Thursday, June 16, 2016

نٺر نينگر - حبيب الله رحيم بخش مرزا

نٺر نينگر
حبيب الله رحيم بخش مرزا
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي، مان تڏهن حيدرآباد واري ’گورنمينٽ هاءِ اسڪول‘ ۾ ماستر هوندو هئس. اسان جو هيڊ ماستر هڪ قابل ۽ شريف استاد هوندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، مون کي سڏائي چيائين: ”ادا، هينئر مون کي انسپيڪٽر آف اسڪولس وٽان فون آئي آهي، اُن صاحب کي جناب ڪمشنر صاحب حڪم ڪيو آهي، ته سندس بنگلي تي اهڙو ڪو استاد موڪلي جو تجربي وارو ماڻهو هجي ۽ جنهن کي سنڌي ٻولي چڱيءَ طرح سان ايندي هجي.“ وڌيڪ چيائين ته: ”منهنجي مرضي آهي، ته اوهان ئي اهو ڪم سرانجام ڏيو.“


مون کي ڏاڍو تعجب لڳو. تجربي وارا ۽ سنڌي زبان جا ڄاڻو ته گهڻائي استاد هئا. پوءِ مون کي ان ڪم لاءِ ڇو منتخب ڪيو ويو هو! بهرحال مون پنهنجي محسن هيڊ ماستر صاحب کان ائين پڇيو، ته؛ ”آخر ڪهڙو سبب هو، جو ڪمشنر صاحب مون کي پنهنجي بنگلي تي سڏائي رهيو هو؟ پر هن صاحب ان جو ڪو به خاطر خواهه جواب نه ڏنو.
مون کي اچي هورا کورا لڳي، سو مون کيس ائين عرض ڪيو، ته؛ ”مون کي ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر سان فون تي ڳالهرايو وڃي، ته مان ساڻس ڳالهايان.“
هيڊ ماستر فون ڪئي، پوءِ فون رکي چيائين: ”انسپيڪٽر صاحب اوهان سان نه ٿو ڳالهائي، باقي ائين چوي ٿو، ته اوهين ضرور ايندا.“
هڪ ٻيو استاد جو اتي سائنس پڙهائيندو هو، ۽ منهنجو دوست به هو، تنهن چيو: ”ادا، هڪ اهڙي استاد کي ان لاءِ طلب ڪيو ويندو آهي، جو هُو ڪجهه سمجهائي، يا سيکاري. اوهان استاد آهيو، مان ته ائين چوندس ته اوهان وڏي ٺاٺ سان وڃو، ٿي سگهي ٿو، ته ان ۾ ڪا فائدي جي ڳالهه هجي.“
ڪمشنر صاحب جو بنگلو ڪافي پري هو. مون کي اوڏانهن ئي وڃڻ لاءِ چيو ويو هو. مون هڪ ٽانگو ڀاڙي تي ڪيو ۽ هيڊ ماستر صاحب کان اجازت وٺي، جناب ڪمشنر صاحب جي بنگلي جو رخ ڪيم. ان مهل ڏينهن جا يارنهن يا ٻارنهن وڳا هئا ۽ ڏينهن به ڏاڍو گرم هو.
بنگلي تي پهچڻ کان پوءِ معلوم ٿيم، ته صاحب بهادر ڪيڏانهن ٻاهر هليو ويو آهي. مون کي ٻڌايو ويو، ته مان سندس ’نائڪ‘ سان ملان ۽ ڪجهه دير لاءِ انتظار ڪريان. مون ائين ئي ڪيو. ڪمشنر صاحب جي بنگلي جي اُڀرندي طرف هڪ ننڍي ڪوٺي ٺهيل هئي. شايد ڪنهن زماني ۾ اهو طنبيلو ٺهيل هو. مون کي ان طرف اماڻيو ويو. ڇا ڏسان ته چند ماڻهو، جي ظاهريءَ طرح عرضدار هئا، ان ڪوٺيءَ ۾ ويٺا هئا. ڪوٺيءَ ۾ ٻه-چار پراڻيون ڪرسيون ۽ هڪ آرام ڪرسي رکيل هئي مان هڪ ڪرسيءَ تان مٽي ڇنڊي ويهي رهيس.
ٿوريءَ دير کان پوءِ، صاحب جو نائڪ آيو. کيس مٿي تي خاڪي رنگ جو پٽڪو، اڇي ميري قميص ۽ خاڪي شلوار پيل هئي. مون سان ائين ڳالهائڻ لڳو، جيئن ڪو پوليس آفيسر ڳالهائيندو هجي. مون ٻڌايومانس، ته؛ ”مان پاڻ نه آيو آهيان، مون کي هتي گهرايو ويو آهي.“
پوءِ ٿورڙو سوچي چيائين: ”هائو هائو، مون سمجهيو. اوهان ماستر صاحب آهيو. اوهان کي صاحب بهادر جي ننڍي فرزند کي پاڙهڻ لاءِ گهرايو ويو آهي. ٺيڪ ٺيڪ، اوهين انتظار ڪريو، مان اچان ٿو.“
شايد نائڪ کي وڏي صاحب جي ماني ٽڪيءَ جو انتظام ڪرڻو هو، جو هو اتان اُٿي پرڀرو، بورچيخاني جي طرف ويو هليو. مان ان پراڻيءَ ڪرسيءَ تي پُــٺي ٽيڪي آرام ڪرڻ لڳس. پنجن ستن منٽن کان پوءِ وري نائڪ آيو ۽ منهنجي ڀر ۾ اچي ويٺو. هاڻي سندس ورتاءُ هڪ پوليس واري جهڙو نه هو. هاڻي هو کِــلي کِــلي ڳالهائي رهيو هو. مون کي چيائين: ”سائين، منهنجو به هڪ پُــٽڙو آهي، اهو پڙهندو آهي، جي اوهان کيس ٽيوشن ڏيو، ته واهه واهه ٿي وڃي.“
مون کي عجب به لڳو ۽ خار به آيم. منهن ۾ گنڊ وجهي چيم: ”مان ڪنهن کي ٽيوشن نه ڏيندو آهيان.“ وڌيڪ چيم: ”جيڪڏهن وڏو صاحب گهر ۾ نه آهي، ته مان واپس وڃان ٿو. منهنجو هتي ويهڻ ضروري نه آهي.“
تڏهن يڪدم چيائين: ”سائين خفي نه ٿيو. صاحب نه آهي ته ڇا ٿيو، اسين جو ويٺا آهيون. اسين اوهان جا خادم آهيون.“
سمجهيو هوندائين، ته هڪڙو شريف ماڻهو ملي ويو اٿم. ڪم از ڪم پٽ جي لاءِ ٽيوشن جو ڪم ته کانئس وٺان. يڪايڪ بنگلي جي طرف کان کيس سڏ ٿيو. ان مهل هڪ موٽر به اچي گيٽ وٽ بيٺي. ان مان صاحب وڏي جا ڪِـــڪا ۽ ڪڪيون لٿا، جي ڪتابن جا بُـــجڪا لوڏيندا اندر بنگلي ۾ آيا.
نائڪ اٿيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ وري واپس آيو. اچڻ سان چيائين: ”سائين اُٿو، هلو.“
مون پڇيومانس: ”ڪيڏانهن هلان.“
جواب ڏنائين: ”اندر بنگلي ۾“.
مون چيو: ”صاحب ڪونهي. مان اندر نه ويندس.“
ڏٺم ته بنگلي جي اڳ واري دروازي وٽ هڪ عورت بيٺي هئي. شايد صاحب جي بيگم هئي. مون ڏي ائين نهاري رهي هئي، ڄڻ ته سڏ ٿي ڪيائين.
مان اٿيس، سندس ويجهو آيس. انگريزيءَ ۾ چيم: ”آ هاءِ اسڪول جو ٽيچر آهيان. مون کي هتي گهرايو ويو آهي.“
بيگم صاحبا جهڙي صورت جي موچاري هئي، اهڙي طبع جي چڱي ٿي ڏٺي. مون کي اندر وٺي ويئي ۽ وڃي هڪ ڪمري ۾ وهاريائين. اهو ڪمرو ٻين ڪمرن کان ذرا ننڍو ٿي لڳو، شايد اڀياس جو ڪمرو هو. مون کي ويهاري مائي ڪيڏانهن وئي هلي. مان اڪيلو ويٺو رهيس.
ٿوري دير کان پوءِ مائي صاحبا هڪ ستن اٺن ورهين جي نينگر کي پاڻ سان گڏ وٺي آئي. نينگر کي منهنجي ڀر ۾ ويهاري چيائين: ”ماستر صاحب، هن کي سنڌي نه ٿي اچي. اوهين سندس مدد ڪريو. کيس ڪجهه قدر سنڌي سبق سمجهايو.“
مون ڇوڪر کان هڪ ٻه سوال پڇيا ۽ ائين چيم، ته هو ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيو هو. هن پنهنجي ٿيلهي مان ’سنڌي ٻاراڻو ڪتاب‘ ڪڍي منهنجي اڳيان رکيو. مون سوچيو، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب کي پاڙهڻ لاءِ جناب ڪمشنر صاحب کي ڪيتري نه تڪليف وٺڻي پئي. اسڪول جي انسپيڪٽر کي فون ڪيائين ۽ ان کان هڪ استاد جون خدمتون ورتائين وغيره. وري خيال ڪيم ته ڪو ٻيو ماڻهو هٿ لڳين ها، ته ڏاڍو چڱو ٿئي ها.
مان جو هتان ڏاڍي ٺٺ سان سنڀري آيو هئس سو ڪتاب کولي ڇوڪر کي سيکارڻ لڳس. ڇوڪر به ڪو ڏنگو نينگر هو. امالڪ، قميص لاهي کڻي اڇلايائين. مون پڇيومانس: ”قميص ڇو لاٿي اٿئي؟“
يڪدم انگريزي ۾ چيائين:
Sir, it’s too hot”“
خيال ڪيم ڪرسچن اسڪول جو ڪِــڪو آهي. هن سان جيڪڏهن حرفت سان پيش نه اچبو، ته ڳالهه نه ٺهندي. سو مان کيس ڏاڍي بردباريءَ سان سيکارڻ لڳس. ان وچ ۾ ڇوڪر جي ماءُ اٿي ڪيڏانهن هلي وئي هئي.
مون محسوس ڪيو ته برابر گرمي هئي. اڃ به ڏاڍي لڳي هئم، ته به مان هڪ هڪ ڪري ان ننڍي ڪتاب جا سبق، نينگر کي پاڙهڻ لڳس.
جان ڏسان ته ڀر واري ڪمري ۾ شيشي جي پٺيان ڪو ماڻهو بيٺو آهي، ۽ اسان کي ڏسي رهيو آهي. اها ڇوڪر جي ماءُ ۽ وڏي صاحب جي بيگم هئي. شايد مائيءَ تسلي ٿي ڪئي، ته واقعي ڇوڪر پڙهي رهيو آهي. ڀلا، هڪ ڪمشنر جي بيگم هئي. ٻين سڀني کي پنهنجو زيردست ٿي سمجهيائين. ڪم از ڪم مون ائين محسوس ڪيو هو.
مان ته پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئس. پهريان پنج کن سبق تڪڙا تڪڙا پاڙهي ويس. پوءِ ٿڪجي پيس. سمجهيم ته ان مهل ٻه کن وڳا هئا. ڇوڪر کان پڇيم: ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ جواب ۾ شايد ’احمد علي‘ يا ’علي احمد‘ نالو ٻڌايائين.
مان وري کيس پاڙهڻ لڳس، ته نه اها بيگم صاحبا ڏسڻ ۾ آئي، نه وري اهو نائڪ ٿي نظر آيم. ائين محسوس ڪيم، ته هتي اچي ڦاٿو هئس. وڏي ڳالهه ته ماني کائڻ جو وقت ٿي چُــڪو هو. پڪ هئم ته جتي آيو هئس اُتي چانهه ته پري جي ڳالهه پر، پاڻيءَ جي گلاس جي به اميد نه هئم. ڏاڍو ششدر ٿيس. جيڪا اميد رکي آيو هئس، اها ڳالهه ته وئي اوجهڙ ۾.
ڇوڪر اهڙو ڏنگو، جو جهڙوڪر سڄو ڪتاب ياد هئس، جنهن شيءِ جي معنيٰ پڇانس چئي: ”ها، ها. مون کي معنيٰ اچي ٿي“. پڪ ته پنهنجن استادن کي ڏاڍو تنگ ڪيو هوندائين. آيس ڪجهه به ڪين ٿي. پاڙهيندي پاڙهيندي هڪ لفظ تي اچي بيهي رهيس. ان جو بدل مون کي انگريزيءَ ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو، اهو لفظ ”سينهو“ هو. نينگر کي سمجهائڻ لاءِ جنسي، مٿي تي رومال ويڙهي رکيم ۽ چيم ته: ”اهڙي شيءِ رکي مٿان دلو يا دلي رکي ويندي آهي. هُـو پوءِ به نه پيو سمجهي. نيٺ ائين چئي مون کي خوش ڪيائين: ”هائو سائين مون اهو ڏٺو آهي. اڳتي پاڙهيو.“
مان ڇوڪر کي پاڙهيان به پيو ۽ هيڏي هوڏي به پيو ڏسان. ڊپ هئم متان ڪنهن دريءَ جي شيشي مان ڪو منهنجي ”سي آءِ ڊي“ نه ڪندو هجي. ڀلا اهڙو ڪمرو هو، جنهن کي چئني طرفن کان آدم قد شيشا لڳل هئا.
مس مس بيگم صاحبا آئي. مون کيس ايندو ڏسي يڪدم ٽپڙ ويڙهيا. اُٿي بيٺس ۽ چيم :”هاڻي آءُ وڃان ٿو.“
هُـــن ڪو به جواب ڪين ڏنو.
ويندي ويندي چيم: ”ڇا، سڀاڻي به اچان؟“
تنهن تي چيائين: ”نه اوهان وري تڪليف نه ڪندا.“
مون به ائين چيو: ”اوهان جي ڪڪي کي ته گهڻو ئي ڪي اچي ٿو، ڏاڍو ذهين نينگر آهي. سچ پچ کيس ٽيوشن جي ڪا به ضرورت ڪانهي.“
ائين چئي مان بنگلي کان ٻاهر آيس. اڳ کان نائڪ منهنجو رستو روڪيو بيٺو هو. مون کي ڏسڻ سان چيائين: ”سائين منهنجي پـٽڙي جي به پارت اٿوَ. اوهان سان پيا وهنداسين.“

دل ۾ خيال ڪيم، گاڏيءَ جو ڀاڙو ته ويو. هاڻي ڀڄي جند ڇڏايان متان ڪنهن ڏچي ۾ نه پوان. سو نائڪ کي نڪو ڪيم ها نڪو ڪيم نھ. پنهنجو ٿيلهو ڪڇ ۾ ڪري پنهنجي گهر جو رستو ورتم.

No comments:

Post a Comment