ڊفينس ۾ باندي ٿيل ڪوسٽر!
مختصر ڪھاڻي
محمد احسان لغاري
مان
ڪنھن وي آءِ پي پروٽوڪول لاءِ نه ٺھي هئس. مان ڪنھن وزير، آفيسر يا جج جي اڳيان
پويان سائرن وڄائيندي ڊوڙڻ واري چمڪندڙ پراڊو به نه هئس، جنھن لاءِ دربان ڊوڙي
دروازا کولي ادب سان هٿ ٻڌي بيھندا آهن. مان ته رڳو هڪ سادي، سرڪاري ڪوسٽر آھيان؛
پر منھنجو مقصد ڪنھن به شاهي سواريءَ کان اتانھون ھو. مون کي غريب نياڻين جي خوابن
کي پنھنجي سيني ۾ کڻي هلڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.
لاڙڪاڻي
جون اهي باک ڦٽيءَ واريون صبحون اڃا تائين منھنجي وجود ۾ تازيون آهن. سج پنھنجون
اکيون پوريءَ طرح نه کوليندو هو ته منھنجو ڊرائيور چاچا شمس چاٻي ڦيرائيندو هو.
منھنجي انجڻ هڪ اڌ ڀيرو کنگهي، پنھنجي ئي کُرڪي تي گجگوڙ ڪري جاڳي پوندي هئي. پوءِ
لاڙڪاڻي جي مٽيءَ ڀريل گهٽين، نون ٺھيل موڙن ۽ گاڏن سان ڀريل چوڪن تي زندگيءَ کي
ڄڻ ساڻ کڻي ڊوڙندي ھئس. اهي نينگريون منھنجو انتظار ڪنديون هيون. ڪي پنھنجي پيرسن
پيءُسان، ڪي ماءُ جي دعائن جي ڇانوَ هيٺ، ته ڪي وري پنھنجن چادرن جي ويڪرن پاندن
کي ڇاتيءَ سان ڀڪوڙي، هڪ هٿ سان سئيءَ، ڌاڳي يا ڪمپيوٽر جي ڪتابن وارا ٿيلها سنڀاليندي،
منھنجي اچڻ جي آسري ڄڻ پٻن تي بيٺل ھونديون هيون.
اهي سڀ
ووڪيشنل يعني ھنري اسڪول جون شاگردياڻيون هيون. اهي سلائي، رڌپچاءُ، ڪڙهائي ڀرٿ،
ڊيزائيننگ ۽ ڪمپيوٽر جو فن سکڻ وينديون هيون؛ اهي هنر، جيڪي شايد سندن پيڙهيل طبقن
مان نڪرڻ ۽ پنھنجي پيرن تي بيھڻ جو واحد آسرو هئا.
انهن
ڇوڪرين لاءِ تعليم ڪا آسان چونڊ نه هئي؛ اها غربت، تنگ نظري ۽ خوف سان هڪ سخت
مھاڏو هئو. مان اها ڳالهه هر صبح محسوس ڪندي هئس. جڏهن به ڪا ڇوڪري منھنجي ڏاڪن تي
پير رکي اندر داخل ٿيندي هئي ۽ سيٽ تي ويھي هڪ ڊگهو، اطمينان ڀريل ساهه کڻندي هئي،
تڏهن مون کي سمجهه ۾ ايندو هو ته مان رڳو لوهه جو پڃرو ناهيان، مان انهن جي
آزاديءَ ۽ حفاظت جو هلندڙ ڦرندڙ قلعو آهيان. منھنجن دروازن اندر هو محفوظ ھيون. نه
ڪنھن بدسلوڪيءَ جو ڊپ، نه رستي تي بيٺل آوارا نگاھن جو عذاب، نه رڪشا واري سان
ڪراين تي بحث، ۽ نه وري پيءُ جي کيسي تي روزاني مسافريءَ جو اهو ڳرو بار، جنھن سبب
ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏينديون آهن. نينگرين لاءِ، ڄاڻ اٿم ته ھي
ڌرتي ڌرتتي ۽ ٽامڻي آھي!
مان
انهن کي سندن منزل ڏانھن کڻي هلندي هئس، ۽ سفر ۾ ھو مونسان پنھنجي دلين جا راز
کولي ويھنديون هيون.
هڪڙي
چوندي هئي: ”امان ويچاري ڪيئن ته پُورت ڪري، ابو ته ڪم کان ويھجي ويو آھي، مان
پھريون وڳو سبي پيءُ لاءِ دوا وٺنديس.“ ٻي ڪا ڪپڙي تي چمڪندڙ ٽڪ هڻندي چوندي هئي:
”مان جڏهن ڳوٺ موٽنديس ته پنھنجي پاڙي جي ڇوڪرين جو سينٽر کولي کين سيکارينديس.“
هڪڙي ڇوڪري اڪثر پنھنجي ڪمپيوٽر جي ڪاپي ورائي چوندي هئي: ”دنيا هاڻي هٿن جي
پورهئي کان اسڪرينن ڏانھن هلي وئي آهي، اسان پويان رهجي وياسين ته ڪڏهن به اڳتي نه
وڌي سگهنداسين.“ اهي غريب گهرن جون نياڻيون هيون، پر انهن جون اکيون ٻوجھل ھوندي به
بھتري جي خوابن سان ڀريل هيون.
پوءِ
هڪ ڏينھن، ڪنھن اڻڏٺي قلم سان هڪ بي رحم حڪم نامو جاري ٿيو. يا ٿيٖ سگهي ٿو ته ڪنھن
رڳو واتان ڪڍيو ھُجي.“ اھا ڪوسٽر ڪراچي ڪاھي اچو!”۔ ايئن مونکي لاڙڪاڻي مان تڙي ڪڍيو
ويو.
مون کي
آڻي ڊفينس فيز 8 جي هڪ ڪمرشل گهٽيءَ ۾ بيھاريو ويو. چوڌاري پنج ڇھه ماڙ فليٽ هئا؛
بنا ڪنھن جماليات جي، ماچيس جي دٻن جھڙيون بي ڊوليون اڏاوتون، جيڪي شايد ڊي ايڇ اي
جي ان بي روح ۽ پلاٽن کي پئسن ۾ تبديل ڪرڻ جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري رهيون هيون جتي
هر شئي رڳو ماپن ۽ نقشن تائين محدود هوندي آهي، پر زندگيءَ ۽ احساس جو ڪو نشان
ناهي هوندو! هتي سمنڊ جي کاري هوا جو لوڻ ته هو، پر منھنجي نياڻين جي پگهر ۽ خوابن
جو هڳاءُ ڪٿي به نه هو.
پھريان
ته مون سمجهيو مون جھڙي مسڪين ھنن جي ڪھڙي ڪم جي؛ مڙيئي ڪجهه ڏينھن ۾ مون مان جان
ڇڏائيندا۔ پر پوءِ هڪ ھفتو، ٻيو۔۔ مھينو، ھاڻ شايد ٻيو مھينو اچي پورو ٿيو آھي، يا
اڃا مٿي، مونکي ته ھاڻ ھر ڏينھن ساڳيو ٿو لڳي۔ چپ، سانت ۽ آئون... انهن ڪمرشل دٻن
جي پويان بيٺي رهيس. بلڪل خاموش، بيڪار ۽ لاوارث.
منھنجي
شيشن تي کاري دز جو ڄڻ تھ چڙھي ويو آھي۔ منھنجون اکيون بتيون ميرانجھڙيون ٿي ويون
آھن . سمنڊ جي گھميل هوا منھنجي چيسس کي کائڻ لڳي آ ۽ منھنجا ٽائر هڪ ئي پٿريلي دڳ
تي بيھي بيھي پنھنجي لچڪ جلد وڃائي ويھندا. هتي ڪنھن کي منھنجي ضرورت نه هئي، ڇو
ته هن علائقي ۾ ڪنھن غريب ڇوڪريءَ کي هنر سکڻ لاءِ نڪرڻو ئي نه هو. آهستي آهستي
مون سمجهي ورتو: مون کي ڪراچيءَ ان ڪري نه آندو ويو هو ته هتي منھنجي ڪا گهرج هئي؛
مون کي ان ڪري آندو ويو هو، ڇو ته ڪنھن بااختيار صاحبَ وٽ مون کي پنھنجي قبضي ۾
آڻڻ جي طاقت هئي.
اسان
جي نظام ۾ گاڏيون ضرورت جي پويان ناهن هلنديون، اهي طاقت ۽ قبضي جي پويان گھلبيون
آهن. اعليٰ عھديدار، وزير امير، سيڪريٽري يا بااثر خاندان؛ انهن لاءِ عوامي وسيلو
رڳو پنھنجي دٻدٻي جي نشاني هوندو آهي. مان ڪا وي آءِ پي سواري نه هئس، مان رڳو هڪ
عام ڪوسٽر هئس؛ پر طاقت جو منطق ئي انڌو آهي. اهو جڏهن نياڻين کان سندن حق کسي
پنھنجن بنگلن يا فليٽن اڳيان قيدي بڻائي ڇڏي، ته ان کي اختيار جو جشن سمجهيو ويندو
آهي.
راتين
جو جڏهن فيز 8 جون تجارتي گهٽيون خاموش ٿي وينديون آھن، تڏهن منھنجي اندر لاڙڪاڻي
جا معصوم آواز گونجندا آھن: ”چاچا! ذرا ترسو، شمع جي امڙ ٿيلهو ٿي پھچائي...“ ”اڄ
منھنجي ڪٽنگ جو امتحان آهي...“ ”ڊرائيور چاچا، پنج منٽ بيھجو، مان ليب مان فائل
کڻي اچان...“
اهي
آواز منھنجي بند ٿيل درين مان سوساٽ ڪندا مون تائين پھچن ٿا ۽ مون کي لوڏي ڇڏين
ٿا. ۽ مان سوچيندي آھيان: هاڻي انهن نياڻين سان ڇا ٿيو هوندو؟ ڇا انهن جا پيئر اڃا
کين هر مھيني ڳرا ڀاڙا ڀري اسڪول موڪلي سگهن ٿا؟ يا غربت کان اڳ غير محفوظ ھُجڻ جو
احساس کين گهر جي چوديواريءَ اندر قيد ڪري ڇڏيو هوندو؟
آئون ته
ٿيس بي جان بي زبان پر ھو به پٿر جا ٿي ويا آھن، جيڪي ادارا ۽ اسڪيمون جوڙيندا
آهن، اسٽيوٽا جھڙا ادارا وڏا بجيٽ رکي تربيتي مرڪزن جون رنگين رپورٽون ڇپائيندا
آهن، پر ڪاغذ اهو ڪڏهن به نٿا ڏيکارين ته تعليم جي دروازي تائين ويندڙ سواري اڄ
ڪراچيءَ جي ڪنڪريٽ بلاڪن اڳيان بي معنا ھٿ وٺي اپاھج ڪئي وئي آهي. تحفظ ۽ سواري ڪا
عياشي ناهي، اهو ته نياڻين لاءِ پڙهڻ جو پھريون بنيادي شرط آهي. جيڪڏهن سواري ئي
کسي وٺندؤ، ته پوءِ اهي هنر جا مرڪز ڪنھن لاءِ کوليا ويا آهن؟
مان
رڳو هڪ مشين آهيان. ؛ سڀاڻي اسڪريپ ٿي ويندس يا لاوارث ڍانچو- پر جيڪو سال، جيڪو
اعتماد ۽ جيڪي موقعا انهن معصوم ڇوڪرين کان سدائين لاءِ کسجي ويا، انهن جو ازالو
ڪير ڪندو؟ جيڪو زنگ انهن جي خوابن ۽ اميدن کي لڳي ويو، ان جي مرمت ڪهڙي ورڪشاپ ۾
ٿيندي؟
اڄ به
مان اتي ئي بيٺي آهيان. ڪراچيءَ جي سامونڊي هوا منهنجي لوهه کي ڳاري رهي آهي، پر
منهنجي دل اڃا تائين اتر طرف واجهائي رهي آهي.
مان
ڪنهن اهڙي هٿ جي اوسيئڙي ۾ آهيان، جيڪو اچي، هتان جي پٿريلي بي حسيءَ مان مون کي
آزاد ڪري، منهنجي اسٽيئرنگ تي هٿ رکي ۽ چاٻي ڦيرائي چوي: ”هل، لاڙڪاڻي جون نياڻيون
تنهنجو رستو پيون نهارين.“
ڇو ته
مان هتي بي جماليات عمارتن وچ ۾ ڳرڻ لاءِ نه، پر لاڙڪاڻي جي دز واري رستن تي ڊوڙڻ
لاءِ ٺهي هئس... ۽ اهي نياڻيون به گهرن ۾ مجبوريءَ ٿي ويهڻ لاءِ نه پر پنهنجي
خوابن پٺيان هلڻ لاءِ هيون؛ زندگي ۽ روشني ڏانھن ڊوڙڻ لاءِ.
ڊفينس
۾ باندي ٿيل ڪوسٽر!
(سارنگا ۾ ۱۲ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment