Sunday, September 27, 2026

باب السلام ڪيڪ - منظور ڪوھيار

باب السلام ڪيڪ

(مختصر مختصر ڪهاڻي)

منظور ڪوھيار



بيڪري ۾ هڪ نئون ڪيڪ تيار ٿي چڪو هيو. ذائقي چکڻ لاءِ شهرِ ظلمات جي ھر بد ۽ نيڪ کي نينڍ ڏني وئي ته اچي شڪم پروري ڪري . هر هڪ پاڻ سان سالن جي نه ختم ٿيندڙ بک کنيون آيو هيو.

 ھڪ عفريت پڇيو، ”هن ڪيڪ جو نالو ڪهڙو رکيو اٿوَ؟“

Friday, September 18, 2026

ھوسڙا

ھوسڙا

منظور ڪوھيار



نسيم پارس گاد، ۲۰۲۶ع ۾ ڇپيل پنهنجين ڪهاڻين جو ڪتاب ”ھوسڙا“ پنهنجي سِر پاڻ اچي ”سعدي ٽائون“ ڏئي ويو. کيس شابس هجي، نه ته ڪنڊائتي ليکڪ کي ڪير ٿو پڇي، جيڪو نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾...

Saturday, September 12, 2026

ڊفينس ۾ باندي ٿيل ڪوسٽر! - محمد احسان لغاري

ڊفينس ۾ باندي ٿيل ڪوسٽر!

مختصر ڪھاڻي

محمد احسان لغاري



مان ڪنھن وي آءِ پي پروٽوڪول لاءِ نه ٺھي هئس. مان ڪنھن وزير، آفيسر يا جج جي اڳيان پويان سائرن وڄائيندي ڊوڙڻ واري چمڪندڙ پراڊو به نه هئس، جنھن لاءِ دربان ڊوڙي دروازا کولي ادب سان هٿ ٻڌي بيھندا آهن. مان ته رڳو هڪ سادي، سرڪاري ڪوسٽر آھيان؛ پر منھنجو مقصد ڪنھن به شاهي سواريءَ کان اتانھون ھو. مون کي غريب نياڻين جي خوابن کي پنھنجي سيني ۾ کڻي هلڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.

Tuesday, September 1, 2026

ڌرتيءَ جي ڌيءُ جاڳي ٿي - ذوالفقار ناصر ساريو

ڌرتيءَ جي ڌيءُ جاڳي ٿي

(مختصر ڪھاڻي)

ذوالفقار ناصر ساريو



”نرگس، سڀاڻي صبح جو آئون تنهنجو انتظار ڪندس. تون ضرورت آهر ڪجھ ڪپڙا، زيور ۽ روڪ رقم کڻجان. چوڪ تي اچي ڪاليج واري پوائنٽ ۾ نه چڙهجان. منهنجو انتظار ڪجانءِ. آئون گاڏي کڻي ايندس پوءِ انهيءَ ۾ اسين شهر مان نڪري ڪراچي هليا ھلنداسين. مون ڪراچيءَ ۾ هڪ دوست جي فليٽ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. نرگس مان توکان سواءِ رهي نٿو سگهان. بس اھو ئي آخري دڳ وڃي بچيو آهي جنهن تي هلندي اسين ٻئي هڪ ٿي وينداسين. پنهنجي هڪ الڳ جنت ٺاهينداسين ....  پوء اڳتي هلي حالتون صحيح ٿيون ته گهر وارن کي به مڃائي وٺنداسين. هو نيٺ اسان کي پنهنجو ڪري وٺندا. تون رڳو هاڻي همت ڪر. هيءُ آخري موقعو آهي. تنهنجو ڀاءُ به ٻاهر ويل آهي ۽ تون آسانيءَ سان اڪيلي ڪاليج واري پوائنٽ واري چوڪ تي اچي سگھين ٿي. مان تنهنجو انتظار ڪندس. تنهنجو پنهنجو پيار.“