Sunday, May 22, 2016

هڪ دنيا، ستر آخرت - منظور ڪوھيار

هڪ دنيا، ستر آخرت
منظور ڪوھيار
مستانو، ملان ۽ ملھ، کير کنڊ لڳا ويٺا هيا ۽ آخري دم تائين سنگت نڀائڻ جا واعدا ۽ وچن پئي ڪيائون، ته اڳتي سنگت سان وِه به اتي ته گيھ به اتي هوندو. ائين ڪندي هڪ ڪارو ويس پهريل همراه، سينگاريل ۽ لش پش سائيڪل ڪاهي اچي اتي پهتو. شايد دوڪان تان سؤدو سلف وٺڻو هيس. سائيڪل جا سورنهن سينگار ڏسي مستانو، ته دل ڦرائي ويٺو. سائيڪل نه هئي ڄڻ ته لال ڪنوار هئي. گلن ڦلن، ڳانن، سڳين ۽ جوُڙن سان سٿيل. مستاني هڪدم، ملان ۽ ملھ کي دوستي جو واسطو ڏئي قسم ڏنو، ته؛ ”ملان مونکي هر قيمت تي اها سائيڪل کپي.“


ملان چيو؛ ”هر حرفت هلائبي، مستانه، سنگت جي ڪري.“
ملھ پهلوان به کيس آٿت ڏني، ته ”جي همراه وارو ڏنو، ته ڍاڪ تي کڻي ڦيرائي هڻندومانس، جو وري نه اُٿي سگھندو.“
همراھ ويجھو آيو، ته ملھ پڇيس، ”ڪر خبر، ڪير جوان آ؟“
همراه وراڻيو؛ ”ڀٽي آهيان.“
”ارباب ڀٽي ڇا ٿئي؟“
”ذات ڀائي آ.“
”ڀلي ذات ڀٽين جي، ٻيا مڙئي ائين..“ پهلوان ٽيڪر ڏنس.
”ڀلو نانءُ الله جو آ سائين، اسان جي غريب ذات آ.“
”ڀٽي ۽ غريب ذات؟... دُولا ڀٽي جنهن مغلن جي فوج سان مقابلو ڪيو، گھٽ هيو. وري ميجر عزيز ڀٽي شهيد جيڪو 1965 جي جنگ ۾ جوان مردي ڏيکاريندي شهيد ٿي ويو. وڏو صحافي دستگير ڀٽي، وڏو لوڪ ڳائڻو عنايت ڀٽي، سنڌ جو وڏو ملھ پهلوان ارباب ڀٽي، وڏو قوم پرست اڳواڻ قمر ڀٽي، سنڌ جو ڀلو استاد امان ڀٽي. ڏاهو ٿي، هروڀرو پاڻ کي گھٽ نه ڪر. گھٽ معنى بي عزتي!؟“
”سائين، مان صفا غريب ڀٽي آهيان!“
”اڙي، غريب گڏھ هوندو آ، جيڪو محنت ڪندي ڪندي، آخر ۾ منڊڪائي مري ويندو آ. تون ڪندو ڇا هين؟“
”وڏا ڪورڪو ڪم ڪندا هيا. مان نيرولڪو ڪم ڪندو آهيان.“
”خير، هي سائيڪل گھڻي ۾ ڏيندين؟“ ملھ، رنگبرنگي سينگاريل سائيڪل ڏانهن اشارو ڪندي چيس.
”سائيڪل ڏيڻي ناهي.“
”ڇو“
”شوقَ جي بها ئي ناهي.“
”پوءِ به؟“
”بس عشق آ، ان سائيڪل سان.“
”اڙي سائيڪل سان به ڪڏهن عشق ٿيو آ؟“
”لڳئي ته ڪل پوئي!“
”تنهنجو عشق ته مجنونءَ کان به چڙهي ويو، جيڪو ڪاري ڪِٺُ ليلى تي عاشق ٿيو، تون مورڳو لوهي سائيڪل کي معشوقه بڻائي ڇڏيو. لڳي ٿو حسين بخش ڀٽي ڄامشوري واري جو شاگرد آن.“
”الله نه ڪري!“
”ڇو؟“
”مائٽن چيو آ، ته ان سان ته هرگز نه ملجانءِ، متان سائيڪل سوڌو تو کي به سينگاري، شو پيس وانگر گھر ۾ نه ٽنگي ڇڏئي.“
”ملان، هي شخص مون کان چڙهيل آ، وڏو ڪو ٺڪر آ، ڪاٿي وارو ئي نه ٿو ڏي.“ پهلوان ڳالھ جي سندري مان هٿ ڪڍندي چيو.
ملان محسوس ڪيو ته همراھ پڪو ۽ پورن ڏينهن جو ڄاول آ، پر پوءِ به مڇڏ ٿي، نه مڙيو ۽ هڪل ڪري چيائينس؛ ”ڀائو، ذات ٻڌايئي، پر نالو ته ڪو نه ٻڌايئي، ڇو؟“
”نالو ٻڌائيندي شرم ايندو آ.“ ڀٽيءَ وراڻيو.
”تو کي، يا ٻئي ڪنهن کي؟“ ملان پڇيس.
”پاڻ کي به، ٻڌندڙ کي به.“ ڀٽي وراڻيو.
”شرع ۾ شرم نه ڪبو آ. ٺڪي ٺوڪي نالو ٻڌاءِ؟“
”نالو حاتم آ.“ ڀٽي شرمائيندي نالو ٻڌايو.
”مستانه مبارڪ هجئي، دنيا جي عظيم سخي جو نالو ٿس، دل نه لاھ!“ ملان خوش ٿيندي اڳواٽ ئي مستاني کي مبارڪ ڏئي ڇڏي. مستاني جون خوشيءَ ۾ واڇون ٽڙي، وڃي ڪنن سان لڳيون.
”ڪر خبر حاتم، تنهنجي در تان ته ڪڏهن ڪو سوالي ته خالي نه موٽيو هوندو؟“
”سائين، مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي کاٻي هٿ سان به خيرات ناهي ڏني.“
”ڇو؟“
”ان ڪري جو پهرين حاتم پاڻ کي ايترو ڦرايو، جو هاڻي پويان حاتم سکي ويا آهن، ته جي ٽيئڙ تپ به هجي، سو به ڪنهن کي گھرڻ تي به نه ڏجي.“
”مطلب ته اهي تنيا ئي مري ويا، جيڪي گھٽا ڏيندا هيا.“
بروبر!“ ڀٽيءَ مڇ تي ھٿ ڦيريندي چيو؛ ”صحيح ٿا چئو.“
ملان هاڻي ٻيو وڪڙ وڌس؛ ”ڀلا اهو ته ٻڌو ٿي نه، ته ڏھ دنيا، ستر آخرت آ؟“
”ها سائين، ملان چوندا آهن.“ ڀٽيءَ وراڻيس؛” وڌيڪ خبر خدا کي آھي.“
”اڙي، اھو ڪتابن ۾ آيو آ، ڪو ملن پنهنجو ٺاهيو آ ڇا؟“
”ٿي سگھي ٿو، اوهان صحيح هجو!“
”پر هاڻي، دنيا ۾ ھڪ ڏي، آخرت ۾ ستر ملندئي. آخري دور آھي. تڏا ويڙھ ٿيڻ واري آھي.“
”سائين هوندو.“
”هوندو نه، آهي ۽ هي ٻڌ! جي هيءَ سائيڪل تون هن مستاني کي هن جھان ۾ ڏيندين ته تو کي اهڙيون ستر سائيڪلون هُن جھان ۾ ملنديون.“
”ايڏيون سائيڪلون ڪيڏانهن ڪندس.“
”هڪ تي پاڻ چڙھجانءِ ۽ باقي ڪرائي تي هلائجانءِ. ٻڌ! ان سان گڏ ٻاهتر حوران به ملندئي.“
”اھي وري ڪاڏي ڪيان؟“ حاتم نٽائيندي چيس؛ ”ھڪ حور ئي سور ڏئي ڇڏيا آھن.“
”هاڻي، هي عقل آ، خدا جي نعمتن کي ائين ٺڪرائبو آھي؟“ ملان ھار محسوس ڪندي چڙ مان چيس.
”اڙي ملان چيومانءِ ته هڪ ڌ مان ڦاٿو آھيان.“
”تنهنجي زال حور آ ڇا؟“
”نالو حور بانو اٿس، وڏي ڪروڌڻ ۽ ترڙ آ. اھڙيون جي ستر مغز ۾ لڳيون ته کنڌا کڻي ڇڏينديون نه؟“
”ان کان سواءِ غلمان به ملندئي، جيڪي سائيڪل جي ڪيريئر ۾ هٿ وجھي هلندئي.“
”ڪيليئر ڀڃي وجھن ته پوءِ؟“
”ذات ڀٽي ۽ عقل ڪورڪو ته ڪاڏنهن سمجھندين. اھي ڳالھيون انھن کان پڇ جن کي ’علت المشائخ‘ آھي. اھي ٻڌڻ سان ئي کڳيون هڻڻ شروع ڪن ها. بهرحال، تنهنجو ڏوھ ڪونهي، جو اهڙو ڪو آخري وقت اچي ويو آ، جو ڪنهن کي به جنت ۾ وڃڻ جو شؤق ئي ناهي. بس تون هاڻي گوڏي کي وهاءِ، وڃڻ کان اڳ اسان سان گڏ هڪ فوٽو ڪڍاءِ!“
حاتم ڀٽي فوٽو ڪڍايو ۽ پوءِ سائيڪل تي چڙهي وٺي پيڊل تي زور ڏنو ۽ پٺتي لؤڻو ئي نه هنيائين.
حاتم جي وڃڻ کانپوءِ، مستاني روئڻهارڪو ٿيندي چيو؛ ”ملان، تون منهنجي اها خواهش به پوري نه ڪئي.“
”مستانا، هن دنيا ۾ ڪهڙي انسان جي خواهش پوري ٿي آهي، جو تنهن جي ٿيندي. انساني خواهشن جي الله پوري ڪري. تڏهن ته غالب چيو هو، ته:
هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش په دم نڪلي.“
ملھ ٻي سٽ پڙهي:
”بهت نڪلي مري ارمان، ڦر ڀي ڪم نڪلي.“
اهو ٻڌي، مستانو ٿڌو شوڪارو ڀريندي چپ ٿي ويو، ته انهن ٻنهي مان به غذا نه ٿي.



No comments:

Post a Comment