري چئي وڃي يا سمجهائي سگهي يا مقصد جي ڳالھ ڪري وڃي يا ائين به آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي ڏک، سک، پيار، محبت، نفرت يا جنگ جنگان جي ڳالھ ڪري يا پنهنجا سُور پٽي ۽ ڳالھ به سمجھ ۾ نه اچي يا آخر ۾ اهو چئجي ته ”زليخان مرد هئي يا مائي“ ان ڪري ڪرافٽنگ يا ڏانءُ جنهن کي چئون ته رائيٽر کي لکڻ (ڳالھ ڪرڻ) جو ڏانءُ هجي جو پڙهندڙ ان مان آسيس وٺي يا محظوظ به ٿئي يا کيس مزو به اچي، نه ته اها ڳالھ (ادب) وقت جو زيان هوندو، ان ڪري خليق ٻگهيو ليکاريءَ جي انهن “اَن آبزَروڊ“ پاسن تي به خوب ٿو ڳالهائي جنهن ۾ ليکاري فني يا فڪري پاسا رهائي يا ڇڏي يا لاپرواهي ڪري لکي پورو ٿو ڪري ۽ ساهي ٿو پٽي يا وري اهو ادب ڇپرائي به ٿو ڇڏي.

هتي هن مضمون جي توسط سان هڪ ڳالھ به چئبي هلبي ته طوالت ۽ ڊيگھ پڙهندڙ کي ٿڪائي يا بيزار نه ٿي ڪري پر ڪوالٽي يا خوبي ان پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي يا مدعو ضرور ٿي ڪري، مثال ڪهاڻي، يا ڪنهن تخليق تي، يا ڪنهن شاعريءَ جي ٽڪري تي يا ادب جي ٻي ڪنهن صنف تي جنهن تي ليکاري ٽائيم يا ساعتون هڻي پورهيو ڪري شيون پڄائي ٿو پر اها جي ان ڳالھ وانگي هجن جو ماڻهو بي مزي ڳالھ وانگي جو ڪير ڪنهن جي نه ٻڌي ته پوءِ ڳالھ جو مزو ناهي يا سوشل سائنٽسٽ چوندا آهن ته “اسڪالر فار اسڪالرز“ معني شاعر شاعر جي شاعري ٻڌي يا ڪهاڻيڪار به ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي سمجهي، ان ڪري ته ٻيو ماڻهو يا ذريعو ناهي جيڪو انهن جي ادب کي سمجهي يا ٻڏي سگهي يا برداشت به ڪري يا ان تي غور ۽ فڪر به ڪري يا هنيانءَ سان هنڊائي يا ساڳي ريت ”اسڪرين ايڊڪشن“ جي ڳالھ به ڪيون ته هاڻي واري دور ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو جي ڪا فلم ٿو ڏسي يا ڪو وڊيو يا آڊيو گانو ٿو ٻڌي يا ڪو ٽي وي تي ڪمرشل يا ڪا ٻي وڊيو ڪلپ پنهنجي موبائيل تي ٿو ڏسي ته اها ڪيتري ٽائيم جي لاءِ برداشت ڪري سگهندو هوندو يا فورن رموٽ يا موبائيل اسڪرين تي ”ٽچ“ ڪري آڱر جي اشاري سان مٽائي ۽ هٽائي ڇڏيندو هوندو (اها ڳالھ هڪ رسرچ ۾ ثابت ٿيل آ) پر جيڪڏهن ڪا بهترين فلم آ، ڪا خبر ڀلي آ، ڪا ڪم جي ڳالھ هوندي ته اهو ڏسندڙ وري وري اها ڪلپ، اهو وڊيو، اها خبر يا اها فلم ڏسندو يا ورجائي ورجائي ان ڪلپ، وڊيو، آڊيو يا فلم کي ڏسندو يا ان جا مڪالما به دل سان هنڊائيندو، ان ڪري طوالت جي ڳالھ ناهي يا نه ٿي ماري، ڳالھ ڊيگھ جي به ناهي، ڳالھ ڪوالٽي جي آ ۽ شين جون گهرجون جيستائين پوريون نه ٿيون ٿين تيستائين ان رائيٽر جو “پريراگيٽو“ آ ته اهو لکي ۽ پڙهندڙ تائين هڪ تاحيات نياپو پڄائي، جيڪو ديرپا هجي ۽ ان جي ڳالھ ياد رهجي وڃي.

پر اها ڳالھ به مڃڻ جهڙي آ ته جهڙيون تنقيدون خليق ٻگهيو پنهنجي ادبي پورهيي ۾ جَهلڪائي ٿو اهي تنقيدن انمول ادبي ڪلاس جو درجو لهڻن، توڻي جو ڪجھ تحريرن مان ڳوڙهي اڀياس جي جهلڪ قطعن ناهي ملندي يا سڪي جي ٻئي پاسي ڏسون ته خليق ٻگهيي جون تنقيدون سطحي ناهن هونديون يا ائين هجي ته تنقيدنگار به ڪم ٽپائيندو هجي پر ڀرپور لکي ساهي ٿو پٽي ته جيئن ليکاري وٽ ۽ هڪ پڙهندڙ وٽ اهو زبردست پيغام به پڄي، نه ته پوءِ تنقيد به ڪنهن ڪم جي ناهي، پر هي شخص (خليق ٻگهيو) هڪ زبردست ڪريئيٽر آ، خليق ٻگهيو مائيڪرو فڪشن تي به ڳالهائي ٿو، خليق ٻگهيو ڪنزيومر سوسائٽي تي به ڳالهائي ٿو، خليق ٻگهيو هڪ زبردست سوشل سائنٽسٽ به آهي جنهن ۾ خليق ٻگهيي کي اها به ڀلي ڀت ڄاڻ به آهي ته سوشل سائنس جون ٿيوريز ڇا ٿيون چون، انهن ٿيوريز جي ايپليڪبلٽي ڇا آهي يا ڪٿي لاڳو ڪري سگهجن ٿيون، يا ڪتاب ۾ خليق ٻگهيي جي سِٽ سِٽ دل سان ڪيل ادبي پورهيي جون فليشز يا شاهدي ڏين ٿيون جنهن مان پڙهندڙ به محظوظ ٿو ٿئي پر هن شخص (خليق ٻگهيو) پنهنجي اهڙي ڳوڙهي مطالعي ۽ تنقيدي تحقيقن مان ليکاري به لاڀ وٺي، مڃون ٿا ته ڪي ڪي تنقيدون هضم ڪرڻ جهڙيون ناهن هونديون يا تنقيدنگار ۽ تخليقڪار جي ادبي قدڪاٺ ۾ به فرق هجي ٿو، پر تنقيدون پوءِ به ڪجن، ان ڪري ته بهترين ادب ۽ تيقيدون پڙهي بهترين ادب تخليق ڪري سگهجي ٿو.

يا تنقيدون ڪڏهن تخليقن کان به مٿانهيون هجن ٿيون يا ساڳي ڳالھ خليق ٻگهيي جي پختي ۽ پڪي تنقيد ۾ ڏٺي وئي آ ته ايتري اونهائي، سچائي، پختائي ۽ زبردست اڻت تتنقيدون ٿو ڪري ۽ ايتريون منظم تنقيدون هجن ٿيون جنهن جو مثال عالمي ادبن مان به شايد ملي سگهي يا جنهن ٽيڪنڪ کي اردو ۾ ”تانابان“ چئون سا خليق ٻگهيو جي تنقيدن ۾ ڀرپور آ ته هو تخليقن تي ڀرپور (تنقيد) ڪري ٿو ڄاڻي، ڇو ته خليق ٻگهيي جو لفظ لفظ زبردست ڪاريگري آ، جو پڙهندي پڙهندي لڳندو آ ته رڳو اها تنقيد پڙهجي ۽ تخليق کي ڇڏي ڏجي (معذرت سان) ان ڪري تخليق جا الهام، ڪالب، تخليق جي اڏام، سُر ۽ آلاپ کڻي ڪهڙا به سازنده کڻي وڄائن يا تخليق ڪيڏي به ڀڙڪيلي ڇو نه هجي پر تنقيد ڪرڻ وارو پنهنجي فن جو وارو وڄائي ٿو وڃي، ان ڪري تنقيد جي فن ۾ پختگي هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ به ناهي يا هر ڪنهن جي چانھ جو ڪَپُ به ناهي ته هو زبردست تنقيد به ڪري سگهي، حقيقت ۾ مون کي خليق ٻگهيو جي تنقيد پڙهندي هڪ ڳالھ جو ڪِرڻو اڀرندي محسوس ٿيندو آ ته اڄ جي تخليق جي ائين ئي تنقيدن جي آڱر وٺي هلائبي ته هڪ ڏينهن پختي ٿي ويندي (ڪهاڻين جي جدت ۽ پختگيءَ کان انڪار ناهي) ان ڪري جو خليق ٻگهيي جي تنقيد جي جُڙت ۽ اُڻت هر سٽ ۾ ڀرپور فن کڻي ٿي لهي يا ٻوليءَ ۽ ڊسڪورس سان ڀرپور ۽ ٽٻٽار هوندي آ، يا ائين به ناهي ته تنقيد هروڀور ٿي ڪجي، پر گھڻي ڀاڱي فن ۽ فڪر جي پاسن اوسن تي ڳالهايل تحريرون به جس لهڻن جيئن خليق ٻگهيو ڪري ٿو.

يا خليق ٻگهيو تنقيدن ڪرڻ مهل ان ڳالھ ۾ به وڏو پختو آ ته ڪهاڻي جي گھاڙيٽن، نمونن، اصلوبن اسٽائيلن تي ڪيئن ڳالهائجي ته ڪهاڻي جي منظرڪشين تي ٽيڪاٽيپڻي ڪيئن ڪجي، پيشڪيش ڀلا ڪيئن هجي، پيشمنظر ۽ پسمنظر ڪاڏهون آڻجن، ڊائيلاگ ۽ مڪالما ڪيئن لکجن، ڀلا پلاٽنگ جي چونڊ ڪيئن ڪجي، ڪردارڪشي ڇا ٿي گهري، اظهاريل جملا ڪيئن ترتيب وٺن، ترڪيبون، تشبهون، شبيھ ۽ مشبھ ڀرپور ڪيئن لکجن، ڪردار ۽ ڪهاڻي جي شروعات کي ڪيئن اٿارجي، ڪهاڻي جو چوٽ ڪيئن ڪجي يا اسٽوري چوٽي تي ڪيئن پڄائجي جتان وري ڪهاڻي جو هيٺ لهڻ (ڪلائيميڪس) زبردست هجي، زمان ۽ مڪان جي چونڊ ۽ امتزاج گاڏڙساڏڙڪيئن ممڪن ڪجي ته جيئن ڪهاڻي جو وهڪرو هڪ ڪَرو ۽ هڪ مَنو ٿي هلي پئي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ تائين ڀرپور پڄي يا جڏهن اهي پڙهي پورو ڪن يا اڌ ۾ به ڇڏن ته اها ڪهاڻي کين ياد هجي ته ڪٿان ڇڏي هئي ۽ هاڻي ڇا ٿيڻو آ، ڪهاڻي جي نتيجي جي ڊوڙ ڪاڏي ويندي، يا ڪهاڻي جي موضوعن جي گھڻ يا رش ۾ ڪهاڻي جو مضمون ۽ مڪالمو ڀرپور ڪيئن ڪجي، يا ديسي ڪهاڻين جي ڀيٽ وديسي ڪهاڻين سان ڪيئن پيش اچجي ڪجي جنهن ۾ انٽرنيشل لٽريچر کي سمجهي سگهجي يا ڪهاڻي جي لاڙن، زاوين، موضوعن ۽ مضمومنن جي چونڊ ڀلي هجي يا ڪجي يا ڪهاڻي جي انهن سڀني ڊائنامڪس کي سمجهي سگهجي، پر منهنجي سجيشن اها ضرور آهي ته ليکارين کي خليق ٻگهيي جي هي تخليق پڙهڻ گهرجي جيڪا هڪ زبردست ”رسرچ بيس“ ۽ نمونو آ ۽ تنقيدي تخليق جو زبردست ماڊل به آ، جنهن ۾ ڪهاڻيڪار انهن تنقيدن کي جي دل سان هنڊائي ته انهن سڀني ڊائنامڪس کي هڪ ڌڪ ۽ هڪ ڊوڙ ۾ سمجهي ويندو.

پر اسان وٽ وڏو فقدان اهو ضرور آهي ته اسان وٽ الاماشا ڪو انٽرنيشنل ادب پڙهندو هوندو (يا گھٽ پڙهيو ٿو وڃي) يا نه ٿو پڙهي سگهجي يا سمجهي نه ٿو سگهجي يا سمجهڻ نه ٿو چاهيو وڃي يا انهن سڀني ليکارين جو ڪنهن طرح رجحان ناهي ان ڪري ڪو دور هيو جنهن ۾ اسان وٽ روسي، جرمن، فرينچ، انگلش ۽ عربي ادب وڏي اسپيڊ سان ٽرانسليٽ به ٿيندا هيا ۽ پڙهبا به هيا پر هاڻي کڻي ٿيندو به هجي يا ڪيو به وڃي ٿو پر اسپيڊ اها ناهي يا اهي سرڪاري آشرواد به ناهن رهيا، يا اسان وٽ اردو جي يلغار جي ڪري جيڪوادب يا صنفون آڊيو، وڊيو، پرنٽيڊ لٽريچر جي صورت ملي ٿو ته ان جي اڏام به اها ناهي جيڪا هجڻ گهرجي، مثال اروندتي راءِ جو ناول ”گاڊ آف لٽل ٿنگس“ يا سندس تازو ناول ”منسٽري آف اٽموسٽ هيپينيس“ وٺون يا ٻيا ادبي پورهيا جيڪي ڀارتي هجن ٿا اهي به انگلش ۾ هجن ٿا ان ڪري اسان به انهن سان ڪهلو ڪلهي ۾ ملائي هلون پر حيرت اها به آهي اسان جو اديب به انهن ايندڙ يلغارن مان گھڻو متاثر هجي ٿو جنهن ۾ دنيا جا ٻيا ادب رهجي ٿا وڃن، پر خليق ٻگهيي جي تحريرن مان اها سڳنڌ ضرور ايندي جنهن مان چئي سگهجي ٿو ته هي شخص وڏو پاڙهو آ، هن اديب صفت ماڻهو وٽ وڏو مطالعاتي علم آ يا هي جڏهن لکي ٿو ته هن کي بين الاقوامي ادبن جي به ڄاڻ ۽ پرک هجي ٿي.

خليق ٻگهيي جو تنقيدي پورهيو جس لهڻي پر هن دور جي ڪهاڻيڪارن، شاعرن، اديبن، تخليڪارن، مضمون نگارن، ڪالم نگارن، ڊرامانويسن يا ليکارين کي اها ڳالھ ڀلي ڀتِ سمجهڻ گهرجي ته شيون رڳو مقدار ۾ نه هجڻ گهرجن پر معيار جو هجڻ به لازمي آ، يا اهڙو ادب جنهن جي مڃتا هجي پوءِ اهي جمال ابڙي وانگي بجاءِ جو ڳچ ڪتاب ڏجن پر ڪجھ هجن جيڪي انمول هجن يا لازوال هجن يا نسيم کرل وانگي يا ماضي جي گڙنگ اديبن وانگي ڪجھ اهڙو ڏجي جيڪو ديرپا هجي ان ڪري خليق ٻگهيي جي هن تنقيدي پورهيي جي خوبي اها به آهي ته خليق ٻگهيي جي هرهڪ ڪهاڻي تي ڪيل تنقيد پڙهي اها پڪ پوندي ته ڪهاڻيءَ ۾ جهول موجود آهن يا ڪي ڪهاڻيون لازاول به آهن ان ڪري اهڙي تنقيد کي هنڊائڻ انهن سڀني نون ايندڙ يا هلندڙ اديبن جي لاءِ اشد ضروري آهي ته اهي خليق ٻگهيي جي تنقيدي سبقن مان فائدو وٺن ته جيئن تخليق کي بهتر ڪري سگهجي ان ڪري ته بنا تنقيد جي ڪهاڻين کي يا ادب کي سمجهڻ ڏکيرو ضرور آ يا کڻي چئون ته اها تخليق پنهنجو ميسيج ڀرپور نموني نه ٿي ڏئي سگهندي، پر پرفيڪٽ گھاڙيٽن ۽ اصلوبن ۾ لکيل تخيلقون خليق ٻگهيي وٽ به جس لهڻن ٿيون، ڇو ته خٿوري لڪائي نه ٿي سگهجي يا اهڙي زبردست تخليق به ”اگنور“ نه ٿي ڪري سگهجي ان ڪري خليق ٻگهيو جي تنقيد هڪ ”لائيٽ بيئرر“ وانگي ضرور آهي جنهن جي پيروي ڪري تخليق کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.

جيئن آئوٽ پُٽ جي لاءِ اِن پُٽ جو معياري هجڻ لازمي آ، معني جيڪو ليکاري پڙهندو ته ڀلو لکي به سگهندو يا ڀلو لکندو ته مانُ به لهڻندو، سا ڳالھ خليق ٻگهيي وٽ جام آ ان ڪري هن (خليق ٻگهيي) جا تجزيا، تبصرا يا تنقيدون ڪنسٽرڪٽو هجن ٿيون، مثال خليق ٻگهيي جمن احمداڻي جي هڪ ڪهاڻي ”آخري ڪهاڻي“ کي بوڊريلارڊ جي ”نقل در نقل“ (سميوليشن) جي ٿيوري جي ڀيٽا به ڏئي ٿو ته ڪين شعوري طور تي ڪهاڻي جي اڏام ۾ اها ”پوسٽ ماڊرنزم“ جي ڳالھ به ڪري ٿو وڃي ته ڪيئن ڪنزيومر سوسائٽي ۾ اهي سڀ ڳالهيون ممڪن به آهن پر ليکاري شعوري طور جنهن سائنٽفڪ فڪشن جي ڳالھ ٿو ڪري يا جنهن طريقي هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ ”پوسٽ افيڪٽس“ واري ڳالھ ڪئي آ يا به جس لهڻي، ان ڪري فرض آ ته ڪهاڻيڪار پنهنجي صفت ۾ اهڙو پريڊڪٽو هجي جو هو ايندڙ جديديت (پوسٽ ماڊرنرزم) جي ڳالھ پختي ڪري هو هن دور جي ڳالھ جي نفي ڪري يا اهڙي ڳالھ ڪري جو اها سڀاڻي اڄ جي ڳالھ کي ڪوڙو ڪري ۽ پنهنجي ٿيوري کڻي اچي، خليق ٻگهيي ۾ اها ڪريئيٽوٽي به خوب آ ته هو ليکاري جي ان ڳالھ يا رمز کي به سمجهي ٿو ۽ ان کي هوا يا ڦوڪ ڏئي دکائي به ٿو ته جيئن اها مبهم ڳالھ ان ابهام مان آجي ٿي پاڻ ڇڏائي ڪو پيغام رسائي به ڪري، ائين ئي جمن احمداڻيءَ جي ھڪ ٻي ڪھاڻي ”ڌرتي تان ڪچرو ھٽايو پيو وڃي“ يا ”نگاهن جو پوسٽ مارٽم“ تي به مابعد طبعيات واري ڳالھ ٿو ڪري ته اهي ڳالهيون ميٽافزڪس تحت شين جي اپٽار ڪيئن ڪنديون، حلانڪي شين جي اهڙي کول يا تحقيق به ان ڳالھ تي پڙهندڙ کي وائڙو ٿي ڪري ته خليق ٻگهيي وٽ لفظن ۽ نين ٽرمنالاجيز جو ڀنڊار آ جنهن خزاني کي هي ليکاري ڏانهن ارپي انهن جي تخليقن کي اڀاري ٿو جيڪا هڪ زبردست صفت آ.

هڪ بهتر انداز ۾ تنقيد تي تبصرو ڪرڻ به هڪ سکيا جي ڳالھ آ، خليق ٻگهيي جي تنقيد کي هروڀرو نه ٿو سارهجي يا ڪٿي انڪار يا نفيون يا رَدَ به ڏئي سگهجن ٿا يا ڪٿي ٻين ليکاري جي بهاف تي ڊفينسو به ٿي سگهجي ٿو پر شين جي ماپي ۾ يا تنقيد جي سانچي ۾ خليق ٻگهيي کي پورو پورو داد ڏئي سگهجي ٿو، يا خليق ٻگهيو سرور سيف جي ڪهاڻين جي تبصري مهل فرانس جي ادب کان شروع ٿو ڪري هينري جيمس کان وٺي وري ليئو ٽالسٽآءِ تائين دنگ ڪري اهي سڀ لقاءَ به پسائي ٿو وڃي جو پڙهندڙ رڳو تنقيد نه ٿو پڙهي پر هڪ مفصل تاريخي دورو به ڪري ٿو وٺي جنهن ۾ ميٽافزڪس کان وٺي ايندڙجديديت جي ڳالھ به سمجهي ٿو وڃي جنهن ۾ پڙهندڙ اهو ٿو ڀانئي ۽ ويچاري ٿو ته اڄ جي جدت سڀاڻي جو ڪوڙ ثابت ٿيندي يا اڄ جو ڪوڙ يا ميٽافزڪس سڀاڻي جو سچ ثابت ٿيندو يا فڪشن ڀرپور حقيقتون ڪيئن ٿا هجن يا سانٽيفڪ فڪشن جي اسان جهڙي جيتامڙي معاشري ۾ ڪهڙي جاءِ ٿي سگهي ٿي، ان ڪري سائنس جا اڄ جا سچ ۽ سڀاڻي جا ڪوڙ هوندا آهن يا اڄ جا ڪوڙ سڀان جا سچ ثابت ٿيڻ ۾ دير نه ڪندا، ان ڏس ۾ ڪيتريون ئي سائنسي ٿيوريون تمثيلي طور وٺي سگهجن ٿيون، ڪٿي خليق ٻگهيو ليکاري جي دردن جو درمان به ٿئي ٿو جيئن هڪ هنڌ ڳالهائي ٿو ته سرور سيف جي پھرين ڪھاڻي ”ٽاڪا ٽٽي ويا“ ”۷۶ ماڊل“ ”ھٿَ ڪرائي وڍيا“ ۽ ”جيون ٿوھر کير“ پبلشنگ ادارن پاران شايع ڪرڻ کان نابري واري، يا سرور جي سيف جي محاورن ۽ اصطلاحن جي ھڪ ڪتاب جو مسودو به گُم ڪيو ويو.

حقيقت ۾ اسان وٽ جيتري تخليق جي گھڻائي آهي اوتري ئي تنقيد جي گھٽتائي آ، اسان ماڻهن ۾ (اديبن) ۾ رڳو ان ڳالھ تي زبردست جهمر آ ته اسان جي ڪهاڻي، مضمون، شاعري، ڪا ادبي تصنيف رڳو ڇپجي بس ٻيو مڙئي خير آ، يا ڪٿي محبوب جي نيڻن، ڪجل ۽ زلفن ۾ غزل ڦاسي پيو آ باقي ٻيا اديب پاسا وڃي ٻيا ڄاڻن، ان ڪري جو ڪو به شاعر ۽ ڪهاڻيڪار يا اديب پاڻ تي تنقيد برداشٽ نه ٿو ڪري يا پنهنجي تذليل ٿو سمجهي يا پاڻ کي عقل ڪُل ٿو سمجهي ته جيڪو مون لکيو آ اهو الهامي باقي ٻيا سڀ ڌوڙ آهن، حلانڪي موضعن جي چونڊ ۽ صنفن جا گھاڙيٽا ڪي نوان تخليق ناهن ٿيا (يا ٿيا به هجن) جو ڪير چئي ته غزل يا نظم ڪنهن ٻي شڪل ۾ سرجي سگهجي ٿو يا تخليق ڪي پاسا به واريا هجن يا ڪي نيون ادبي ايجادون به ٿيون هجن، خليق ٻگهيي جي هن ڪتاب جي توسط سان هڪ ڳالھ ڏاڍي سونهين ٿي ته جيترو تاڃي پيٽو، ڪاريگري، فن، لفظي سٽاءُ، جملن جي بيهڪ، ڳالهائڻ جا تنبيهي ۽ فڪري انداز سندس هن تجزياتي پورهيي ۾ آهن سي شايد ئي ڪٿي ڏٺا هجن، يا خليق ٻگهيي وٽ اهو سٽاءُ به خوب آ ته هو ڪهاڻي جي معاشرتي پاسن تي ڳلهائيندي معاشي، اقتصادي، اخلاقي ۽ تمدني پاسا به کڻي ٿو هلي، ڪٿي ايجوڪيش، ڪٿي سڳاوتي تڪرارن، ڪٿي مٽي مائٽي جا ڪي پاسا جي ذڪر هيٺ اچن ٿا ته هو ان تي به روشني وجهي ٿو، ائين طارق قريشي جي ڪهاڻين تي ڳالهائيندي هڪ پختو نريٽو به اڻي ٿو، جيئن ڪهاڻين جي مبلغ يا ڪريئيٽو ۽ انٽليڪچول پاسن ۽ ڊائنامڪس تي به خوب مبصراتي، تجزياتي ۽ تنقيدي اک رکي سگهجي، يا ڪهاڻين جي ايندڙ ساخيات (پوسٽ ڪنسٽرڪٽوزم) تي ڪيئن لفظن جي گھڙت ڪجي يا رومانوي اندازن ۾ ٿيل وهشت تي ڪيئن روشني اڇلائجي يا پختو لفاظي ملبوسي تھ چاڙهجي ته جيئن شيون وري ان لپيٽي يا دائري ۾ اچي وڃن، خليق ٻگهيو طارق قريشي جي ڪهاڻين جي پرک ۽ ڪمپيرسن ۾ رولينڊ بارٽز جي بيان ڪيل (اروٽڪ زون) جي فڪر، فن ۽ لوازمات جا اشارا به ڏئي ٿو يا مفصل ۽ مبلغ ٿي دليل به پيش ٿو ڪري يا ڪٿي به اسٽرائيڊينٽزم تحريڪن سان گڏوگڏ فيوچرسٽ تحريڪن جي ڳالھ به آڻي ٿو ته جيئن ڪهاڻيڪار جي ڏنل پيغام کي خوب رسائي ملي.

سنڌي ڪهاڻي پختي چئي سگهجي ٿي يا جيترو ۹۰ واري ڏهاڪي ۾ ڪم ٿيو هيو هاڻي اهو ٻيڻو ٿي ويو آ، پر هيل تائين تنقيد جو زبردست فقدان به رهندو آيو آ، ان ڪري جو هر رائيٽر سنجيده ناهي، حاجي ۽ قاضي واري ڳالھ آ ته تون مون کي پڏاءِ ته مان توکي پڏايان، تون منهنجي تعريف ڪر مان تنهنجي تعريف ڪيان ”تون منهنجو صنم آهين ته مان تنهنجو صنم آهيان“ ڳالھ بس اتي اختتام پزير آ، خليقي ٻگهيي هن ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جي گهاڙيٽن، نمونن، ڪالبن، اصلوبن، مضمونن، موضوعن ۽ ڪنسٽرڪٽ تي ڀرپور ڳالهايو آ، جيئن فرزانا شاهين جي ڪهاڻين کي بهترين انداز ۾ پڻ تنقيدي راين سان پُر ڪيو آ، جيئن فيمينزم (عورتن جون تحريڪون) جي پيشمنظر ۾ ”جيجل منھنجو جيئڙو“ تي هن سماجي پهلوئن جي نشاندهي تي ڀرپور تبصرو ڪيو آهي يا جيئن ”ڳولھيان ڳولھيان مَ لھان“ ۾ ڪهاڻيڪار جسماني ميلاپ کي نندي ٿي يا ان جي نفي پيش ٿي ڪري تيئن ئي تنقيدنگار جي اک به ان تخليق پويان ڊوڙي ٿي ۽ ان جي عڪسبندي به ڪري ٿي، خليق ٻگهيي ۾ هڪ زبردست ڳالھ اها به آهي ته هو ”بائنري جينڊر اپروچز“ تي به روشني ٿو وجهي يا انهن جي ڪردارن جي نفسيات ۽ مڪالمن جي پرک به ڪري ٿو يا ڪهاڻيين جي ساخت (اسٽرڪچر) ۽ انٽرسيڪشوئيلٽي يا معاشرتي بيهڪن يا روايتي نعريبازي واري لبرٽي يا لبرلزم تي به روشني وجهي ٿو، يا ”ٻه لڙڪ آلا“ کان وٺي ڪهاڻيڪار جي وِيڪ آبزرويشن يا وِيڪ ڪنسٽرڪٽو اپروچز تي به ڌيان ٿو ڏئي، جنهن مان واضع آ ته رڳو تعريفي ۽ وهوا جا هار نه ٿو پارائي پر حقيقت تي ٻڌل ڳالهيون به پيش ٿو ڪري، جيڪي هن ادبي ويهڪ ۽ ادبي ڪلاسن جا درجا رکن ٿيون ۽ اهڙيون پيشڪاريون ادبي ماسٽري جي حيثيت رکن ٿيون ته شين کي پختو ڪين ڪجي يا ڪهاڻيڪار ڪهڙا پاسا اَن آبزروڊ رکي تخليق سرجي ٿو يا ڪهڙيون مشاهداتي اوڻايون کڻي لکي ٿو.

ڪتابن جو ڇپائڻ آسان ٿي ويو آ، پر معيار ناهي يا رسرچ يا تحقيق جو فقدان يا سُڃَ آ، ان ڪري خليق ٻگهيي جي ڪتاب ۾ اهي سڀ ڏاهپ واريون ڪاريگريون به موجود آهن يا تخليقن جي پرکڻ يا جاچڻ جا سامان به موجود آهن جن کي اگنور نه ٿو ڪري سگهجي، منور سراج جي آرٽسٽڪ اوپرچز، تحقيقي رجحان ۽ شين جي آبزرويشن ۾ به خليق ٻگهيو لهي ٿو پئي، خليق ٻگهيو هائيپر ريئلٽي، بليڪ هيومر، خارجي منطقيت يا اجتماعيت سوچ ۽ کاڙن کي به چٽي ٿو، هو منور سراج جي ڪهاڻين ۾ سرريئلزم (حقيقت پسندي) جي سَرچِ ٿو ڪري، سررئيلزم واري ادب جا پاسا به ڀيٽي ٿو وٺي، ته ڪيئن آرٽ ۽ ادب جا ڪريئيٽو پاسا ۽ امتزاج تخليقن کي سونهن ٿا، خليق ٻگهيو منور سراج جي ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري ۽ فڪشنڊ يا ڪوڙي حقيقت نگاري جا متزاج به ڏيکاري ٿو ته ڪيئن مينوفيڪچرڊ ريئلٽي کي به بيان ڪري سگهجي ٿو يا خيالي يا اختراعاتي پهلوئن جي ڀيٽا ۾ شيون نڀائي سگهجن ٿيون، منور سراج جي ڪهاڻي ”سماجي بگهڙ“ جا جهول، فڪري ڪمزوريون، ڪنسٽرڪٽ يا ساختي اوڻاين کي به نه ٿو بخشي، يا پهرين ۽ ٻي عالمي لڙاين دوران پيدا ٿيندڙ سريئلزم يا فرانس ۽ يورپ جي پهرين دور جي ڪميونزم، سوشلزم يا هٽلر واري مونوپولسٽڪ اپروچز ۽ ان جي ٽوٽليٽيرين مزاجن ۽ يورپ جي طبعي يا معاشرتي ۽ معاشي حالتن جي پسمنظر ۾ منور سراج جي ڪهاڻين جي تورتَڪ ٿو ڪري يا ادبي ۽ ساختي ساهميءَ ۾ رکي به ڏسي ٿو ته شيون ڪٿي فٽ ۽ فڪس ٿي سگهن ٿيون يا تخليق ڪيتري عمر لهڻي.

فن ۽ فڪري صلاحيتون به ڪنهن ڪنهن وٽ هجن ٿيون نه ته باقي سڀني جا آخري فلور ڇسا ۽ خالي هجن ٿا جنهن مان پوءِ تخليق ڪيئن اڀري يا ڀلي ٿي نڪري، پوءِ اهو پاڙهو يا اڻ پاڙهو ڪو اڪابر ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو ان وٽ ڪرافٽنگ ناهي ان وٽ ڪاريگري ناهي ان ڪري شين جي ڪاريگري يا ماسٽري ضروري آ، يا خليق ٻگهيو ان ڳالھ جو به دعويدار آهي ته اسان وٽ جديد ڪهاڻيون سن ٻه هزار کان شروع ٿين ٿيون جيڪي اڃان سوڌو هلن ٿيون پيون، جهانگير عباسيءَ جي ”درياءَ جي ھُن پار“ ۽ ”سڄڻ“ ڪهاڻين ۾ چٽيل جاگيرداري نظام جي اپٽار به ڪري ٿو، سمجهي ٿو ته جيئن ڪهاڻيڪار ان اديار جي مظلوم عوام جي جيئن ايڊووڪيسي جهانگيرعباسي پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ڪجلي“ ۾ ڪئي آ تيئن ئي ان جي تخليقن تي روشني وجهجي ۽ ان فرسوده نظام جي ٿيورين کي ردِ ڪجي يا انهن جي زبردست نفي به پيش ڪجي، يا جيئن ڪهاڻِڪار سماج جي انقلابي، انفرادي ۽ اجتماعي شين جي ڳالھ يا بحث ڇيڙي ٿو تيئن خليق ٻگهيو به ان جي عڪاسي ٿو ڪري ته جيئن ڪهاڻين جو ميسيج زبردست ٿي پڄي، خليق ٻگهيو جهانگيرعباسي جي ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ اڻت ٿيل جنسي جذبن، تفرقن، اخلاقيات جي زاوين يا ضابطن جي ٿيل ڀڃ ڊاھ تي به ڀرپور ٿو ڳالهائي.

ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري، افساناگيري، رومانيت، ساخت جي پختگي يا سائنٽفڪ اپروچز جو وڏو عمل دخل ٿو رهي، يا اها ڳالھ به تحقيقي لهڻي ته سرجندڙ ڪهاڻين جا بڻ بڻياد، زمان ۽ مڪان يا ڪهاڻين جا نياپاگيري وارا ڊائنامڪس ڪيتري اڻت يا گهرائي رکن ٿا يا ان ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري، سچي يا ڪوڙي ايپليڪبلٽي يا ڪهاڻين جي آڊيالاجيءَ جو ميل ميلاپ معاشري جي ڪهڙي طبق يا ليئر سان ڀيٽي سگهجي ٿو، ان ڳالھ جي صلاح خليق ٻگهيي جي تنقيدن ۾ خوب ملي ٿي، مثال اخلاق انصاري جي ادبي پورهيي تي هن شخص (خليق ٻگهيي) جي به عقابي نظر ڪم ٿي ڪري، شين جي پينيٽريشن ۾ هليو ٿو وڃي، مثال هڪ ڪهاڻي ”زندگي ڪجھ به نه“ تي اسٽريم ڪانشسنيس تي به بائنري ڊسڪشن ٿو ڪري ۽ نڀائي ٿو ته ڪيئن ڪهاڻيڪار اناڪيرينينا جي ”وار اينڊ پيس“ جي ڳالھ ٿو ڪري يا جيئن تخليقڪار ڳالهين جي تند روجائي کان وٺي وليم برين تائين ملائي ٿو يا وليم جيمز جي ذڪرن کان وٺي لارينس اسٽرن جون تمثيلي ڳالهيون ڪري ٿو وڃي تيئن خليق ٻگهيو به ”ايڊگر ايلن پو ان اسٽريم ڪانشننيس“ کان شروع ٿي “دي ٽيل ـ ٽَيل هارٽ“ تائين ان ڳالھ جي تمثيلي ڀيٽا ٿو ڪري يا انهن جون سمجهاڻيون ٿو ڏئي ۽ شين کي مفصل انداز ۾ بيان به ڪري ٿو ۽ انهن جي مثالن جي ڀرمار به لائي ٿو ڏئي ته جيئن ليکڪ جي شين يا تخيل کي ڀرپور ڀيٽا يا نسبت ڏجي يا سمجهي سگهجي يا سپورٽ ڏجي ته جيئن ان جي ڳالھ جو پورائو يا حقيقت بياني ٿي سگهي.

ڪهاڻي جي پرک ڪهاڻي جي ساخت يا اڻت مان لڳائي سگهجي ٿي اها ڳالھ خليق ٻگهيو بخوبي ڄاڻي ٿو يا شين جون پيراڊائيم يا مثالي گھڙت ڪيئن ممڪن آهي يا شين کي ڪيئن تعميراتي يا تَخَيّلاتي يا ترڪيباتي يا ايندڙ جدت (پوسٽ ماڊرنزم) جي پيشمنظر ۾ ڪيئن تورجي ۽ تڪجي يا ڪهاڻين جي گهاڙيٽن ۾ معاشرتي بيهڪون، معاشي حالتون، ڪردارڪشي جي تاڃي پيٽي ۾ ڳالهيون ڪيئن ترتيب ڏجن جيڪا ڪهاڻيڪار جي پنهنجي هڪ انفرادي ماسٽري به ٿئي ٿي ته هو زبردست طريقي ڪردارن کان جاگيرداراڻي نظامن جون بيهڪون نندرائي، سامراجيت کي ڪنڊيم ڪرائي يا سوشلزم، ڪميونزم يا اسلامائيزيشن ۽ مذهبي شدت پسندين جون نفيون پيش ڪرائي، خليق ٻگهيي وٽ ان ڳالھ جو به ڏانءُ يا ماسٽري آهي ته مٺل جسڪاڻي جي ڪهاڻين جون سرجريون ڪري ۽ مقصدن جا مقصد ڪڍي آڻي بيهاري ۽ سمجهائي ته ڪهاڻي ڇا ٿي چئي يا ڪهاڻيڪار جو ميسيج ڪنهن ٿيوريءَ سان ڀيٽجي، يا ڳالھ ملائي ڪهاڻي پختي ڪري سگهجي ٿي ته جيئن مقصد ۽ مطلب واضع ۽ عالم آشڪار ٿئي.

خليق ٻگهيو رولان بارٿس جي پنجن ڪوڊس ۽ ڪهاڻي لکڻ جي ڳالھ به ڪري ٿو يا بارٿس جي ڪهاڻين واري پنج نڪاتي پرک به سمجهائي ٿو، اتي ان ڳالھ ۾ نيل گيمن کي به آڻي بيهارجي يا يا جتي اوڻويهين صدي جي اڌ ڌاري اخباري ۽ پرنٽ ميڊيا جي انقلاب جي ڪري رسالن، ميگزين ۽ اخبارن جي ڀرمار ٿي ان دوران ٿامس هارڊي، رُڊيارڊ ڪپلنگ، آرٿر ڪونان ڊولي جن ڪهاڻين جا وڏا مجموعا ڏنا يا اسٽرينڊ ميگزين ۾ شيرلاڪ هولمز اوڻويهين صدي جي آخر ۾ ڪهاڻين جي زبردسٽ ڪنٽريبيوشن ڏني، يا اوهينري کان وٺي جيمس جوئي تائين جن ڪهاڻين تي وڏو ڪم ڪيو کي به ساري سگهجي ٿو، راجن مڱريي جي سيمبولزم يا اصلاحاتي شين جي سمجھ به ڏئي ٿو يا اصلاح نگاري تي به روشني ٿو وجهي، ڪيريڪٽرائيزيشن يا ڪرونڪ يا ڪرونولاجي جنهن تحت ڪهاڻيڪار شين جي سلسلي واريت تي ڪيئن پختو بيهي ٿو يا شين جي اسيمبلي يا قطار ڪيئن ٿو ٺاهي شين جو ميلاپ يا شين جي ترتيب يا تاريخي هيئت يا ڪنسٽرٽو اپروچز ڪهاڻيڪار وٽ ڪيتريون اهميت رکن ٿيون ان ڳالھ جي به خليق ٻگهيي کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته ڪهاڻيءَ جو موڊ ڇا ٿو چئي، ڪهاڻيءَ جي پيرائتي ڳالھ ڪاڏي وٺي ٿي وڃي، ڪهاڻي جا اختصار ٿيل ڪردار ڪيئن جوڙي بيهارجن ٿا، ڪهاڻيءَ جو مضبوط نريٽو ڇا ٿو بيهي يا ڪهاڻيڪار ڇا ٿو چوڻ چاهي يا ڪهاڻيڪار جا پنهنجا مشاهدا يا تجربا ڇا ٿا چون،

حقييت ۾ ڪهاڻيڪار وٽ ورٽيڪيلٽي يا افقي بيهڪ ۾ جنهن ۾ ڪهاڻيڪار وٽ مضبوط هيئت جي ڪاريگري هجي يا ڪهاڻيڪار وٽ هوريزونٽلٽي جي ڪيتري ڄاڻ آهي معني اهو ڪهاڻي اندر ڪيتري وصعت يا ويڪرائي آڻي ڪهاڻي کي سڀ گهرجون ڏئي سڀ لاڙا، پاسا پلوَ سنڀالي کڻي ٿو هلي يا زبردست اڀار ڏئي وري ڪهاڻي کي ڊاهي به ٿو ته جيئن اصلوبي پورت ڪري سگهجي، ڪهاڻين جي اختصارت، جماليت يا ڪهاڻي جي انڊلٺي رنگن جي ڳالھ به ڪري يا مڙني پاسن پَلوَن يا رومانوي پهلوئن ۽ اظهارن جي ڳالھ زبرست ڪجي يا جيڪو به ڪنسٽرڪٽ يا فريم ورڪ کڻجي ان کي پورو ڪجي يا نڀائجي ته جيئن ادبي نياپا يا نثري ميسيجن جو پورائو ڪري سگهن خليق ٻگهيو ان ڳالھ ۾ به وڏو ڏاهو آ ۽ ان ڳالھ ۾ به وڏي ماسٽري يا انجنيئرنگ رکي ٿو ته شين جي ماپا ڪيئن هجن يا فريم ورڪ ڪيئن سيٽ ڪجن، ڪهاڻي جي ڊڪورس ۽ لنگوئسٽڪ لاڙن ۽ اپروچز جي وڏي پچار ڪجي (ڊسڪورس معني ٻولي يا ڊائيلاگ ڊليوري) جنهن ۾ ڪهاڻيڪار اهڙي ڪرافٽنگ ڪري جنهن مان اها ڀلي ڀت خبر پئي ته ڪهاڻيڪار ڪيترو ”آبزرونٽ“ آهي، ڪهاڻيڪار وٽ مشاهداتي سائنس ڪيتري حد تائين آهي، ان ڳالھ ۾ ڪي سبق خليق ٻگهيي کان به وٺجن ان ڪري ته مجيب اوٺي جي ڪهاڻين ۾ ڊجيٽلائيزڊ دورن جي ڳالھ کي نبيري ٿو، مڪينڪل سوسائٽيز جي بيهڪ تي ٿو ڳالهائي، صنعتي، زرعي ۽ سائيبر عقلن، فهمن ۽ علومن جي دعويداري يا حيثيت بيان ٿو ڪري، مجيب اوٺي جي ڪهاڻي ”دل جي آڳنڌ تي لڙي آيل جدائي“ ۾ جماليات، ادراڪي صلاحيتون، ڪهاڻي جي زبردست ميپنگ، ڪرافٽنگ ۽ ڪلائيميڪس تي به بحث ٿو ڪري، يا مجيب اوڄي جي ڪهاڻي ”نظرياءِ بيگانگي“ ۾ وجودي فلسفي جي ڳالھ کي به نبري ٿو يا ان جي سپورٽ ۾ بحث ٿو ڇيڙي يا وجودي فلسفي جي زبردست ڀيٽائون به پيش ٿو ڪري ته جيئن ڪهاڻيڪار جي عملي ۽ ادراڪي ليول کي سمجهي سگهجي.

خليق ٻگهيو جس لهڻي شايد منهنجا هي ادني لفظ ان ڳالھ يا پورهيي جو پورائو نه ڪري سگهن پر خليق ٻگهيي جي هن ڪتاب جديد ”سنڌي ڪهاڻي ـ تجزياتي تنقيدي جائزو“ مان زبردست لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو ان ڪري جو هي ڪتاب ايترو ته ٽيڪنيڪلٽي سان ۽ سيبتي انداز ۾ تجزين ۽ تبصران تي محيط آ جنهن ۾ تقريبن سينيئر ليکڪ شامل آهن جن جا ادبي پورهيا به ساڀ پوندا ۽ اهي اڃان بهتر لکندا يا زبردست ڪنٽريبيوشن به ڏيندا رهندا، ان ڪري اهي سڀ اديب پنهنجي پنهنجي صفت ۾ ادبي اسڪول يا اسڪول آف ٿاٽس به آهن جيڪي لازول ادب جا سرجڻهار به آهن پر تنقيد اڻٽر آ، تنقيد کي ٽاري نه ٿو سگهجي يا اسان وٽ خليق ٻگهيي جهڙا چوٽي جا نقاد هجڻ به ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته اسان جو ادب ڀرپور آ، اسان جا سرجڻهار پختا آهن، اسان جو ليکاري دنيا جي ادبن جي ٽَڪرَ جو ٿا لکن جن کي پڻ مانُ، مڃتا، لاڀ ۽ هڙحاصل ڪرائجي، اهو به مڃون ٿا ته ادب پيٽ پوڄا ناهي پر دماغي پيداوار ضرور اُساري ٿو جنهن جي ڪري معاشرا به ترقي يا انقلابيت ماڻن ٿا، معاشرن ۾ ڏاها ۽ پارکو پيدا ٿين ٿا، اميد آ ته خليق ٻگهيي جو هي زبردست پورهيو ساڀ پوندو ۽ پڙهندڙ ۽ سرجڻهار هن جي ادبي ماسٽري مان به لاڀ حاصل ڪندا رهندا.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

پياري خليق ٻگهيو جي ڪتاب جديد سنڌي ڪهاڻي جا جنميل اثر

لطيف نوناري

نول هراري جي اها ڳالهه لک جي آهي ته ”ڇسي اطلاعن جي ٻوڏ ۾ چٽائي قوت (پاور) آهي“. خليق ٻگهيو جو نئون ڪتاب ”جديد سنڌي ڪهاڻي“ سُرڪن جي حساب سان پڙهان پيو. ڇاڪاڻ ته مون وٽ انهن ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب ڪونهن ، تنهنڪري مان پنهنجي راءِ خليق جي چٽائي کي رکي جوڙڻ جي جستجو ۾ آهيان.

خليق جي ٻولي ۽ اسلوب جو مان پراڻو مداح آهيان، انڪري ڪٿي ڪٿي خليق پنهنجي دلپذير اسلوب سان لوڙهي وڃي ٿو.ان کان علاوه ڪجهه ادبي اصطلاح ڪثير استعمال ۾ اچي معنائن جا مغالطا پيدا ڪندا آهن.شين کي وصفڻ جو رواج اڃان تائين سنڌي تخليقڪارن جي شعورجو لازمي حصو نه ٿي سگهيو آهي.

منهنجي خيال ۾ اهڙي سڀاءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ گهڻو حصو شاعرن جو آهي. اسان جا تخليقڪار ۽ پڙهندڙ اهڙي چشڪي جا تقريبن موالي ٿي چڪا آهن. هڪ پتڪڙو مثال ڏيان.

”محبوب جي ڳلن تان ورتل پھرين چمي جھڙي مٺاس جو احساس ڏياريندڙ.“

حساب لڳايو ته هن پياري کي ڪهڙي ٻئي شئي اهو سواد آڇيو؟ باهه جي تپش ۽ پيار جي تپش ساڳيا اثر آڻڻ ٿيون؟ ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار وارو مامرو. ابهام شاعري ۾ بيشڪ اتساهيندڙ هجي، پر نثر ۾ سراسر نالائقي آهي. لکندڙ کي ۽ پاڻکي خوش ڪرڻ لاءِ کڻي چئجي ته بيشڪ هي شاعراڻو نثر آهي پر مان ان کي مضمون نگاري لاءِ موتمار ميزائيل سمجهندو آهيان. منطقي تقاضا کي پورو ڪرڻ بجاءِ اهڙو نثر احساسن جي اڀار ۾ مددگار ٿئي سگهي ٿو. چٽائي بجاءِ ڪوهيڙ پيدا ڪري ٿو. شيخ اياز جو گهڻو نثر اهڙو لڳندو اٿم، پر شيخ اياز سٺي شاعر ۽ نثر نگار سان گڏ هڪ سٺو وڪيل به هو ۽ پنهنجي زاوين کي مهارت سان فٽ ڪرڻ جو ماهر هو.

شين کي وصفيو. سمجهه کي آساني ڏيو. خليق جي جديد ڪهاڻي ڪيتري جديد آهي؟ جدت ته وهڪرو آهي وقت جو.

ڏکيو ڪم آهي تنقيد ڪرڻ ڇاڪاڻ ته تنقيد نگار کي پنهنجي زاويي کي به مڇا؟ڻو هوندو آهي ۽ اهوبه خيال رکڻو هوندو آهي ته تخليقڪار جي دل نه ٽٽي. شڪارن سان به گڏ ته شڪار جي سڪ به تار.. خليق جي اسلوب ۾ ارتقا ٻڌائي ٿي ته هوپنهنجي تنقيد جا ڏکيا لڪ لنگهڻ ڄاڻي ٿو.

ڪن سڄڻن جو خيال آهي ته اڄوڪي ادب ۾ تنقيد جو ملهه جَون کان به گهٽ آهي. ۽ نظرياتي تنقيد وقت جو زيان آهي. مان اهو چوندس ته نتيجن ڪڍڻ ۾ پنهنجي ذهانت جي بيچينيءَ کي ضابطي ۾ رکو. توهانجي اها بيچين راءِ به قيمتي آهي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ زاويي جو اضافو ڪري ٿي.تخليقڪار تعريف هضم ڪرڻ ۾ ته دير ئي نه ٿو ڪري، اختلافي نوٽس تي بدهضي جو شڪار ڇو ٿئي ٿو. نظريو ڪوپٿر تي ليڪ ته ناهي، اهو به زاويو آهي. جدلياتي hypothesis جو سنڌي ترجمو منهنجي خيال ۾ گمان هجڻ گهرجي. گمان بغير خيال ممڪن ٿيندو؟

مون اڳ ذڪر ڪيو ته ادبي محاورن/ اصطلاحن جي ڪثير استعمال پاڻ سان گڏ مغالطا به آندا آهن. ويهين صدي جي پيداوار ترقي پسندي ستر جي ڏهاڪي تائين ڪميونزم کي پسند جي نظر سان ڏسندي هئي. نتيجي ۾ ادب جا معتبر نالا سڌي يا اڻ سڌي طرح سرخ باکن جا اڻ اعلانيل اتحادي ۽ مبلغ ڏسبا هئا. سنڌي سماج جا وڌيڪ ريڊيڪل ذهن سڌي طرح ڪميونزم جا پرچارڪ هئا. اسي جي ڏهاڪي جي ابتدائي سالن ۾ سوويٽ يونين جي گورباچوفي گهوگهي سنڌ کي نظرياتي يتيمن جي هڪ معصوم کيپ ڏني. زميني حالتن جو اصطلاح تڏهن معروضي دنيا چوائيندو هئو. پليجي صاحب جي ڪتاب سندي ذات هنجن ۾ وجودي ۽ ٻين موضوعي لاڙن کي ”وللي واويلائي“ ادب ڪوٺيو ويو. ادب ۽ سماج جي سنجيده شاگرد کي ٻين سياسي، سماجي ۽ ثقافتي لاڙن سان گڏ فڪري دنيا جي فيشنس جو به جائزو وٺڻ گهرجي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جي ان راءِ ۾ جائز وزن آهي ته ترقي پسندي کي تبديل ٿيل وقت جي حساب سان وصفيو۽ ڏٺو وڃي.

اسان وات ڳاڙها ٽين-ايجر هئاسون ته ڍول فقير جي آواز ۾ هڪ ڏوهيڙو ٻڌو هو: ”بي عقل کي بازر ۾ سنگتي نه ڪجي ساڻ، اول ڪٽائيندو پاڻ، پوءِ لهرائيندو حاج همراه جي“ ادب جي دنيا ۾ اهڙو چتاءُ تنقيد لاءِ جائز سمجهان ٿو. تنقيد نهايت خبرداري جو ڪم آهي. اسانجي جڏي تعليم جي گهڻن ڪلورن مان هڪ اهو به آهي ته اسانجو عام پڙهندڙ نظرين جو عالم ناهي، فڪري دنيا جي فيشن جي ڳالهه ته اڪثر اديبن جي لاءِ به اڏامندڙ پکي جا پر ڳڻڻ برابر آهي.

اسان جي دنيا ته هر قسم جي غربت ختم ڪرڻ جا خواب پئي ڏسي. امير دنيا ڇا پئي ڪري؟ ڪاروباري ۽ علمي هڪ هٽي برقرار رکڻ لاءِ تحقيق جي لڀائيندڙ ڇٽي هيٺان ويٺي نوان نوان زَٽَ خلقي. جديديت پڄاڻان جي عدم مرڪزيت جو راڳ ڳائي دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مها بيانيي جو زمانو گذري ويو. غريب دنيا اڳ ئي وجودي ويڙهه جي گهيري ۾ ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا ٿي وس ڪريان“ جي حوالي هئي. ان لاءِ بيانيو مري يا بيان ڪرڻ وارا مرن جي ڪا خاص اهميت ڪونه هئي. سوچيندڙ دماغن کي عدم مرڪزيت جي ڪلفي وات ۾ هئي. فڪري فيشن جي ٽانءِ کان لنوائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ويهين صدي جي خاتمي ۽ اڪيهين صدي جي ابتدائي سالن تائين راڳ جاري رهيو. مهابيانيو يعني وڏي ڪهاڻي/ داستان/ ڪٿا قبر حوالي. غريبن جي دنيا اهڙي زَٽَ تي ڪو سوال نه ڪيو. اها پنهنجي غريب تعليم سبب سمجهه جي مها مونجهاري ۾ هلي وئي. ويهين صديءَ ۾ ايلون ٽافلر هڪ مقبول فيوچرسٽ ليکڪ هو. سندس ڪتابن دنيا اندر ڌم مچائي هئي. ٽافلر کي پڙهڻ ”سڄاڻ ۽ ساڃهوند“ ماڻهن لاءِ فڪري فيشن هو. هن جو وڏو زٽ اهو هو ته پورهيو ڪندڙ هٿن کي پورهيو ڪندڙ ذهن ميٽي ڇڏيندا. فڪري پانڌين کي اهڙيون خبرون ڏاڍو متاثر ڪنديون آهن ڇاڪاڻ ته هو پاڻکي سڄاڻ ۽ ساڃهوند ذهني پورهيت سمجهي خوش ٿيندا آهن.

اڪيهين صديءَ ۾ آڪسفرڊ جو پڙهيل ڊاڪٽر يَوَل نوح هراري پنهنجي فيوچرسٽ سوچن سان ساڃهوندن لاءِ فيشن ٿيندو وڃي. ڪهاڻيءَ جي جنهن سفر کي جدت پڄاڻان مها بيانيي جو موت چئي بي توقير ڪيو هو، تنهنکي اڪيهين صديءَ جي ڊاڪٽر هراري پنهنجي ڪتاب هومو ڊيوس (2۰۱5ع اشاعت) ۾ نئون مها جيون( يعني تاحيات انساني لاڙو) ڏنو آهي.

Humans think they make history, but history actually revolves around the web of stories. The basic abilities of individual humans have not changed much since the Stone Age. But the web of stories has grown from strength to strength, thereby pushing history from the Stone Age to the Silicon Age.”

سٽن درميان پڙهجي ته بيانيي جو موت چوندڙ مغربي سوچ پنهنجي آڪڙ ۾ دنيا جي ليول واري سوچ جي موت جو زٽ هڻي رهي هئي.

اسان ڏسون ٿا ته ڪهاڻي جوسفر دائم قائم رهيو آهي. شارٽ اسٽوري، ناوليٽ، مائڪرو ڪهاڻي. فليش فڪشن... مان ته ڪهاڻي کي پنهنجي بيمثال نئريٽوِ پاور سان پوري ادب ۾ ڏسندو آهيان. ۽ پنهنجي پڙهندڙن کي سوچڻ جي دعوت ڏيندس ته مها بيانيي کي پڻ پنهنجي ارتقائي سوچ جي ڏاٺ هيٺان چٻاڙي نئين سر وصفن ۽ پوءِ ٻڌائن ته ڀٽائي جي ”پاند ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪينڪي“ ڪنهن مها بيانيي کان گهٽ آهي؟ ”ڏينهن مڙيئي ڏون. اٿي لوچ لطيف چئي“ ۾ اسان سڀني جي ڪهاڻي پوشيده ناهي؟

مون لاءِ ڪهاڻي انساني سمجهه کي سڀ کان بهتر آساني مهيا ڪري ٿي ۽ فقط نثر تائين به محدود ناهي. ڪهاڻي هڪ لچڪڻو وجود آهي ۽ پاڻيءَ جهڙو نرم ۽ پٿرن جهڙو سخت وجود به هنجي ڏائي هٿ جو کيل آهي.

پياري خليق پنهنجي ناچاڪائي جي باوجود ڪهاڻين جا پورا ڪتاب پڙهيا ۽ پنهنجي علم ۽ عرفان کي سامهون رکي خلوص سان اوک ڊوک ڪئي. هو شاباسون لهڻو.

اسان جا اصل جکرا جس کرا اسانجا ڪهاڻيڪار آهن، جن ڪهاڻي ۽ بيانيي جي موت جهڙن اعلانن کي کنگهيو ئي ڪونه. جيستائين ادبي نظرين جو سوال آهي ته انهن جي ڄاڻ، سمجهه ۽ اطلاق خليق جهڙن محنتي ۽ محبتي ماڻهن جي سوچ ۽ قلم آسان بڻائن ٿا.

 

(خليق ٻگھيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي، ٻن قسطن ۾ کنيل)


خليق ٻگھيو منفرد نقاد

سندس ڪتاب جديد سنڌي ڪھاڻي اڀياس.

سرور سيف صاحب

جديد سنڌي ڪھاڻي محترم خليق ٻگھيو جو ٻيو ڪتاب آھي ھن کان اڳ سندس سندس تنقيد تي جامع ڪتاب “ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا” ۲۰۱۶ع ۾ ڇپيو جنھن وڏي پذيرائي حاصل ڪئي، ھن ڪتاب ۾ فاضل نقاد ڪھاڻي جو ڇيد ڪندي سنڌي ڪھاڻي جي ارتقا تي مختصر ويچار ونڊي ڏھن ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻي ڪتابن جو گھرو مطالعو ڪري انھن جو ايماندارانہ تنقيدي جائزو ورتو آھي ۽ ڪٿي بہ جانبدارانہ اظھار نہ ڪيو آھي ھن ھڪ بھترين نقاد جو ثبوت ڏنو آھي .ڏٺو وڃي تہ اسان وٽ سنڌي ادب ۾ تنقيد جي مد ۾ تمام گھٽ ڪم ٿيو آھي مثال طور پوئين دور ۾ ابراھيم خليل احسان بدوي ذوالفقار راشدي رسول بخش پليجو سائين گرامي صاحب فھميدہ حسين بدر ابڙو الھداد ٻوھيو محبت ٻرڙو ممتاز مھر تاج بلوچ سميت ڪجھ ئي نالا آھن جن ورھاڱي کان پوء ھن خال کي ڀريو پر موجودہ دور ۾ جتي دنيا ۾ ادب سميت تمام وڏيون گھڻيون ۽تڪڙيون تبديليون آيون، ۽تنقيد جا نوان زاويا ۽ رجحان متعارف ٿيا تڏھن ٻہ دوست اھڙا اڳتي آيا جن کاڻ ڀري ۽ ڪافي ڪم ڪيو جيڪي آھن ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري ۽ خليق ٻگھيو جن مختصر عرصي ۾ پاڻ ملھايو ۽ پاڻ کي سچيت نقاد طور مڃايو

تنقيد ڇا آھي جو جواب ھسٽري آف ڪرٽيسزم ۾ جيننٽس بري ڏيندي چئي ٿو تہ “تنقيد گھڻي حد تائين اھو ڪجھ آھي جنھن کي تنقيد جي منطقيانہ بيداري جي مشق چون ٿا جنھن ۾اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي تہ اھا ڪھڙي شيءآھي جيڪا ادب کي خوشگوار ۽ خوش آئيندہ بڻائي ٿي “مطلب اھو ٿيو تہ تنقيد تخليقي ادب جي رھنمائي ڪري ٿي تنقيد ڪندڙ يعني نقاد جا ڪجھ فرض مقرر آھن تہ ھو جيڪو لکي تخليقڪار ۽ پڙھندڙ ان مان فائدو حاصل ڪري ان سلسلي ۾.اسڪاٽ جيمس پنھنجي ڪتاب ميڪنگ آف لٽريچر ۾ نقاد جو فرض ڄاڻائيندي لکي ٿو تہ “نقاد اھو آھي جو ھر ڳالھ کي سمجھي سگھي ۽ ھر شيء جو اندر جي اکين سان مشاھدو ڪري ۽ ڪنھن بہ شيء کي نظر انداز نہ ڪري خواہ اھو سچ ھجي يا ڪوڙ اھا شيء ڪڙي ھجي يا مٺي ان جي مطالعي کان پوء ھو اھو سمجھي سگھي تہ چوڻ واري ڇا چيو آھي ڇا سمجھي چيو آھي ان بابت ڪھڙي راء قائم ڪئي اٿس”

پروفيسر احتشام ادب ۽ سماج ۾ لکي ٿو تہ ھڪ نقاد لاء لازم آھي تہ ھو اديب جي ذھني ساخت مزاج ۽ زندگي جي فلسفي کان واقف ھجي

ميٿنولڊ لکي ٿو تہ دنيا ۾ جيڪي سٺيون ڳالھيون معلوم ڪيون ويون آھن ۽ جي ڪجھ دنيا ۾ بھتر کان بھتر کان سوچيو ويو آھي تنقيد جو ڪم آھي انھن کي ڄاڻڻ ۽ ڄاڻي ٻين تائين پھچائڻ جيئن ھو نون خيالن جي تخليق ۾ مددگار ثابت ٿئي

خليق ٻگھيو خاموش پاڙھو آھي جنھن ڪوشش ڪري عالمي ادب جو مطالعو ڪيو آھي،جديد ادبي تحريڪن جو گھرو مطالعو ڪيو آھي ۽ پنھنجي تحريرن ۾ انھن کان استفادو بہ ڪيو آھي ۽ جڏھن ڪنھن تخليق تي تنقيدي راء ڏني آھي تہ ان ۾ رھنمائي جو عنصر غالب رھيو آھي ء ھڪ صراف طور شين يعني تخليقن کي تنقيد جي جديد گھرجن پٽاندڙ ڏٺو ۽ پرکيو آھي،زير نظر ڪتاب ۾ ۾ بہ سندس خاص حدف رھنمائي ڪرڻ آھي مٿين ڪتاب ۾ خليق منھنجي ڪتاب کير جھڙي ڪاري سميت سڀني مانوارن ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين جي فني گھرجن سٽاء زمان مڪان مقصديت ھاڪاري ناڪاري لاڙن خوش آئينده پھلوئن سماج تي پوندڙ اثرن تي دل کولي بحث ڪيو آھي جنھن ۾ ليکڪن جي آئندہ محتاط رھڻ جي تلقين آھي،منھنجي ڪتاب کير جھڙي ڪاري تي سندس ڪيل تنقيد جي مان آجيان ڪيان ٿو مثال طور ھو منھنجي ڪھاڻي بئنسري کان رائفل تائين ۾ راء ڏيندي چئي ٿو تہ ھن ڪھاڻي جي ٻولي جو اسلوب جاذب نظر پيارو ۽ پڙھندڙ کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ آھي اظھاريت بي ساخته آھي پر ڪھاڻي ۾ جھول بہ آھن تہ ڌاڙيلي ھيروازم جو ناڪاري غير ضروري پاسو بہ.

خليق صاحب منھنجي ڪيترين ئي ڪھاڻين کير جھڙي ڪاري ڪارو ماڻھو ڳا ڙھو دريا کوھيل کنڀ اسان نہ ماريو تي پنھنجي راء سان من بخشيو آھي اتي سندر سپنا ڀورا ڀورا مارل ڌيء ۽ ھيڏا ھاڃا تي وڏي ڇنڊ بہ ڪڍي آھي ۽ مان سندس راء کي اکين تي رکان ٿو ڇو جو مان محسوس ڪيان ٿو تہ خليق تنقيد ۾ سڀ فني گھرجون پوريون ڪري ٿو.

 

(ڏھاڙي ”روزاني سنڌ “ ۾ ۱۸ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


خليق ٻگهيي جي ڪتاب، “جديد سنڌي ڪھاڻي تنقيدي تجزياتي جائزو” تي سرسري نظر

مرتضيٰ ناز

سنڌي ادب ۾، خليق ٻگهيو هڪ اديب، شاعر ۽ نقاد طور سڃاتو وڃي ٿو. پر سندس ادبي سڃاڻپ جو اهم حوالو تنقيدنگاري آهي. هو سنڌي ادب کي تنقيد تي ٻه اهم ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جيتوڻيڪ سندس پھرئين ڪتاب کي ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي. پر سندس لکڻيءَ، تنقيدي انداز، مواد توڙي متن جي اعتبار کان سندس تنقيد نگاري اڃا اوسر جي مرحلي مان گذرندي محسوس ٿئي ٿي، جيڪا تنقيدي گِرپ، گھرائيءَ، وسعت ۽ اسٽبلٽيءَ طرف سفر ڪري رهي آهي.

 سنڌي ڪھاڻيءَ جي تنقيدي جائزي تي مشتمل سندس نئون ڪتاب، “جديد سنڌي ڪھاڻي تنقيدي ۽ تجزياتي جائزو” سندس تنقيدي شعور جي ارتقاءَ جي ساک ڀري رهيو آهي، جنھن مان اهو يقين پختو ٿي وڃي ٿو ته هيءُ ڪتاب پڻ موضوع، مواد توڙي تنقيدي اوک ڊوک جي لحاظ کان ايڪھين صديءَ جي سنڌي ڪھاڻيءَ جي فن ۽ موضوع بابت پنھنجي دور جو اهم ڪتاب ثابت ٿيندو.

پروف ريڊنگ دوران سندس نئين ڪتاب ۾ شامل سمورا تنقيدي مضمون منھنجي نظر مان نڪتل آهن. ڪتاب ۾ شامل سندس تنقيدي مضمونن تي نظر ڪندي، سندس ڪتاب جي باري ۾ هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ اچن ٿيون.

ڪتاب جو نالو:

 منھنجي ذاتي راءِ آهي ته، ڪتاب جو نالو “جديد سنڌي ڪھاڻي تنقيدي ۽ تجزياتي جائزو” بدران “ايڪھين صديءَ جي سنڌي ڪھاڻي: تنقيدي جائزو” هئڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته جديد ڪھاڻي، ان کي سڏڻ گهرجي، جيڪا پڙهندڙ کي نئين سوچ سان سرشار ڪري، سندس سوچ ۾ نئون تحرڪ ۽ نئون نقطه نظر پيدا ڪري. اها نواڻ ڪھاڻيءَ جي موضوع، اڻت، کڻت، اسلوب توڙي ان جي مختلف ترڪيبي جزن جي انوکائپ ۽ انفراديت ذريعي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ان اعتبار کان هن ڪتاب ۾ جن ڪھاڻين جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي، توڙي جو انھن ۾ جزوي طور تي جدت جو عنصر ضرور شامل آهي. پر ان جي باوجود، انھن مان اڪثر ڪھاڻين کي “جديد سنڌي ڪھاڻي” سڏڻ بدران ايڪھين صديءَ جي سنڌي ڪھاڻي سڏڻ وڌيڪ موزون آهي. انڪري کيس ايندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جن ڪھاڻين جي تنقيدي جائزي تي مشتمل مضمون شامل ڪرڻا آهن، انھن ڪھاڻين جي جديد هئڻ تي نظر رکڻ جي صلاح ڏجي ٿي.

تنقيدي تجزياتي جائزو:

مان سمجهان ٿو ته تنقيد جو اصطلاح پنھنجي اندر تجزياتي معني پڻ رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته تنقيد هڪ قسم جو تجزيو ئي ته هوندي آهي، جيڪا پنھنجي اظھار لاءِ، تجزياتي نوعيت جو ابلاغ چاهيندي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان “تنقيدي تجزياتي جائزو” لکون ٿا ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪا تنقيد غير تجزياتي به هوندي آهي ڇا؟ انڪري “تنقيدي تجزياتي جائزو” لکڻ بدران فقط “تنقيدي جائزو” لکڻ گهرجي، جنھن ۾ اصطلاحي طور تي تجزياتي لفظ جي معني پھريائين شامل آهي.

پروف:

پيارو خليق، هن ڪتاب جا سمورا مضمون هڪ هڪ ڪري پروف ريڊنگ لاءِ مون کي موڪليندو رهيو، جيئن ته کيس مضمون ڪنھن نه ڪنھن مخزن يا رسالي کي موڪلڻو هوندو هو، انڪري پاڻ چوندو هو ته، رات يا صبح تائين پروف ڏسي موڪلي ڏيو. پر مان زندگيءَ جي مصروفيتن ۽ وقت جي تنگيءَ باعث، انھن کي ڌيرج سان ڏسي نه سگهندو هئس. ڪڏهن ڪنھن سفر دوران يا ڪو مختصر وقت ملڻ تي سندس مضمون جا پروف موبائيل تي سيٽ ڪري کيس موڪلي ڇڏيندو هئس. ائين سندس ڪتاب ۾ شامل سمورن مضمونن جا پروف موبائيل فون تي چيڪ ٿيل آهن. ان جي باوجود مون کي ڪتاب ۾ ۸۵ سيڪڙو پروف درست نظر آيا آهن. البته ڪٿي ڪٿي وسرڳي ه بدران وينجني ھ نظر اچي ٿي، جيڪا ڪمپوٽر ۾ فونٽ جي مسئلي ڪري به ٿي سگهي ٿي.

مثال، “ماڻهو” کي “ماڻھو” ڪري لکيو ويو آهي. ان ريت ڪٿي ڪٿي غير ضروري لائين اسپيس ته ڪٿي وري گهربل لائين اسپيس به نه ڏني وئي آهي. پبلشر کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان کان علاوه ڪاما ۽ فل اسٽاپ جي بيھڪ جي نشانين جھڙين ننڍڙين درستگين لاءِ ڪتاب جي مسودي جي فائينل پروف ريڊنگ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جنھن ۾ ڪتاب بابت آيل راين سميت ڪتاب جي مجموعي مواد کي نظر مان ڪڍڻ نھايت ضروري هوندو آهي. انڪري پياري خليق کي گذارش آهي ته تنقيد جھڙي اهم موضوع ۽ مواد وارن ڪتابن جي فائينل پروف ريڊنگ ضروري ڪرائي.

ان قسم جي ننڍڙين اوڻاين جي باوجود هيءُ ڪتاب سنڌي تنقيد نگاريءَ ۾ هڪ روشن اميد جو پيش خيمو آهي، جنھن ذريعي سنڌي تنقيدنگاريءَ ۾ نون رجحانن متعارف ڪرائڻ جو ساهس ساريو ويو آهي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي مھاڳ هن ڪتاب جي ادبي اهميت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. مھڳ پڙهڻ سان ڪتاب جا اهم تنقيدي رخ ۽ ذاويا نروار ٿي وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊاڪٽر ساجده پروين ۽ ٻين لکارين جا مضمون پڻ ڪتاب جي اهميت ۽ ليکڪ جي شخصيت کي سمجهڻ ۾ ڪاگر محسوس ٿين ٿا.

هن ڪتاب جي سڀ کان اھم خوبي اها آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڪتاب، “شاه لطيف جي شاعري” کانپوءِ هن ڪتاب ذريعي سنڌي تنقيد نگاريءَ

۾ مغربي تنقيدي اصولن کي لاڳو ڪرڻ جي رجحان طرف ڌيان ڇڪايو ويو آهي، جنھن ذريعي سنڌي ڪھاڻيءَ جي نئين انداز سان اوک ڊوک ڪري، نت نئون تنقيدي مواد ۽ سنڌي ڪھاڻيءَ جا نوان رخ سامھون آڻن جي شعوري ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنھن سان سنڌي ڪھاڻيءَ کان علاوه مختلف ادبي صنفن جي نئين انداز سان تنقيدي جائزو وٺڻ جي رجحان کي هٿي ملندي. هن ڪتاب ۾ شامل تنقيدي مضمون مان اهو احساس پيدا ٿئي ٿو ته

خليق ٻگهئي جي تنقيد نگاريءَ تي اڪيڊمڪ تنقيدنگاريءَ جو اثر وڌيڪ نظر اچي ٿو.

هو جزوي طور تي پنھنجي تنقيدي جائزي ۾ ڪنھن نه ڪنھن تنقيدي رجحان يا لاڙي ۾ ان تنقيدي رجحان جو ارتقائي پسمنظر ۽ پئراميٽرس بيان ڪري، انھن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جو جائزو وٺي، نتيجن طرف وڌندي نظر اچي ٿو.

هن ڪتاب جي ٻي اهم خوبي اها آهي ته هن ڪتاب ذريعي سنڌي ادب ۾ نتيجن جي صورت ۾ جيڪو تنقيدي مواد شامل ڪيو ويو آهي، اهو نه صرف خليق جي تنقيدي شعور جو ثمر آهي، پر اهو باضابطه طور تي تنقيدي اصولن جي روشنيءَ ۾ ٿيل ڇنڊ ڇاڻ جو نتيجو آهي، جنھنڪري اهو وڌيڪ اعتبار جوڳو ۽ منفرد محسوس ٿئي ٿو. سچ ته پياري خليق جي هن رياضت ڀرئي تحقيقي ۽ تنقيدي پورهئي کي ڏسي، کيس دلي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن هو ائين ئي ثابت قدم رهيو ته هڪ ڏينھن سنڌي تنقيد نگاريءَ جي تمام مٿاهين پد تي بيٺل نظر ايندو.

 

(مرتضيٰ ناز جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment