Tuesday, June 28, 2016

قديم خزاني جو نقشو نصرت رضا شيخ/ باقراڻي

قديم خزاني جو نقشو
نصرت رضا شيخ/ باقراڻي
علي رضا، نعيم، جميل ۽ خليل چار ئي پاڻ ۾ دوست هئا، سڀئي ساڳئي ڪلاس ۽ اسڪول ۾ پڙهندا ۽ هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، هڪ ڀيري اسڪول جي انتظاميا پاران سڀني ٻارن کي قديم قلعو گهمائڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو. هنن چئني ڄڻن به گهمڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ اها گهڙي به اچي وئي، جڏهن سڀ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪتا هو ڪل 50 شاگرد هئا ۽ انهن جي نگراني جي لاءِ پنج استاد ۽ ٽي گارڊ به مقرر ڪيا ويا هئا، قلعي تي پهچي هر هڪ استاد کي ڏهه، ڏهه ٻار سنڀالڻ لاءِ ڏنا ويا. هڪ هنڌ تي علي رضا، نعيم ۽ ٻين کي هڪڙي بورڊ تي ”ممنوع علائقو“ لکيل نظر آيو، جنهن جو صاف مطلب هو ته ان طرف وڃڻ سخت منع آهي، پر خبر ناهي خليل ڇا سوچيو جو هن جميل کي چيو ته اسان ان طرف ضرور وينداسين چار ئي ڄڻا استاد جي نظر کان بچي ان طرف وڃڻ لڳا اتي انهن کي هڪ هنڌ ڏاڪڻيون نظر آيون، جنهن کانپوءِ اهي چار ئي انهن ڏاڪڻين ذريعي هيٺ لٿا ته اتي هڪ تهه خانو ٺهيل هيو تهه خاني ۾ هنن کي هڪ کڏ نظر آئي، جو چار ان کڏ ذريعي ٻاهر نڪتا ته اتي هڪ وڏو باغ هيو، ايتري ۾ علي رضا جي پير سان ڪا شئي ٽڪرائجي وئي، هن ان کي کنيو ۽ ڏٺو ته اهو هڪ چمڙي جو ويڙهيل ٽڪرو هيو ۽ جڏهن هن اهو کوليو جيڪو هڪ مضبوط ڌاڳي سان ٻڌل هيو ته ڏٺائين ته ڪو نقشو آهي، جنهن ۾ هنڌ هنڌ تي رهنمائي جي لاءِ عربي ۾ ڪجهه لکيل هو. نعيم چيو ته لڳي ٿو ته هيءُ ڪنهن خزاني جو نقشوآهي، جنهن تي جميل چيس مون کي نه ٿو لڳي، في الحال اسان کي فورن ٻاهر نڪڙڻ گهرجي نه ته استاد اسان جي چهري جو نقشو نه بدلائي ڇڏي. علي رضا نقشو ٻيهر ويڙهي پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ چارئي کڏ مان ٻاهر نڪري آيا، اتفاق سان ڪنهن به ايتري دير سندس غائب رهڻ جو نوٽس نه ورتو.


ٻئي ڏينهن شام جو سڀئي علي رضا جي گهر گڏ ٿيا ۽ آخر فيصلو اهو ٿيو ته پروفيسر نديم کان نقشي بابت معلومات حاصل ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هو عربي جو پروفيسر هيو ۽ نقشي ۾ عربي لکيل هئي، جنهن کان پوءِ ڏينهن هو سڀئي پروفيسر نديم جي گهر پهچي ويا. نديم صاحب اخبار پڙهي رهيو هو، هن جڏهن چئني کي ڏٺو ته چيائين ته اچو ويهو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ هنن جواب ڏنس ته سائين ڪالهه اسان کي هڪ نقشو مليو هو، نعيم سڄي ڳالهه پروفيسر کي ٻڌائي ڇڏي. پروفيسر نديم کين چيو ته ڪٿي آهي، مون کي ڏيکاريو؟ علي رضا کيس نقشو ڏنو.
پروفيسر نديم ان نقشي کي ميز تي رکي ٿوري دير تائين غور سان ڏٺو ۽ ٻڌايائين ته هن نقشي ۾ ڪجهه هن ريت لکيل آهي مان پنهنجو نالو نه ٿو لکان ڇاڪاڻ ته مان شهرت نٿو چاهيان پر هي نقشو مون پاڻ ئي ٺاهيو آهي، هن کي مرڻ کان اڳ پنهنجي گل ناز باغ ۾ ڇڏي ويندس، جڏهن به ڪنهن کي ملي ته ان کي ڳولي اتي مون هڪ وڏو قيمتي خوانو سنڀالي رکيو آهي، جنهن جي قدر مان سڄي زندگي ڪندو رهيس ۽ هاڻ هن کي محفوظ ڪرڻ چاهيان ٿو، جيئن منهنجي مرڻ کانپوءِ هي ڪنهن جي ڪم اچي سگهي، هاڻ جڏهن مان مرڻ گهڙي تي آهيان ته الله تعاليٰ کان آخري دعا اها ئي آهي ته الله تعاليٰ هيءُ خزانو اهڙن هٿن ۾ پهچائي جيڪي هن جو قدر ڪن.
پروفيسر صاحب جي ڳالهه مڪمل ٿي ته سڀ ڏاڍا حيران ٿي ويا. علي رضا چيو ته ڪيڏو نه سٺو هجي جو هن خزاني ۾ وڏي تعداد ۾ ڪتاب هجن، ان تي تڪڙ ۾ جميل چيو ته ڪاش هن ۾ سيڊيون ۽ گيمز هجن، نيون شرٽون هجن. ان تي نعيم چيو ته نه بيوقوف اسان کي هيءُ تمام قديم نقشو مليو آهي، ان وقت اهو سڀ ڪجهه ڪٿي هو، نعيم جميل کي چرچو هنيو، چڱو اهو سڀ نه هوندو ته هيرا ته لازمي هوندا، منهنجو خيال آهي ته هن ۾ پراڻا بوٽ هوندا خليل پنهنجي راءِ ڏني، وري جميل چيو ته نه نه هن ۾ کائڻ پيئڻ جو شيون هونديون، تنهن تي سڀ کلڻ لڳا، ان تي خليل چيو ته سڀ کان وڏو بيوقوف ته تون آهين، ايتري عرصي تائين کائڻ پيئڻ جون شيون سلامت نه رهي سگهنديون، وري جميل کلندي چيو ته مان ته مذاق ڪري رهيو هيس، پوءِ سڀني پروفيسر صاحب کان پڇيو ته اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي، ته هن چيو ته منهنجي راءِ اها آهي ته هي نقشو اسان کي حڪومت جي حوالي ڪرڻ گهرجي. پروفيسر صاحب جي ڳالهه ٻڌي چار ئي ڄڻا ڏاڍا مايوس ٿيا، پروفيسر صاحب چيو ته چڱو پوءِ ائين ٿا ڪريون ته اسين پنج ئي ڄڻا گڏجي خزانو ڳوليون ٿا پر مان توهان جي مدد ۽ رهنمائي ان شرط تي ڪندس جو خزانو ملڻ کانپوءِ اسين هن کي حڪومت جي حوالي ڪنداسين، ٺيڪ آهي؟! اسان سڀني کي منظور آهي. سڀني گڏجي چيو ته ٺيڪ آهي اسان کي اوهان جي ڳالهه منظور آهي. ٻئي ڏينهن سڀئي نقشي جي هدايت مطابق قلعي ۾ ان هنڌ تي پهتا، يعني منع ٿيل علائقي ۾. هتان کان ئي اهي سڀئي کڏ مان ٿيندا باغ ۾ پهتا، جتي ڪيترا ئي وڻ هئا هاڻ نقشي جي هدايت موجب هنن کي هڪ کوکلو وڻ ڳولڻو هو، هنن کي اهو وڻ به نظر آيو، اهو هڪ تمام پراڻو وڻ هيو، هن باغ ۾ ميون جا به وڻ هئا، هو سڀ ڊوڙندا ان وڻ وٽ پهتا ته وڻ هن کان پري ٿي ويو، هو سڀئي جيئن جيئن ان وڻ طرف وڌن تيئن تيئن وڻ پري ٿيندو وڃي. نعيم چيو ته اوهان سڀ اتي ئي بيهو مان ٿو ڏسان ته آخر معاملو ڇا آهي. پوءِ نعيم جيئن ئي اڪيلو ان وڻ جي ويجهو پهتو ته وڻ پري نه ٿيو، پر نعيم کوکلي وڻ جي اندر هليو ويو پروفيسر صاحب هن ٻڌايو هيو ته هيٺ وڃي ٿوري کوٽائي ڪرڻي آهي پوءِ خزاني جي صندوق نظر اچي ويندي. نعيم ائين ئي ڪري صندوق کي ٻاهر ڪڍيو. انهن سڀني جڏهن ان صندوق کي کولي ڏٺو ته ان ۾ قديم سائنسدانن ۽ دانشورن جا قديم ڪتاب هئا، نعيم وڻ جي اندر ئي ويهي انهن کي ڏسڻ لڳو ان مان هڪ ڪتاب حضرت لقمان حڪيم جي نسخن جو هيو، جڏهن ته ٻيو ڪتاب شيخ سعدي جي پيارين ڳالهين تي مشتمل هيو، جڏهن ته البيروني جي تجربن، بو علي سينا جي ڪماليت تي مشتمل ڪتاب به مليا. ان موقعي تي نعيم ڪتاب ڏسي خوش ٿي رهيو هو ته ۽ پروفيسر به باقي ٻارن سان گڏ اندر آيو، هن خزانو ڏسي چيو ته توهان سڀني کي خبر آهي ته خزانو اسان کي صرف نعيم جي ڪري ئي مليو آهي، ڇاڪاڻ ته شايد ئي ڪو هن جي ايڏي قدر ڪري جيتري نعيم ڪري رهيو آهي، ايتري ۾ نعيم پروفيسر صاحب جي ويجهو آيو ۽ چيائين اوهان مهرباني ڪري هنن سڀني ڪتابن جي فوٽو ڪاپي ڪرائي ڏيو، پوءِ توهان ڀلي حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو، نديم صاحب چيو ٺيڪ آهي. پوءِ هنن ان خزاني کي حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو. حڪومت هنن جي بهادري ڏسي کين ٻه ٻه لک رپيا انعام طور ڏنا ۽ سڀئي خوش ٿي گهر روانا ٿيا.

ٻئي ڏينهن سڀئي نقشي جي هدايت مطابق قلعي ۾ ان هنڌ تي پهتا، يعني منع ٿيل علائقي ۾. هتان کان ئي اهي سڀئي کڏ مان ٿيندا باغ ۾ پهتا، جتي ڪيترا ئي وڻ هئا هاڻ نقشي جي هدايت موجب هنن کي هڪ کوکلو وڻ ڳولڻو هو، هنن کي اهو وڻ به نظر آيو، اهو هڪ تمام پراڻو وڻ هيو، هن باغ ۾ ميون جا به وڻ هئا، هو سڀ ڊوڙندا ان وڻ وٽ پهتا ته وڻ هن کان پري ٿي ويو، هو سڀئي جيئن جيئن ان وڻ طرف وڌن تيئن تيئن وڻ پري ٿيندو وڃي. نعيم چيو ته اوهان سڀ اتي ئي بيهو مان ٿو ڏسان ته آخر معاملو ڇا آهي. پوءِ نعيم جيئن ئي اڪيلو ان وڻ جي ويجهو پهتو ته وڻ پري نه ٿيو، پر نعيم کوکلي وڻ جي اندر هليو ويو پروفيسر صاحب هن ٻڌايو هيو ته هيٺ وڃي ٿوري کوٽائي ڪرڻي آهي پوءِ خزاني جي صندوق نظر اچي ويندي. نعيم ائين ئي ڪري صندوق کي ٻاهر ڪڍيو. انهن سڀني جڏهن ان صندوق کي کولي ڏٺو ته ان ۾ قديم سائنسدانن ۽ دانشورن جا قديم ڪتاب هئا، نعيم وڻ جي اندر ئي ويهي انهن کي ڏسڻ لڳو ان مان هڪ ڪتاب حضرت لقمان حڪيم جي نسخن جو هيو، جڏهن ته ٻيو ڪتاب شيخ سعدي جي پيارين ڳالهين تي مشتمل هيو، جڏهن ته البيروني جي تجربن، بو علي سينا جي ڪماليت تي مشتمل ڪتاب به مليا. ان موقعي تي نعيم ڪتاب ڏسي خوش ٿي رهيو هو ته ۽ پروفيسر به باقي ٻارن سان گڏ اندر آيو، هن خزانو ڏسي چيو ته توهان سڀني کي خبر آهي ته خزانو اسان کي صرف نعيم جي ڪري ئي مليو آهي، ڇاڪاڻ ته شايد ئي ڪو هن جي ايڏي قدر ڪري جيتري نعيم ڪري رهيو آهي، ايتري ۾ نعيم پروفيسر صاحب جي ويجهو آيو ۽ چيائين اوهان مهرباني ڪري هنن سڀني ڪتابن جي فوٽو ڪاپي ڪرائي ڏيو، پوءِ توهان ڀلي حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو، نديم صاحب چيو ٺيڪ آهي. پوءِ هنن ان خزاني کي حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو. حڪومت هنن جي بهادري ڏسي کين ٻه ٻه لک رپيا انعام طور ڏنا ۽ سڀئي خوش ٿي گهر روانا ٿيا.

No comments:

Post a Comment