Saturday, June 25, 2016

عمر جو راز - نور گهلو

عمر جو راز
ڪالم ڪهاڻي
نور گهلو
چوندا آهن مرد کان پگهار ۽ عورت کان عمر ناهي پڇبي، ڇاڪاڻ ته مرد پنهنجي زال کانسواءِ ٻين سڀني کي پنهنجي پگهار وڌيڪ ٻڌائيندو آهي ۽ عورت پنهنجي عمر هميشه گهٽ ٻڌائيندي آهي، ٻيو ته ٺهيو، پر عورت پنهنجو پاڻ کان به پنهنجي عمر لڪائيندي آهي ۽ جهوني گلوڪاره ملڪه پکراج جي ڳاتل گيت وانگر پوڙهي ٿيڻ باوجود ”اڀي تو مين جوان هون“ جهونگاريندي رهندي آهي.


عمر جي معاملي ۾ عورت هميشه ڪامپليڪس ۾ هوندي آهي ۽ ان معاملي ۾ ڏاڍي حساس پڻ هوندي آهي، تنهنڪري عورت کان عمر پڇڻ، ائين آهي ڄڻ ڪتي جي پڇ تي پير اچڻ، تنهنڪري ڪتي جي چڪ جي چوڏهن سُين (انجيڪشن) کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته اهڙي جرئت ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي، بلڪ عورت کي هميشه جوان، اڃا به نوجوان ۽ حسين هجڻ جو احساس ائين ڏيارڻ گهرجي جيئن ڪو به آئينو عورت کي اهو ناهي چوندو ته تون حسين نه آهين. عورت کي اهڙو احساس ڏيارڻ سان گهر ۽ سماج ۾ ماحول خوشگوار رهڻ سان گڏ زال جي نظرن ۾ مرد جي عزت ۽ وقار به بلند رهي ٿو.
جيڪڏهن عورت، هڪ ته پڇندي ڪانه، پر جيڪڏهن ڪا بولڊ عورت بولڊنيس جو مظاهرو ڪندي سندس عمر جو اندازو لڳائڻ لاءِ پڇي به ويهي ته اسانجي حالت به، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ان اناڙي ميمبر جهڙي ٿي ويندي جيڪو اهو فيصلو ڪري نه سگهندو آهي ته بم کي ناڪارا ڪرڻ لاءِ نيري، ڳاڙهي، سائي يا پيلي رنگ جي تار ڪاٽجي. تنهن ڪري عورت جي عمر جي موضوع تي ڳالهائڻ جي جرئت اسان جي ڪانهي، ڇاڪاڻ ته اڳيان زال سان به منهن ڏيڻو آهي. هونءَ به عورت دنيا جي اها واحد پراڊڪٽ آهي جيڪا ميڊيا، سياست ۽ جڊيشريءَ جو مڪسچر آهي جنهن سان پڄڻ توهان اسانجي جاءِ ناهي ۽ نه ئي وري عورت جي عمر اسانجو موضوع ۽ مسئلو آهي، تنهنڪري عورتن کي سدائين جوان ۽ حسين رهڻ جي دعا ڪندي ان حاڪم اعليٰ جي عمر بابت ريسرچ ڪنداسين جنهن جي ڄم سرٽيفڪيٽ، جي خبر هڪ راز آهي، اهڙي طرح سندس بايو ڊيٽا ۽ ٻين ڊگرين ۾ به ڄم جي تاريخ جو خانو غائب آهي جنهن ڳالهه سڀني کي پريشان ڪري وڌو آهي ۽ هاڻي ته ٽي وي چئنلن تي به ان بابت ذڪر ڪيو پيو وڃي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي، آثار قديم جي ماهرن کي ٽاڪ شوز ۾ گهرائي، هن جي عمر بابت ڪو اندازو لڳائي سگهجي.
چوندا آهن، بيوٽي پارلر مان ڪا خوبصورت ڇوڪري/عورت ٻاهر نڪرندي ڏسو ته دوکو نه کائجو، ٿي سگهي ٿو اها اسانجي ناني يا ڏاڏي هجي، بلڪل اهڙي طرح هن حاڪم اعليٰ جي عمر جي باري ۾ ڪنفيوزن آهي، اسان ته ٺهيو پر جڳ مشهور وڪي پيڊيا به ان معاملي ۾ ڪنفيوز آهي ته آخر هن جي عمر ڇا هي؟؟؟
جيترا وات اوتريون ڳالهيون، چوڻ وارا ته ائين به چون ٿا ته هو ڄمندي ڄام آهي، چون ٿا ته جڏهن هو ڄائو هو تڏهن هن کي رانديڪي وارو قلمدان ڏنو ويو هو، جيڪو وقت سان گڏ بدلجي اصلي حاڪم اعليٰ وارو قلمدان بڻجي ويو. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته جڏهن هو هڙاپا مان پرائمري تعليم حاصل ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ موهن جو دڙو آيو ته تعليمي اداري جي پرنسپل سندس باڊي لئنگويج کي ڏسندي پيشن گوئي ڪئي ته ”هي ڇوڪرو وڏو ٿي حاڪم اعليٰ ٿيندو.“ موهن جي دڙي جي تعليمي اداري جي پرنسپال جي اُها پيشن گوئي ايترو ته صحيح نڪتي جو هو نه رڳو هڪ ڀيرو، پر حاڪم اعليٰ ٿيڻ جي هيٽ ٽرڪ ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيائين. جڏهن پرنسپل کي سندس ٽيون ڀيرو حاڪم اعليٰ ٿيڻ جي خبر پئي ته هن خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ ڇڏيل خط ۾ لکيائين ته ”ان کان اڳ جو هو چوٿون ڀيرو حاڪم اعليٰ ٿي منهنجي ميرٽ سان گڏ نوجوانن جي ميرٽ جو ستياناس ڪري ڇڏي، مان مرڻ پسند ڪيان ٿو. مان پنهنجي موت جو پاڻ ذميوار آهيان، ڪنهن ٻئي شريف ماڻهو کي سياسي يا ذاتي بنيادن تي منهنجي موت جو ذميوار قرار ڏئي پريـشان نه ڪرڻ گهرجي. بقلم خود.
چون ٿا ته جڏهن هو ٽيون ڀيرو حاڪم اعليٰ ٿيو ته مڪلي جي قبرستان ۾ روحن خوشيءَ مان ڀنگڙا ڊانس ڪئي هئي ۽ مصر جي احرامن ۾ ممين هو جمالو تي ڊانڊيا ڊانس ڪندي جهمريون پاتيون هيون اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه مميز جي گوڏن جي هڏين ۾ فريڪچر اچي ويا هئا. هن حوالي سان ياد آيو ته تاريخ جي گم ٿيل يا سازش.
جن جو علاج سرڪاري خرچ تي ٿر جي ڪنهن اسپتال ۾ ڪرايو ويو. خبر ناهي ته اُهي جيئرا آهن يا نه، ڇو ته ٿر جي اسپتالن ۾ زندگيءَ بدران موت رقص ڪندو آهي.
تحت گم ڪرايل تاريخ جي ورقن مان خبر پئي ته جڏهن فرعون اول ڄائو هو تڏهن هي حاڪم اعليٰ مئٽرڪ ۾ پڙهندو هو، تنهنڪري مورخن جي اڳ ۾ بيان ڪيل ان ڳالهه کي رد ڪيو ويو ته فرعون اول هن جو ڪلاس فيلو هو.
ڪن حلقن جو خيال آهي ته جڏهن هو اسڪول ۾ پڙهندو هو، تڏهن نصاب ۾ تاريخ جو مضمون شامل ڪو نه هئو يعني ائين چئي سگهجي ٿو ته سندس پئداش جو زمانو تاريخ کان اڳ وارو دور هئو. ٿي سگهي ٿو، اهو ڊائناسورز جو زمانو هجي، جو ڪجهه ماهرن جو اهو خيال آهي ته هن صاحب کي بيبي ڊائنوسارز جا پيمپرز بدلائيندي ڏٺو ويو هو.
ڪنهن شخص اخباري ٻولي وانگر نالي ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سڪندر اعظم، جڏهن وات ڳاڙهو ڇوڪرو سڪندر ئي هيو تڏهن هي صاحب هن سان ڏيڪي-ڏڪر جنهن کي اٽي-ڏڪر به چئبو آهي کيڏندو هئو. ڪن محققن جو وري اهو خيال آهي ته جڏهن سر سيد احمد خان ڄائو هو تڏهن هن همراهه کي ان اسپتال جي آسپاس ڏٺو ويو هو. اسپتال ۾ هُو ڇا پيو ڪري؟ اُها هڪ راز جي ڳالهه آهي. ٿي سگهي ٿو وارڊ بواءِ جي عشق ۾ اسپتال جو طواف ڪندو هجي يا ڪو نئون ڄاول ٻار چورائڻ جي چڪر ۾ هجي.

ڪجهه شرارتي محققن جي خيال ۾ هي صاحب ليٽ نائيٽ پارٽين ۾ مرزا غالب سان گڏ هوندو هو. مرزا غالب پنهنجي پسند جو ”ٺرو“ پيئندو هئو ته هي صاحب وري گرين وهسڪيءَ سان شوق فرمائيندو هئو. آخر ۾ ڪن صاحبن کان اهو به ٻڌو ويو ته هي ٽيليفون ايجاد ڪندڙ سائنسدان گراهم بيل کي مس ڪالون ڏئي پريشان ڪندو هئو. بهرحال ڪجهه به هجي. سندس عمر جي ان حقيقت جي خبر يا ته کيس هوندي يا وري الله سائينءَ کي. اسان کي ته اها به خبر پئي آهي ته جيئن اثاثا لڪائڻ سان ماڻهو آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهل ٿي وڃي ٿو، تيئن هن صاحب جا دشمن اليڪشن ڪميشن ۾ عمر لڪائڻ جي گناھ ۾ 62 ۽ 63 کيس تحت نااهل قرار ڏيڻ لاءِ درخواست ڏيڻ وارا آهن.

No comments:

Post a Comment