Showing posts with label ڊفينس ۾ باندي ٿيل ڪوسٽر، مختصر ڪھاڻي، محمد احسان لغاري،. Show all posts
Showing posts with label ڊفينس ۾ باندي ٿيل ڪوسٽر، مختصر ڪھاڻي، محمد احسان لغاري،. Show all posts

Saturday, September 12, 2026

ڊفينس ۾ باندي ٿيل ڪوسٽر! - محمد احسان لغاري

ڊفينس ۾ باندي ٿيل ڪوسٽر!

مختصر ڪھاڻي

محمد احسان لغاري



مان ڪنھن وي آءِ پي پروٽوڪول لاءِ نه ٺھي هئس. مان ڪنھن وزير، آفيسر يا جج جي اڳيان پويان سائرن وڄائيندي ڊوڙڻ واري چمڪندڙ پراڊو به نه هئس، جنھن لاءِ دربان ڊوڙي دروازا کولي ادب سان هٿ ٻڌي بيھندا آهن. مان ته رڳو هڪ سادي، سرڪاري ڪوسٽر آھيان؛ پر منھنجو مقصد ڪنھن به شاهي سواريءَ کان اتانھون ھو. مون کي غريب نياڻين جي خوابن کي پنھنجي سيني ۾ کڻي هلڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.