Sunday, June 26, 2016

بادشاهه ۽ پادري - مراد علي مرزا

بادشاهه ۽ پادري
انگلستان جي ڪهاڻي
سنڌيڪار: مراد علي مرزا
ڪنهن زماني ۾ انگلستان (برطانيا) تي هڪڙو بادشاهه حڪومت ڪندو هو. بادشاهه جو نالو ’جان‘ هو. اهو بادشاهه ظالم ۽ حاسد هوندو هو. هو سمجهندو هو، ته سڄي انگلستان ۾ مون کان سواءِ نه ڪنهن وٽ دولت هجي ۽ نه عزت! هِن کي جيڪڏهن ڪنهن شخص تي شڪ ٿيندو هو، ته ماڻهو هُــن جي عزت ڪن ٿا ۽ هُــن جي ڳالهه مڃن ٿا، ته پوءِ بادشاهه انهيءَ شخص جو دشمن ٿي پوندو هو ۽ هُــن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو.


هڪڙي ڀيري بادشاهه کي خبر پئي، ته ڪنٽربريءَ جي وڏي پادريءَ وٽ تمام گهڻو ڌن دولت آهي. هن پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ عاليشان گهر ٺهرايو آهي ۽ هڪ سؤ ماڻهو نوڪر رکيا اٿس، جيڪي چيلهه سان سونا ڪمربند ٻڌن ٿا. انهيءَ کان سواءِ گهر ۾ هُــن تمام قيمتي سامان به گڏ ڪيو آهي. اهي ڳالهيون ٻڌي بادشاهه ’جان‘ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو پادريءَ سان حسد ڪرڻ لڳو. نيٺ هڪ ڏينهن هِن پادريءَ کي گهرايو ۽ چيائين: ”پادري! مون ٻڌو آهي، ته تنهنجو گهر منهنجي محل کان به وڏو آهي، ڇا اها ڳالهه سچي آهي؟“
پادريءَ هٿ ادب سان ٻڌي چيو ته: ”بادشاهه سلامت! اهو نسورو ڪوڙ آهي. سڀيئي ڄاڻن ٿا، ته آءُ ايترو دولتمند ڪونه آهيان. آءُ پنهنجي ڪمائيءَ کان سواءِ ٻئي جو پيسو به پاڻ تي خرچ ڪرڻ گناهه سمجهان ٿو“.
بادشاهه ’جان‘ وراڻيو ته: ”ڇا تون اهو چوڻ گهرين ٿو، ته آءُ ٻين جي دولت خرچ ڪريان ٿو؟ سمجهين ٿو ته ائين چئي، تو منهنجي بي عزتي ڪئي آهي، پر اهڙيءَ گستاخيءَ جي سزا موت آهي.“
پادري اهو ٻڌي گوڏن ڀر ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو: ”بادشاهه سلامت! منهنجو مطلب هرگز اهو نه هو. مون ته رڳو ايترو چوڻ گهريو، ته ماڻهو مون بابت غلط ڳالهيون ڪندا رهن ٿا.“
پر بادشاهه ڪاوڙ وچان وراڻيو: ”انهيءَ هوندي به مون کي تنهنجي ڳالهائڻ جو طريقو بلڪل نٿو وڻي. انهيءَ جي توکي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر آءُ توکي هڪڙو موقعو ڏيان ٿو. جيڪڏهن تون منهنجن ٽن سوالن جا صحيح جواب ڏيندين، ته تو کي ڇڏي ڏبو، نه ته توکي قتل ڪيو ويندو.“
ويچارو پادري ڪري به ڇا ٿي سگهيو. تنهن ڪري هٿ ٻڌي چوڻ لڳو: ”بادشاهه سلامت! آءُ ڪوشش ڪندس.“
بادشاهه چيو ته :”پهريون سوال هيءُ آهي، ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟ هڪڙي هڪڙي پيسي جو حساب ڪري ٻڌائجانءِ. ٻيو سوال هي آهي، ته  جيڪڏهن آءُ گهوڙي تي سوار ٿي سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان ته گهٽ ۾ گهٽ ڪيترو وقت لڳندو؟ ٽيون سوال هيءُ آهي، ته هن وقت آءُ ڇا پيو سوچيان؟“
اهي سوال اهڙا، ته ڏکيا هئا جو انهن مان ڪنهن هڪ جو به جواب ڏيڻ پادريءَ جي وس جي ڳالهه نه هئي. تنهنڪري هن وري به گوڏن ڀر ڪري سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت گهري. بادشاهه ’جان‘ پادري کي مهلت ڏني ۽ پادري ســڌو آڪسفورڊ ويو، جتي وڏي يونيورسـٽي آهي ۽ وڏا عالم ۽ قابل ماڻهو رهن ٿا، پر اُتي به ڪنهن بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڏنا. اهڙيءَ طرح پادري ويچارو ڦيريون ڏيندو رهيو، پر ڪٿي به کيس ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو، جيڪو بادشاهه جي سوالن جا جواب ڏيئي سگهي. ٽن هفتن جي مهلت کي ختم ٿيڻ ۾ باقي ڪي ٻه ٽي ڏينهن وڃي رهيا هئا.  پادري مورڳو پنهنجي زندگيءَ مان اچي بيزار ٿيو هو ۽ ڏاڍو اٻاڻڪو ۽ اُداس ٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. گهر ڏانهن ايندي رستي ۾ هن کي هڪڙو چارڻ مليو، جيڪو هن جا چوپايا چاريندو هو. چارڻ جو پادريءَ کي ملول ڏٺو، سو ادب سان سلام ڪري پڇڻ لڳو: ”سائين! بادشاهه جي درٻار جي ڪا خبر چار ڪريو.“
”خبر ڏاڍي خراب آهي“. پادريءَ وراڻيو: ”منهنجي حياتيءَ جا باقي ٽي ڏينهن وڃي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن ٽن ڏينهن ۾ آءُ بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڳولي سگهيس، ته پوءِ منهنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“
چارڻ پڇيو: ”سائين! اهي ڪهڙا سوال آهن؟“
پادريءَ هن کي بادشاهه جا ٽئي سوال ٻڌايا. چارڻ سوال ٻڌي چيو: ”سائين! اوهين ڪا به ڳڻتي نه ڪريو. اوهان ٻڌو ڪونهي، ته ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ماڻهو به عقل جي ڳالهه ڪندا آهن. اوهان مون کي پنهنجو گهوڙو، پنهنجو لباس ۽ چار نوڪر ڏجو. آ اوهان جا ڪپڙا پائي بادشاهه وٽ ويندس ۽ سندس سوالن جا جواب ڏيندس.“
پادريءَ کي اها ڳالهه نه وڻي، ته هڪ اڻپڙهيل چارڻ سندس لباس پائي. هن ويچار ڪيو، ته جن سوالن جا جواب هو پاڻ نه ڏئي سگهيو، اهي سوال جيڪڏهن هڪ چارڻ ڀڃي ٻڌائيندو، ته پوءِ اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه چئبي، پر لاچاري هئي، تنهنڪري چارڻ جي ڳالهه مڃي پادريءَ هن کي پنهنجا ڪپڙا، گهوڙو، ڪي پيسا ۽ نوڪر ساڻ ڏنا ۽ پاڻ گهر هليو ويو.
چارڻ پادريءَ جو ويس ٺاهي شهر ويو ۽ بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه هن کي پادري سمجهي منهن ئي ڪو نه ڏنو ۽ سختيءَ سان چيائين ته: ”سڀاڻي درٻار ۾ سڀني جي اڳيان تو کي منهنجي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن تو صحيح جواب ڏنا، ته توکي آزاد ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن تو غلط جواب ڏنا، ته تو کي قتل ڪرايو ويندو.“
ٻئي ڏينهن درٻار لڳي. سڀئي وزير ۽ امير پنهنجين پنهنجين جاين تي ٿي ويٺا. ايتري ۾ چارڻ کي حاضر ڪيو ويو، جيڪو پادريءَ جي ويس ۾ آيو هو، هن جي پٺيان جلاد ترار کنيو بيٺو هو. بادشاهه به چارڻ کي پادري پئي سمجهيو. چارڻ گوڏن ڀر جهُـڪي سلام ڪيو ۽ چيو ته: ”بادشاهه سلامت! آءُ حاضر آهيان.“
بادشاهه چيو: ”چڱو هاڻي منهنجي پهرئين سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟“
چارڻ جواب ڏنو ته: ”بادشاهه سلامت انهيءَ جو جواب ته ڏاڍو سولو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪو سِڪو ساوَرَن هلي ٿو، ان ۾ ويهه شلنگ ٿين ٿا ۽ ٻيو جيڪو  سِڪو ڪرائون آهي، ان ۾ پنج شلنگ ٿين ٿا، جيڪڏهن ساورن مان هڪ ڪرائون گهٽائجي، ته باقي پندرنهن شلنگ بچن ٿا، پر اوهان جي سر تي تاج به آهي، تنهنڪري اوهان جي قيمت هڪ ساورن ۽ هڪ ڪرائون جيتري ٿي يعني ڪل پنجويهه شلنگ.“
ڳالهه هيءَ آهي، ته انگريزي ٻوليءَ ۾ ساورن بادشاهه کي چوندا آهن ۽ ڪرائون تاج کي. انهيءَ کان سواءِ ساورن ۽ ڪرائون اتي جي سڪن جا نالا به آهن. چارڻ انهن سڪن جي قيمت جوڙي بادشاهه سندس تاج جي قيمت ٻڌائي.
بادشاهه چارڻ جو جواب ٻڌي کلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو: ”مون کي خبر نه هئي، ته منهنجي قيمت ايتري ٿوري آهي، پر خير تو حساب بلڪل ٺيڪ ڪيو آهي. تنهنڪري اهو جواب قبول ڪيو وڃي ٿو. هاڻي ٻئي سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ، ته جيڪڏهن آءُ گهوڙي تي چڙهي، سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان، ته ڪيترو وقت لڳندو؟“
چارڻ جواب ڏنو ته: ”بادشاهه سلامت ان جو جواب به تمام سولو آهي. جنهن وقت سج نڪري، تنهن وقت اوهين به گوڙي تي چڙهي سج سان گڏوگڏ هلندا هلو. پر اوهان جي رفتار، نه سج کان وڌي، نه گهٽجي. اهڙيءَ ريت اوهان چوويهن ڪلاڪن ۾ سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻي سگهون ٿا.“
اهو جواب ٻڌي بادشاهه وري کلڻ لڳو ۽ چيائين ته: ”تون سچ ٿو چوين. دنيا جي چڪر هڻڻ جو اهو ئي هڪ طريقو آهي. پر هاڻي ٽيون ۽ سڀني کان ڏکيو سوال آهي. ٻڌاءِ ته آءُ هن وقت ڇا پيو سوچيان؟“
چارڻ چيو ته: ”بادشاهه سلامت! اهو ته سڀني کان تمام سولو سوال آهي. اوهين سوچيو پيا، ته آءُ ڪنٽربريءَ جو وڏو پادري آهيان، پر آءُ حقيقت ۾ هڪڙو غريب چارڻ ۽ پادريءَ جو نوڪر آهيان ۽ بادشاهه سلامت کي عرض ڪيا ٿو، ته پادريءَ جي جان بخش ڪريو.“
ائين چئي چارڻ پادريءَ جا ڪپڙا لاهي ڇڏيا. اهو تماشو ڏسي دربار جا سڀئي وزير ۽ امير کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا. بادشاهه ’جان‘ کي پهرين ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، ته هڪڙي چارڻ کيس بيوقوف بڻايو، پر وري هو به کلڻ لڳو، آخر خوش ٿي بادشاهه، پادريءَ کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ چارڻ کي انعام ڏئي روانو ڪيو.
”خبر ڏاڍي خراب آهي“. پادريءَ وراڻيو: ”منهنجي حياتيءَ جا باقي ٽي ڏينهن وڃي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن ٽن ڏينهن ۾ آءُ بادشاهه جي سوالن جا جواب نه ڳولي سگهيس، ته پوءِ منهنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“
چارڻ پڇيو: .سائين! ”اهي ڪهڙا سوال آهن؟“
پادريءَ هن کي بادشاهه جا ٽئي سوال ٻڌايا. چارڻ سوال ٻڌي چيو: ”سائين! اوهين ڪابه ڳڻتي نه ڪريو. اوهاب ٻڌو ڪونهي، ته ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ماڻهو به عقل جي ڳالهه ڪندا آهن. اوهان مون کي پنهنجو گهوڙو، پنهنجو لباس ۽ چار نوڪر ڏجو. آءُ اوهان جا ڪپڙا پائي بادشاهه وٽ ويندس ۽ سندس سوالن جا جواب ڏيندس.“
پادريءَ کي اها ڳالهه نه وڻي، ته هڪ اڻپڙهيل چارڻ سندس لباس پائي. هن ويچار ڪيو، ته جن سوالن جا جواب هو پاڻ نه ڏئي سگهيو، اهي سوال جيڪڏهن هڪ چارڻ ڀڃي ٻڌائيندو، ته پوءِ اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه چئبي، پر لاچاري هئي، تنهنڪري چارڻ جي ڳالهه مڃي پادريءَ هن کي پنهنجا ڪپڙا، گهوڙو، ڪي پيسا ۽ نوڪر ساڻ ڏنا ۽ پاڻ گهر هليو ويو.
چارڻ پادريءَ جو ويس ٺاهي شهر ويو ۽ بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه هن کي پادري سمجهي منهن ئي ڪو نه ڏنو ۽ سختيءَ سان چيائين ته :”سڀاڻي درٻار ۾ سڀني جي اڳيان تو کي منهنجي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا. جيڪڏهن تو صحيح جواب ڏنا، ته توکي آزاد ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن تو غلط جواب ڏنا، ته تو کي قتل ڪرايو ويندو.“
ٻئي ڏينهن درٻار لڳي. سڀئي وزير ۽ امير پنهنجين پنهنجين جاين تي ٿي ويٺا. ايتري ۾ چارڻ کي حاضر ڪيو ويو، جيڪو پادريءَ جي ويس ۾ آيو هو، هن جي پٺيان جلاد ترار کنيو بيٺو هو. بادشاهه به چارڻ کي پادري پئي سمجهيو. چارڻ گوڏن ڀر جهُـڪي سلام ڪيو ۽ چيو ته :”بادشاهه سلامت! آءُ حاضر آهيان.“
بادشاهه چيو: ”چڱو هاڻي منهنجي پهرئين سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ ته منهنجي قيمت ڪيتري آهي؟“
چارڻ جواب ڏنو ته :”بادشاهه سلامت انهيءَ جو جواب ته ڏاڍو سولو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيڪو سِڪو ساوَرَن هلي ٿو، ان ۾ ويهه شلنگ ٿين ٿا ۽ ٻيو جيڪو  سِڪو ڪرائون آهي، ان ۾ پنج شلنگ ٿين ٿا، جيڪڏهن ساورن مان هڪ ڪرائون گهٽائجي، ته باقي پندرنهن شلنگ بچن ٿا، پر اوهان جي سر تي تاج به آهي، تنهنڪري اوهان جي قيمت هڪ ساورن ۽ هڪ ڪرائون جيتري ٿي يعني ڪل پنجويهه شلنگ.“
ڳالهه هيءَ آهي، ته انگريزي ٻوليءَ ۾ ساورن بادشاهه کي چوندا آهن ۽ ڪرائون تاج کي. انهيءَ کان سواءِ ساورن ۽ ڪرائون اتي جي سڪن جا نالا به آهن. چارڻ انهن سڪن جي قيمت جوڙي بادشاهه سندس تاج جي قيمت ٻڌائي.
بادشاهه چارڻ جو جواب ٻڌي کلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو: ”مون کي خبر نه هئي، ته منهنجي قيمت ايتري ٿوري آهي، پر خير تو حساب بلڪل ٺيڪ ڪيو آهي. تنهنڪري اهو جواب قبول ڪيو وڃي ٿو. هاڻي ٻئي سوال جو جواب ڏي ۽ ٻڌاءِ، ته جيڪڏهن آءُ گهوڙي تي چڙهي، سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻان، ته ڪيترو وقت لڳندو؟“
چارڻ جواب ڏنو ته: ”بادشاهه سلامت ان جو جواب به تمام سولو آهي. جنهن وقت سج نڪري، تنهن وقت اوهين به گوڙي تي چڙهي سج سان گڏوگڏ هلندا هلو. پر اوهان جي رفتار، نه سج کان وڌي، نه گهٽجي. اهڙيءَ ريت اوهان چوويهن ڪلاڪن ۾ سڄيءَ دنيا جو چڪر هڻي سگهون ٿا.“
اهو جواب ٻڌي بادشاهه وري کلڻ لڳو ۽ چيائين ته : ”تون سچ ٿو چوين. دنيا جي چڪر هڻڻ جو اهو ئي هڪ طريقو آهي. پر هاڻي ٽيون ۽ سڀني کان ڏکيو سوال آهي. ٻڌاءِ ته آءُ هن وقت ڇا پيو سوچيان؟“
چارڻ چيو ته: ”بادشاهه سلامت! اهو ته سڀني کان تمام سولو سوال آهي. اوهين سوچيو پيا، ته آءُ ڪنٽربريءَ جو وڏو پادري آهيان، پر آءُ حقيقت ۾ هڪڙو غريب چارڻ ۽ پادريءَ جو نوڪر آهيان ۽ بادشاهه سلامت کي عرض ڪيا ٿو، ته پادريءَ جي جان بخش ڪريو.“

ائين چئي چارڻ پادريءَ جا ڪپڙا لاهي ڇڏيا. اهو تماشو ڏسي دربار جا سڀئي وزير ۽ امير کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا. بادشاهه ’جان‘ کي پهرين ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، ته هڪڙي چارڻ کيس بيوقوف بڻايو، پر وري هو به کلڻ لڳو، آخر خوش ٿي بادشاهه، پادريءَ کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ چارڻ کي انعام ڏئي روانو ڪيو.

No comments:

Post a Comment