بادشاهه ۽ پادري
انگلستان جي ڪهاڻي
سنڌيڪار: مراد علي
مرزا
ڪنهن زماني ۾ انگلستان (برطانيا)
تي هڪڙو بادشاهه حڪومت ڪندو هو. بادشاهه جو نالو ’جان‘ هو. اهو بادشاهه ظالم ۽ حاسد
هوندو هو. هو سمجهندو هو، ته سڄي انگلستان ۾ مون کان سواءِ نه ڪنهن وٽ دولت هجي ۽ نه
عزت! هِن کي جيڪڏهن ڪنهن شخص تي شڪ ٿيندو هو، ته ماڻهو هُــن جي عزت ڪن ٿا ۽ هُــن
جي ڳالهه مڃن ٿا، ته پوءِ بادشاهه انهيءَ شخص جو دشمن ٿي پوندو هو ۽ هُــن تي ڏاڍا
ظلم ڪندو هو.
