Friday, May 27, 2016

ٽڙيل پکڙيل - اندرا شبنم پوناوالا

ٽڙيل پکڙيل
ڪهاڻي
اندرا شبنم پوناوالا
هلو . . . هلو . . . مان فون تي ڪندي رهيس . . . فون تي ڪنهن انگلش ۾ ڳالهايو. هلو جي جواب کانپوءِ مون سنڌيءَ ۾ پڇيو؛ “توهين سنڌي آهيو؟”
جواب وري به انگلش ۾ آيو؛ “ييس”.
مون چيو؛ “گهر ۾ ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ آهي؟”
هن چيو؛ “ها، منهنجي سس 70 سالن جي. اڄ ڪلهه ڪنهن کي سنڌي ٿي اچي.” هوءَ سڀ ڪجهه انگريزيءَ ۾ ئي ڳالهائي رهي هئي. “ترسو، مان سس کي سڏيان ٿي، پر تون ڪير آهين؟”


مون پنهنجو نالو ٻڌايو.
هن پڇيو، “تون به سنڌي آهين؟”
مون چيو؛ “ها”.
“منهنجي سسُ جيتري؟”
مون چيو؛ “نه!” ۽ هن کي پنهنجي عمر ٻڌائي.
“اڙي، تو کي سنڌي ڪيئن ٿي اچي؟ هن پاسي رهي به.“
مون کليو . . ۽ چيو؛ “پنهنجيءَ مميءَ کي سڏ!”
هن ڪنهن کي نياپو ڏنو سڏڻ لاءِ، پر هن جي دلچسپي رهجي ويئي. هن کي سنڌي نه پئي اچي. هن پنهنجو نالو نيتو ٻڌايو.
جيستائين سنڌي سسُ اچي، تيستائين اسان جي وارتالاپ انگلش ۾ هلي رهي هئي. . . هن پڇيو؛ “تو کي سنڌي ان لاءِ ٿي اچي جو تون سنڌي ميڊيم ۾ پڙهينءَ؟”
مون قبوليو.
هوءَ يعني نيتو، منهنجي سنڌي ميڊيم ۾ هئڻ جو ٻڌي ڄڻ ته خوش ٿي ۽ تمام نخريلي آواز ۾ چيائين؛ “اوهه، مان ته فلاڻي فلاڻي ڪانوينٽ مان پڙهيل آهيان. اِن ڪري ئي منهنجا اُچار به آمريڪين جهڙا آهن . . . .”
مون سندس لهجي کي ساراهيو. هوءَ تمام خوش ٿي ويئي ۽ ايتري ۾ سندس ٻڍي سسُ شايد فون اڳيان آئي ۽ هن سان نيتوءَ هنديءَ ۾ ڳالهايو ۽ مون کي فون تي چيائين؛ “ڇا ڪيان منهنجي سسُ کي انگلش نه ايندي آهي. سو ٽٽل ڦٽل هنديءَ ۾ ڳالهائيندي آهيانس. نوڪرياڻيءَ لاءِ مرهٽي ٿوري ٿوري سکي آهيان ۽ سسُ لاءِ هندي.” ۽ نيتوءَ سسُ کي فون ڏيندي چيو؛ “ممي، ڪا سنڌي مائي آهي، جا توسان سنڌي ۾ ڳالهائڻ ٿي چاهي، مان هن کي ڪو نه سڃاڻان.”
ڪنهن جي هٿ ۾ فون هو، “هلو، هلو؟” مون پيار وچان چيو؛ “امڙ ڪيئن آهيو؟”
الائي ڇا مون چيو . . . . فون تي مون کي سڏڪا ٻڌڻ ۾ آيا ۽ سڏڪن جي وچ ۾ هڪ جهيڻو ڌڏندڙ آواز حب سان ڀريل، “تون امڙ چيو . . تون سنڌي ڳالهائي؟ . . منهنجو به هنيانءُ ڀرجي آيو، اڻ ڏٺل، اڻ سڃاتل پنهنجيءَ سڳيءَ امان جي عمر جهڙي استريءَ جي واتان اُن گهڙيءَ اُهي الفاظ ٻڌي ۽ امڙ اکر جو مٺاس ۽ سندس تاثير ڏسي.
آخر اسان ٻنهي پاڻ کي سنڀاليو. هن پڇيو؛ “تون ڪير آهين؟ سنڌي ڳالهائڻ ڇو ٿي چاهين؟ ڪيتري عمر اٿيئي؟ نالو وغيره . . .”
سوالن پٺيان سوال . .
مون اُنهيءَ ٻڍيءَ امڙ کي سڀ ڪجهه ٻڌايو ۽ باقي سنڌي ڳالهائڻ جو مقصد ٻڌائڻ لاءِ مون چيو؛ “امان! ويجهو ته رهندا آهيو، ڇا گهر به نه گهرائيندا؟” هن چيو؛ “ڇو نه دل! نيتو گهر جو پتو ٻڌائيندءِ، مون کي ته رستا وغيره به خبر نه آهن. موتئي بندوءَ جي آپريشن جڏو ڪري ڇڏيو آهي، پر اسان جو بنگلو تمام وڏو آهي، تو کي فون نمبر ڪٿان مليو؟”
مون چيو؛ ”ڊائريڪٽريءَ مان سڀني سنڌين جا فون نمبر هٿ ڪيا آهن.“
پڇيائين؛ “ڇو؟ ڇا ڪندينءَ سڀني سنڌين سان گڏجي؟ چندو ڪٺو ڪرڻو اٿيئي؟ ڪنهن سنڌي سنسٿا جو ميمبر بڻائڻو اٿيئي؟ ڇا ڪرڻو اٿيئي؟ هن ايراضيءَ ۾ جٿي سڀ مرهٽا رهن، سنڌي رهندا آهن ڇا؟ گهڻا سنڌي گهر آهن؟”
مون کلي چيو؛ “امڙ 39 گهر، پر سڀ ٽڙيل پکڙيل، هڪ ٻئي جي وجود کان بي خبر. هڪڙا مراٺا ٽائيپ سنڌي، هڪڙا هندي ميڊيم ٽائيپ سنڌي. هڪڙا انگريزي ٽائيپ، ساري انگلش ميڊيم ٽائيپ سنڌي. سنڌي ناهن ڄڻ ته ڪي ميڊيمس آهن. ٻولين جا، پاڻ کي ڪهن به رنگ ۾ رنگيندڙ سنڌي ايترا ته رنگجي ٿا وڃن جو سندن اصلوڪو رنگ ڪهڙو، سو به خبر نه پوي.”
ٻئي پاسي ڪو به آواز نه ٻڌي مان، سمجهي ويس؛ ٻڍي امڙ کي منهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون. سو تڙتڪڙ ۾ چيم؛ “امڙ، پوءِ نُنهن کي چئو، مون کي ائڊريس ڏئي، مان سڀاڻي گهر ايندس ۽ خوب ڳالهيون ڪنداسين.”
ٻئي ڏينهن مقرر ڪيل وقت موجب، مون گهر ۾ قدم رکيو. وڏو شاندار باغ، طرح طرح جا گل هئا اُن باغ ۾. اُتي مون گُلن جي وچ ۾، گُلن جيان ٽڙندڙ هڪ مکڙو ڏٺو، هن مرڪيو، مون به . . . . هن مرڪي هٿ وڌايو ۽ انگريزيءَ ۾ چيو؛ مان نيتو. ۽ مان توهان کي ڏسي وائڙي ٿي ويئي آهيان. فون تي ڳالهائيندي ائين محسوس ٿيو، کاڌيءَ جي ساڙهي پائيندڙ، جوڙو ۽ تلڪ، وڏو پيشانيءَ تي، ڪا سماج سڌارڪ هوندي، پر تون ته مون وانگر پيئي لڳين. ماڊرن ۽ . . . .”
مون هن جي جملي کي لڄ وچان ڪٽي ورتو؛ “اندر هلڻ لاءِ نه چوندينءَ. هتان ئي وڃان.”
هن هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ سواگت ڪيو. اندر هلندي هلندي، مون پنهنجي پرس مان جهولي لال جو فوٽو ڪڍيو ۽ هن کي ڏيندي چيو؛ “گفٽ تو لاءِ”
هوءَ ڪجهه هڪي ٻڪي ٿي ويئي، ٿئنڪس ته چيائين . . . . .
“ديدي . . . . . ” مون چيو.
“هون”
“مان ڪجهه توهان کان پڇان بُرو ته نه لڳندو؟” مون چيو.
“بلڪل نه.”
ديدي، هيءَ ڪنهن جي تصوير آهي؟”
مون بي اعتباريءَ سان هن ڏانهن نهاريو.
هن جي اکين ۾ معصوميت هئي، . . .
منهنجي وات ۾ ڄڻ ڪؤڙاڻ ڀرجي ويئي. سنڌي ۽ سنڌيت جي نالي تي. پر ظاهري مرڪندي چيو، “لعل سائين، جهولي لعل، جل ديوتا، سنڌين جو ديوتا.”
هن وساميل آواز ۾ چيو مون کي؛ “اڄ تائين خبر ڇو نه پئي؟”
مان نيتوءَ جي ان سوال جو جواب ڪهڙن اکرن ۾ ڏيان؟ ڇا ڪارڻ ٻڌايان، ڪنهن کي ڏوهي بڻايان؟ خير. مان ان جو جواب ٽاريندي اڳتي وڌندي رهيس، اڻ ڏٺل امڙ جي تلاش ۾ . . . . .
ڀاڪر پائي گڏيوسين. چيائين؛ “اچ منهنجي سنڌياڻي.”
مون وڏو ٽهڪ ڏنو . . . . چڱو عرصو ان ڀاڪر ۾ رهيس. من ڀرجي آيو. پنهنجي امڙ جي ياد اچي ويئي جا ٽن سالن کان مون کي ڇڏي پرماتما ۾ سمائجي ويئي هئي ۽ مان اُن وقت کان ‘امان’ اکر چوڻ ڄڻ ته وساري ويٺي هئس. پر هڪ وڏو خال هو، من ۾ ڄڻ سينو ته هو پر دل نڪري ويئي هئي. اهڙا خال ڀرجندا ته ڪونهن پر ڪجهه سڪون ملندو آهي، ساڳئي قسم جي شخصيت ڏسڻ سان.
حال احوال ڏيڻ کانپوءِ خبر پيئي 14، 15 سالن کان هوءَ بلڪل سنڌين کان ڪٽيل هئي. بس جيئن ٿيندو ويو سويڪاريندي ويئي. مرد صبح نڪرن رات جو 10، 11 اچن ڌنڌن وارا.
هن اتساهه وچان ڏيکاريو ڏهه سال اڳ به هن ڀڳونتي ناواڻيءَ جا ڪيسيٽ خريد ڪيا هئا. . . مون شڪايت جي نوع ۾ چيو؛ “توهان امان ٻارن سان سنڌي ڇو نه ڳالهائي؟”
“پٽ اسڪول انگريزيءَ ۾ پڙهن، اسان کي به الائي ڇا ٿي ويو جو ٽٽل ڦٽل هنديءَ ۾ پيا ڳالهايون. پر سنڌي الائي ڪيئن ڇڏجي ويئي خبر ئي نه پيئي. آس پاس سڀ مرهٽن جا گهر، هاڻ ته سنڌيءَ جو پڙلاءُ پوڻ سان عجيب پيو لڳي.”
خير! مان اُن ڪٽنب کان جڏهن موڪلايو ۽ پنهنجي گهر ۾ ميٽنگ جو وقت ۽ ڏينهن ٻڌايو ته نيتوءَ مرڪندي چيو ته؛ “مميءَ کي ڊرائيور سان گڏ موڪليندس.”
مون پاٻوهه مان چيو؛ “نه صرف ممي، پر تنهنجو هئڻ نهايت ضروري آهي.”
هن چيو، “مون کي ته سنڌي نه ايندي آهي، ٿورو ٿورو سمجهندي آهيان، سڀ کلندا.”
مون چيو، “ڪو به نه کلندو، تو جهڙا، تو جهڙيون گهڻيئي هونديون.”
اهڙي نموني سئر ڪندي، بلڊنگ جي هيٺان ڏنل نالن کي پڙهندي، هر هڪ گهر جو وايومنڊل ڏسندي، گڏجندي پنهنجيءَ بنگلن واريءَ ايراضيءَ ۾ به واقف چهرن، پر اڻ واقف نالن سان گڏجندي، اهو ڏينهن اچي پهتو، جنهن ڏينهن سنڌين جي ميٽنگ منهنجي گهر ۾ هئي. منهنجي من ۾ تمام گهڻي ويچارن جي اُٿل پُٿل هئي. اندازي موجب 25، 30 زالن اچڻ ۽ گڏجڻ جو ارادو ڏيکاريو هو. پر سنڌين جو حال ۽ سنڌيءَ جو بروحال، ذهن ۾ ايندي ئي منهنجو من منجهي پيو.
ايندڙ مهمانن جي تياري ڪندي ٻِه-چَتي هئس. وچ وچ ۾ منهنجي ڌيءُ، پٽ، پتي منهنجيءَ حالت تي کلي رهيا هئا. . . . 40، 50 ماڻهن جي چانهه، بسڪوٽ، چووڙو، وغيره وغيره. ننڍي ڪمري نما هال کي ڏسندي، ڪرسيون رکندي، پاسي وارن کان گهرائيندي مان کلڻ-هاب حالت ۾ هئس. جي ٻه ٽي ماڻهو آيا ته؟ سڀ کلندا، ٻار، گهوٽ، پاڙي وار . . . خير . . . .
ٿورا مرد، گهڻيون زالون اينديون ويون . . . . ۽ برابر 30، 35 جو انداز . . . . ٿيندي 38، 40 تائين پهتو. مان وائڙي ٿي ويس؟ هي سپنو آهي يا ساڪار. . . . . سڀ هڪ ٻئي سان گڏجن پيا، ڀاڪر ۾ پيون ڀرين. ڪي هڪ ٻئي کي شڪل مان سڃاڻن پيون پر سنڌي هئڻ کان واقف نه. ميلو مچي ويو. منهنجي ننڍڙي گهر ۾. هال منهنجو پورو نه پيو. الڳ الڳ ڪمرن ۾، پلنگن تي، پٽ تي، جتي جنهن کي جڳهه ملي، اُتي ويهجي ويو.
منهنجي اکين ۾ خوشيءَ سان ڀريل آنسو هئا ۽ چهري تي هڪ عجيب مرڪ. مان پنهنجي گهوٽ ڏانهن فتحياب مرڪ سان نهارڻ لڳيس.
خير اڌ ڪلاڪ ته هڪ ٻئي سان گڏجڻ، وائڙو ٿيڻ جو سلسلو هلندو رهيو. مون اُها جڳهه والاري جتان سڀڪو مون کي ڏسي ۽ ٻڌي سگهي ۽ باقائدي ميٽنگ شروع ڪئي. سڀني پنهنجي پنهنجي واقفيت ڏني.
ان کانپوءِ مون سڀني کي جهولي لعل جو فوٽو ورهايو ۽ سڀني کي چيو پنهنجي گهر ۾ لڳايو، سنڌيت جي سڃاڻپ. اُڏيرو لعل هڪ سڃاڻپ جي نشاني.
ڪن نئين پيڙهيءَ کي ڏوهه ڏنو ته هنن سنڌي ڇڏي ڏني. نئينءَ ٽهيءَ وارن، بزرگن کي. بزرگن وري ورهاڱي کي ۽ انگريزي اسڪولن کي. بس هڪ ٻئي کي ڏوهه ڏيندي، پنهنجيءَ حالت جو احساس ڪندي، وقت گذرندو پئي ويو. اُن مان نيتوءَ چيو؛ “ديدي، هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. انگلش ماڌيم ۾ سڀني جاتين جا ٻار پڙهن ٿا، اُهي ته پنهنجي ٻولي ڳالهائين ٿا.“
مون ته ڪنهن به مراٺيءَ، گجراتي يا ڏکڻ ڀارت جي مائٽن کي ٻارن سان هندي يا انگريزي يا ٻي ڪا ڌاري ٻولي ڳالهائيندو ڪو نه ٻڌو آهي. مراٺا ماءُ کي ‘آئي’ پيءُ کي ’بابا چون . . . اسان ڇو ائين ڪي؟”
مان ڇا جواب ڏيان؟
اها وشيه هڪ مذاق بڻجي پيئي آهي، سڀني جاتين لاءِ. سنڌي ٻولي ۽ سنڌين جي اهڙي درگتي . . . نيتو مون سان انگلش ۾ ڳالهائي رهي هئي. مون به کيس انگلش ۾ ئي جواب ڏنو . . . . سڀني کي اعتراض محسوس ٿيو.
سڀ کل کل ڪندي چوڻ لڳيون؛ “سنڌيءَ ۾ ڳالهايو، سنڌي ميٽنگ آهي . . . . ”
مون به وڏو ٽهڪ ڏنو . . . . پر ان ٽهڪ جو مطلب صرف مون ۽ منهنجيءَ ڌيءُ سمجهيو. گهر ۾ هندي، مراٺي انگلش ڳالهائيندڙ، اڄ سنڌيت جي جذبي ۾ اچي . . جو الائي پل جو هو يا دائمي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ لاءِ چئي رهيون آهن. . . خير . . . .
اوچتو ميڙ مان ڪنهن پڇيو؛ “تو کي سنڌين کي هيئن ملائڻ جو خيال ڇو ۽ ڪيئن آيو؟ هيڏي وڏي ايراضيءَ ۾ ٽڙيل پکڙيل گهر، رستن تي ايندي ويندي ڏسون، پر سمجهه ۾ نه اچي ته ڪير مراٺو؟ وڏي عمر جا T.V، ويڊيو پڪڙي گهرن ۾ بند، سو ڪهڙو ڪارڻ آهي هن گڏجاڻيءَ جو ۽ خيال ڪيئن آيو؟ . . .
ان سوال تي مان ڏاڍي جذباتي بڻجي ويس. روئڻ تي دل ٿي رهي هئي. زور زور سان روئڻ تي، چيخڻ تي . . . اهڙي چيخ جا وڃي آسمان تائين پهچي، جا ڌرتيءَ کي ڌوڏائي ڇڏي، پر . . . پر ان چيخ، اُن رودن کي دٻائڻ لاءِ مون پاڻيءَ جي گلاس جو سهارو ورتو، ۽ ڪجهه پل وچ ۾ پون ان لاءِ تمام آهستي، آهستي پاڻي پيئندي رهيس.
سڀني جون اکيون مون ۾، ۽ هڪ سناٽو ڇانيل . . . مون هڪ زال طرف اِشارو ڪيو جا اڇي ساڙهيءَ ۾ ملبوس هئي . . . . هن جي ڪري . . . . .
سڀني ڇرڪي هن ڏانهن نهاريو. هن جهڪيل ڪنڌ، وڌيڪ جهڪائي ڇڏيو. ڳوڙها سندس ڳلن تي هئا. پنهنجي ڪري سنڌي ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي، چيو؛ هنن جي ڪري. پنهنجي لاءِ ۽ توهان سڀني جي ڪري. هيءَ مسز واڌواڻي هنن وڏن ماڻهن جي ڪالونيءَ ۾ چئن مهينن کان رهڻ آئي، جنهن جي پتيءَ کي دل جو دؤرو پيو. ڪو هن کي نه سڃاڻي، بر وقت ڪنهن جي مدد نه ملڻ سبب، جڏهن سندس پتي گذاري ويوي ته چار ڪانڌي ملڻ مشڪل. ٻين ذاتين وارا چون پيا؛ الائي هنن سنڌي سائين ۾ ڪهڙا رواج؟ سو وچ ۾ نه پيا اچن. درن ۽ درين مان ليئا پائي، پيا سس پس ڪن. مسز واڌواڻيءَ ٻڌائڻ شروع ڪيو؛ “مان گهڙيءَ گهڙيءَ بيهوش ٿي پيئي وڃان. ٻار ننڍڙا روئن پيا، اُنهن لاءِ کاڌو ڪير رڌي؟ مان پاڻ ئي بي حال پيئي هئس. امبولنس ڪرڻ کان ڪريا ڪرم تائين نوڪرن، واچ-مين، الائي ڪهڙن ننڍن وڏن ماڻهن کي خرچي ڏيئي ڪم ٿي ڪرايو. ڪاش! ڪي پنهنجا هجن ها! ڪو دل وٺي ها! ڪو آٿت ڏئي ها، ڪو ٻارن کي کارائي ها!”
مٽ مائٽ لڏ پلاڻ ۾ هڪ ٻئي کان وڇڙي، ڌرتيءَ ڌڪاڻيل سنڌي، اڪيلي هئڻ جو احساس، هاڻ شدت سان ڪري رهيا آهن. من جي اڪيلائپ، سنسڪرتيءَ ۽ سنسڪارن جي اڪيلائپ، سڀني سنڌين کي ڏنگي رهي آهي. بس پوءِ قصن پٺيان قصا نڪرندا ويا. . . . . .
چتر شرنگيءَ واري ايراضيءَ ۾ هڪ بنگلي ۾ سنڌي عورت گذاري ويئي. ماءُ هئي ٻن ٻارن جي. 12 سالن جي ڌيءَ پنهنجي مئل ماءُ جي شرير کي هن سنان ڪرايو . . . اُها ڇوڪري صدمو برداشت ڪري نه سگهي. دماغي توازن کوهي ويٺي ۽ کيس منو وگيان جي ڊاڪٽر جو علاج ڪرائڻو پيو. اها گهٽنا ٻڌي سڀني جا منهن لهي ويا.
سيسراٽ ڀريندي هڪ امڙ چيو؛ “ادي، ڪتو به ڪڙم ۾ سونهي.”
گذريل سال منهنجي ڌنڌي جي چٽاڀيٽيءَ کان جليل پڄريل هڪ غير سنڌيءَ منهنجي دڪان تي پٿربازي ڪئي ۽ جلائڻ جي ڪوشش ڪئي. آخر مون کي هٿ جوڙڻا پيا ته تنهنجيءَ ايراضيءَ جي گراهڪن کي ڪيسيٽ نه ڏيندس.
هڪ غيربسنڌيءَ سان ڏند ٿو ڏجي ته سؤ جمع ٿي ٿا وڃن. اسين ڇا ڪريون؟ . . . . ۽ جڏهن سڀني پنهنجو هنياءُ هلڪو ڪيو پئي ۽ وايو منڊل ڳورو هو. نيتوءَ پنهنجي ٽن سالن جي ٻار کي چيو؛ پٽ چئه ‘جهولي لعل’ ۽ هن هٻڪندي، شرمائيندي چيو؛ ‘مان سنڌي . . . . .”
بس پوءِ ته نعرا گونجڻ لڳا؛ “جهولي لعل ٻيڙا ئي پار . . . . ” ۽ نيتو مسڪرائڻ لڳي . . . . .
ٻڍي امڙ آسيس ڪندي چيو؛ “شل سڀ دک سک جا ساٿي ٿيون. هميشه هڪ ٻئي سان گڏ هجون. سڀ سنڌي گڏ ٿيون اڪيلائپ جي ڀاونا هلي وڃي.”

ڄڻ ته امڙ پلئه پائي رهي هئي ۽ سڀ سانت ۾ ويهي سنڌي امڙ جي دعا، پرارٿنا ۽ پلئه ٻُڌي رهيا هئاسين.

No comments:

Post a Comment