Monday, May 2, 2016

ملان ۽ مستانو ميلي ۾ - منظور ڪوھيار

ملان ۽ مستانو ميلي ۾
منظور ڪوھيار
ملان جي سنڱتي، مستاني کي جو سُڻس پئي، ته ڳوٺ ۾ ميلو لڳل آ، ته ڪراچيءَ مان ريل تي چڙهي ٺڪاءُ اچي ڳوٺ ڪيائين. ملان جي حجري جو در وٺي بيهي رهيو. ملان به دعا سڳي وارو ڌنڌو خفو ڇڏائي ٻاهر نڪتو، ته مستاني نه ڪيس سلام نه ڪلام، اُٿندي ئي ٺڙڪ هنيس؛ ”مڇي ته نه کارايئي، ڀلا هاڻي ميلو ته گھماءِ نه!“
ملان سوچيو، ته ’جڏهن اڃا عام ماڻهو هيس، ته وڏو ميلائي هيس. هاڻي جڏهن کان ملان ٿيو آهيان، ته مُلپي منجھائي وڌو آهي. اڄ ڀلا ڇو نه مستاني جي آڙ ۾ ميلو گھمي اچان. ٻنهي پاسي وارن گيدن ۾ مرڻي پرڻي جو مال به جام آهي.‘ اهو سوچي مستاني کي چيائين؛ ”اڄ شام ضرور هلبو، پر هڪ شرط تي، ته جيڪا شيءِ شريعت جي خلاف آ، نه اها ڏسبي، نه وائسبي. جي منظور ٿي ته ها ڪر؟“


مستاني ڪنڌ لوڏيندي وراڻيو؛ ”نالو ئي منظور آ، ته انڪار ڪيئن ڪبو.“
ٿي شام....
شام جو ملان ۽ مستانو، وڃي ميلي ۾ پهتا. جنهن ڏٺل وائٺل ملان کان پڇيو پئي، ته ”ملان، تون ميلي ۾ ڪيئن؟“
ملان هڪدم پئي وراڻيو؛ ”مان مستاني جي ڪري آيو آهيان، متان ميلي ۾ گم نه ٿي وڃي. اڄڪلھ ڏسو ٿا، ته لالا پٺاڻ جانورن جي ميلن کان وٺي ادبي ميلن ۾ به ٺڳيا بيٺا آهن ۽ ڀؤ اهو آهي، ته انهن ميلائي خرڪارن جي ور نه چڙهي وڃي ۽ پوءِ ڳولهيو نه لڀي.“
عام ماڻهن کي ته ڇا، ساڃاھ-وند صحافين ۽ اديبن کي به ڳالھ دل سان لڳي، تنهنڪري کيس ڪنهن وڌيڪ نه ٽوڪيو.
ميلي ۾ مستاني جي واڇ گودو ٿي وئي. چوڏيل پئي ڦريا. پنجابي لهجي واري سنڌيءَ ۾ هوڪا پئي آيا؛ ”بائو جي! قدم وڌايو، ٽڪس وٺو ۽ پوءِ چڙهي لُڊو ۽ لُڊيون پائو.... ڊھ، ڊھ روپئي ۾ ٽِڪس، ڊھ ڊھ روپيه بائو!“
مستاني هڪدم ملان سان انگل ڪيو؛ ”چوڏيل تي چڙهندس.“
”چوڏيل تي چڙهندي جي وڃئي مٿو ڦري، پوين ڪري ۽ پوءِ ڀڄئي ڪنڌ، ته خون وري ملان جي ڳچيءَ ۾.. مان اهو لعنتاڻو هرگز نه کڻندس.“ ملان اهو چئي، مستاني کي چوڏيل تي چڙهڻ ئي نه ڏنو.
اڳتي هلندا رهيا، ته لائوڊ اسپيڪر تي هوڪو اچي رهيو هو؛ ”ادا، هي ڇي ٽنگي واري گئون ڊسو!..ادا، هي قدرت جي ڪمال ڊسو... سوهڻين رب هن کي ڪيئن ٺاهيو آ.. اچو وي وي روپيه!... وي وي روپيه... شين شير خدا جو ڊسو!.. لوڪڙ ڊسو!.. اريڙ بلا ڊسو!.. دير نه ڪِيو!“
”ڇهن ٽنگن واري ڳئون ڏيکار!“ مستاني، وري انگل ڪيو.
”وري ڳئون!... سو به ڇهن ٽنگن واري... خطرناڪ!.. هڙڇ ڪندي ٻن ٽنگن سان اهڙيون لتون هڻندي آ، جو گذريل سال ٻن ماڻهن جا مٿا ڀڳئين ۽ هڪ جي ڪک ڪڍي وڌئين.“ ملان مستاني کي ڇهن ٽنگن واري ڳئون جا خطرناڪ ڪارناما ٻڌائي ماٺ ڪرائي. پر مستانو به مڙڻ وار ڪو نه هيو، چوڻ لڳو؛ ”شينهن، ڀلا شينهن!؟“
”کائي ويندءِ!“ ملان کيس ڀئو ڏنو.
”مستانن کي نه کائيندو آ!“ مستاني وراڻيو.
”ملن کي ته هروڀرو به کائيندو آ. شينهن تو کي ڇڏي مونکي کائي وڃي، ته پوءِ تو کي ميلو ڪير گھمائيندو؟“ ملان پنهنجو ڀؤ ڏنس.
”ڀلا، لوڪڙ!؟“
”پنجابي لوڪڙ کان سنڌي لومڙ ڀلو آ، ڳوٺ هلي تو کي ڏيکاريان ٿو. اصلي وڏيري جي اوطاق تي مينيجر لڳو ويٺو آ.“ ملان مستاني کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو.
”اريڙ بلا؟“
”پاڻ وارو وڏيرو، هاڻي قُومي سردار به ٿي ويو آ. اڳي ايم پي اي هو، هاڻي ايم اين اي به ٿي ويو آ. وزارت مليس ته اريڙ بلا به نه پڄيس. خدا جي فضل سان پنهنجي ڳوٺ ۾ سڀ ننڍيون وڏيون بلائون ويٺيون آهن.“ ملان سمجھائيندي چيس.
”باقي، ميلي ۾ ڇو وٺي آيو آهين؟“ مستاني ڪاوڙ ۾ ڊُهي هڻندي پڇيس.
”ميلي ۾ ڏسبو گھٽ، کائبو گھڻو آ. هل ته هلي تو کي ددن ٿو ڪرايان. ڇا ياد ڪندين، ته ملان جي دوستي ۾ چشڪا نه ورتم.“
ٻئي ڄڻا، ان بازار ۾ پهتا، جتي هڪ پاسي پڪوڙا ۽ جليبيون ترجي رهيون هيون، ته ٻئي پاسي ڪشمش ۽ مڱيرن جا ٿالھ سجايل هيا. وري جو نگاھ ڪر ته ناريل جي اڇي مٺائي رنگ برنگ ڪلين هيٺان پئي جرڪي. ڏسندي ئي مستاني جو وات پاڻي پاڻي ٿي ويو. گگ ڳڙڻ لڳس. هڪدم رڙ ڪري چيائين؛ ”پڪوڙا کائيندس!“
ملان هڪدم حاتم طائي ٿي، پڪوڙن واري کي چيو؛ ”جلدي ڪر، پنجن روپيه جا پڪوڙا ڏي، پري جو مزمان آ.“
پڪوڙن واري وراڻيو؛ ”مولانا صاحب، ميلي ۾ پنجين روپئين جا پڪوڙا ناهن ملندا. گھٽ ۾ گھٽ ڏهين روپئي جا ته وٺو نه!“
”وڏي مهانگائپ ٿي وئي آ! تڏهن ته اسان ميلي ۾ ناهيون ايندا! خبر ناهي ته مسڪين مسلم اُمه جو ڇا ٿيندو؟.. چڱو جلدي ڪر ڏهين روپيه جا ڏي.“
پڪوڙي واري چار پڪوڙا پلاسٽڪ جي ڇاپر ۾ وجھي ملان کي ڏنا. ملان ساڄي پاسي واري کيسي مان ڏھ روپيه ڪڍي دوڪاندار کي ڏيڻ کان اڳ ٽي دفعا ڳڻي ڏٺو، ته متان ٻٽو نوٽ نه اچي وڃييس.
”پڪوڙا کائيندس!“ مستاني پڪوڙا گھريس.
”صفا سڪڻو آ. واٽ تي مزي مزي سان کائيندا هلنداسي، ته ڳوٺ هلندي پنڌ به نبري ويندو. نه ته خبر ٿي ميلي جي موٽ بڇڙي هوندي آهي.“
مستاني کڻي ماٺ ڪئي.
اڳتي چُريا، ته ترجندڙ ڳاڙهين جليبن کي ڏسي مستاني اَڙِي ڪئي؛ ”جليبي به وٺ!“
”نه مڙندين؟“
”نه!“ مستاني وراڻيو.
”وڏن خرچن ۾ وجھي ڇڏيئي. ادا، جليبي وارا ڏهين روپيئي جون ڏھ جليبيون وجھي ڇڏ! پر سٺيون سٺيون وجھجانس“. ملان رڙ ڪندي جليبي واري کي آرڊر ڏنو.
”سائين، ڏهين روپئين ۾ هڪ جليبي آ.“ دوڪاندار شوُم ٿي وراڻيو.
”هاڻي ٻڌايو، ته قيامت اچي يا نه؟... چڱو هڪ ئي وجھ، پر اهڙي وجھ جيڪا ٻن ٽن جي مَٽُ هجي.“
دوڪاندار اخباري پني ۾ هڪ سڄيل پاروٿي جليبي ويڙهي ڏنس. جيڪا ملان ڇاپر ۾ کڻي وڌي.
ناريل جي مٺائي واري دوڪان تي پهتا، ته ملان جي پنهنجي دل به سرڪي پئي، سو مٺائي واري کي چيائين؛ ”ابا، ڏهين روپئي جي مٺائي ڏي، پر ڏجانءِ سٺڙي، جو هن خاشي مزمان کي کارائڻي آ.“ ملان مستاني ڏانهن اشارو ڪندي چيس.
”بزرگ، ڏهين جي مٺائي ڇا ايندي، گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ جي ته وٺو!“ دوڪاندار وراڻيس.
”توهان کي ڇا هي ادا، توهان وڃو ٿا اگھ چاڙهيندا. ڳوٺ وارا اهي ئي ڏين قرآن بخشاڻيءَ جا ڏھ روپيه!.. دعا سڳي جو اگھ به ساڳيو پيو هلي. اهو ئي سؤ جا ست پرسينٽ. باقي ته مال سياسي ملاله کائي ٿا وڃن.“ ملان کاٻي کيسي مان هٿ هڻي مٺ ۾ نوٽ ڪري، ٻاهر ڪڍيا. پوءِ ٽي چار دفعا ڏهين ڏهين جا پنج نوٽ ڳڻي دوڪاندار کي ڏنا. مٺائيءَ جو پڙو ڇاپر ۾ وٺي، پنهنجي هٿ ۾ سوگھو ڪيو.
ملان، مستاني کي چيو؛ ”هاڻي، گنج ٿي ويو! هاڻي موٽڻ جي ڪيون، جو سج رستي ۾ نه لهي وڃي.“
پر مستاني جي نظر رانديڪن جي دوڪان تي کتل هئي، جتي سنهي پلاسٽڪ جا ڳاڙها، ساوا ۽ ڦڪا رانديڪا سٿيا پيا هيا.
”هڪڙو جهاز وٺي ڏي!“ مستاني مطالبو ڪيس.
”ڏاگھ ٿيو آن، هاڻي تنهنجي عمر آ، رانديڪن وٺڻ جي“. ملان ٽوڪيس.
”پوءِ ڀلا جائي پچائي جو وٺي ڏي!“
”مستانو ناهين، ڀَڪ آ!...ادا، رانديڪن وارا جھاز گھڻي جو ٿو ڏين؟“
دوڪاندار وراڻيو؛ ”سائين پنجاھ روپيه!“
” رڳو چاليھ گھٽ ڪر!“ ملان چيس.
”پنجين، ڏھين روپئي جو مال هيڏي پيو اٿئو!“ دوڪاندار هڪ ڪنڊ ۾ صفا ننڍڙن ننڍڙن رانديڪڙن طرف اشارو ڪندي چيس.
ملان ننڍڙن رانديڪڙن تي نظر وڌي، ته کيس ڦرڻين واري سيٽي نظر آئي. هڪدم کڻي مستاني کي ڏنائين؛ ”هيءَ وٺُ!“
”اها، نه!.. جهاز!“
”اڙي، هيءَ ڦرڻي واري سيٽي، جھاز کان چڱي ٿي. ٻڌئي نه ڪو نيب وارو ته مستاني وٽ جھاز آ، لڳئي نه ڪڍ!“
مستاني، ملان کان سيٽي وٺي ڦوڪ ڏني ته ڦرڻي ڦرڙاٽ ڪيو ۽ سيٽي زور سان وڄڻ لڳي.
”هنئين شابس!.. هاڻي جيڪا پارٽي اقتدار ۾ هجي، ان آڏو وڃي اها سيٽي وڄاءِ. ڦرڻي ڦرندي، ته پاڻهي مانُ لهندين. پر هڪ ڳالھ ٻڌي ڇڏ، جڏهن به ڪو پڇئي ته اها ڦرڻي واري سيٽي ڪٿان ملي ٿي، ته منهنجو نالو کڻجانءِ“. ملان کيس سمجھائيندي تاڪيد ڪيس.
مستاني هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي سيٽي وڄائي. ملان ساڄي واري کيسي ۾ هٿ هنيو، ته ڪڙڪيدار سؤ جو نوٽ نڪري پيو. دوڪاندار کي ڏيندي چيائين؛ ”گھوٽ جي ڪنڍيءَ جو نوٽ ٿي، نڪاح پڙهائيندي حجت ۾ پٽيو هيومانس. تون به مونکي ڏهين ڏهين جا نو نوان نوان نوٽ ڏجانءِ!“
دوڪاندار، کيس چونڊي چونڊي ڏهين جا نَوَ نوٽ موٽائي ڏنا، جيڪي هن ساڄي واري کيسي ۾ رکيا. اوچتو ڪي باز جھڙيون تکيون نظرون ملان جي پاسي وارن کيسن تي کپي ويون.
بازار ۾ ڪلهي گس لڳي پئي هئي. مستانو پنهنجي مؤج ۾ سيٽيون وڄائيندو پئي هليو. ملان جو هڪ هٿ پڪوڙن ۽ جليبي واري ڇاپر ۾، ته ٻيو هٿ ناريل جي مٺائي واري ڇاپر ۾ ھيو. اوچتو ملان کي ڪنهن زومائتو ٿيلهو ڏنو. جي ملان پاڻ نه سنڀالي، ته پاسي ڀر وڃي ڪري ها. ملان رد عمل ۾ رڙ ڪئي؛ ”اڙي! اکيون ٿَو، متيرا اَٿوَ يا صفا نپٽ انڌا آهيو؟“
آخرڪار ملان ۽ مستانو جڏهن پاڻ سنڀاليندا ميلي جي رش مان نڪري، ڳوٺ واري سڙڪ تي پهتا، ته ملان، مستاني کي چيو؛ ”مستانه، هي ڇاپر ته جھل!...کيسا هلڪا ڇو ٿا لڳن.“
مستاني ڇاپر جهليا. ملان ساڄي پاسي واري کيسي ۾ هٿ هنيو ته ڪاريءَ وارا ڪک. وري جو کاٻي واري ۾ هٿ هنيائين ته هٿ کيسي مان ٻاهر نڪري آيس. رڙ نڪري ويس، ”اڙي! هي ڇا!؟“
پوءِ سونهاري تي هٿ ڦيرائيندي گھري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ آخر ۾ نتيجو اهو ڪڍيائين، ته؛ ”پڪ سان اهو ميلو، سندس پئسن ڪڍڻ لاءِ لڳرايو ويو هوندو. ان سڄي سازش ۾ آمريڪا جو هٿ به ٿي سگھي ٿو. ٿي سگھي ٿو، ته مستانو ئي آمريڪي ايجنٽ هجي.“

1 comment:

  1. A visit to a village fair (Mela), along with my friend Engineer Abdul wahab Sahito at TalukaSijawal Junejo, District Qambar- Shahdad kot.

    ReplyDelete